بلاگنئون

مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو تنقيدي جائزو

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو ناول زينت سنڌي ۾ لکيل چند اوائلي ناولن مان ھڪ آھي. مرزا صاحب ھي ناول سال 1890 ۾ لکيو ۽ 1899 ۾ سکر مان شايع ڪرايو.  يعني ھي ناول آزادي کان به تقريبن 57 سال اڳ لکيو ويو. ھن ناول لکجڻ سان سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف به اسرجڻ لڳي ۽ اڄ تائين پراڻا توڙي نوان اديب ۽ لکاڙي ھن صنف ۾ طبع آزمائي ڪري رھيا آھن. تاريخي حساب سان ھن ناول جي تمام گھڻي اھميت آھي، پر ھن ناول بابت ڪافي ماڻھن پنھنجي طرفان ڪجھه اھڙيون ڳالھيون ڪيون آھن جيڪي مرزا صاحب جي ناول بابت مختلف شڪ شبھا پيدا ڪنديون رھيون آھن.  جيئن عرساڻي صاحب پنهنجي ڪتاب “چار مقالا” ۾ لکيو هو ته زينت ناول “صحت النساءِ” ڪتاب تان نقل ٿيل آھي، پر عرساڻي صاحب نه ان جو ڪو حوالو ڏنو نه ئي اڳتي ڪجهه لکيو. اھڙو خيال سائين اڪبر لغاري صاحب جو پڻ آھي ڇو جو ڪجھه ڏينھن اڳ انھن ھڪ فيسبوڪ پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته “مرزا صاحب جو ناول زينت اردو ناول “صحت النساءِ” تان ماخذ ٿيل آھي”، پر منھنجو خيال عرساڻي صاحب ۽ لغاري صاحب جي خيالن جي بلڪل برعڪس آھي. زينت بلڪل اصلوڪو ناول آھي جنھن ۾ زينت ۽ ان جي خاندان جي ڪھاڻي ڏاڍي زبردست نموني اڻيل آھي. جڏھن ته صحت النساءِ ھڪ مضمونن جو ڪتاب آھي. جيڪو سيد عزيزالدين سال 1911 ۾ دھلي مان ڇپرايو. صحت النساءِ ڪتاب دراصل عورتن جي تندرستي ۽ پوشيده يا عورتاڻين بيمارين متعلق آھي. زينت ۽ صحت النساءِ ۾ ڪا به ھڪجھڙائي ناھي. ان ڪري اھو چوڻ حق بجانب آھي ته زينت ھڪ اصلوڪو ناول آھي ۽ ڪنھن به ٻئي ڪتاب تان ماخذ يا نقل ٿيل ناھي. ھاڻي آئون  ھن ناول جي سرسري ڪھاڻي لکڻ چاھيان ٿو ته جيئن جن ماڻھن ھي ناول نه پڙھيو آھي، اھي ھن ناول جي مجموعي ڪھاڻي کان واقف ٿين.

ھن ڪھاڻي جو تعلق سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومتي دور سان آھي ۽ ھي ڪھاڻي دراصل حيدرآباد جي پسگردائي جي ٻن عزتدار مسلمان خاندانن جي ڪھاڻي آھي. ھڪ  خاندان آھي سرائي فتح محمد خان جو ۽ ٻيو خاندان آھي علي نواز خان جو جيڪو دراصل ترڪ نسل جو ماڻھو آھي، پر سنڌ ۾ ميرن وٽ ملازمت ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آباد ٿي وڃي ٿو. مرزا صاحب ھن ڪھاڻي ۾ ڏيکاريو آھي ته سرائي فتح محمد خان ۽ علي نواز خان وفات ڪري ويل آھن. ٻنھي جي گھرن جي سربراھي انھن جي بيواھن جي ھٿن ۾ آھي. سرائي فتح محمد جي گھر واري جو نالو مائي شھربانو آھي جنھن کي زينت بانو نالي ھڪ ڌيءَ ۽ حامد نالي ھڪ پٽ آھي. ھي ٻئي ٻار ننڍي عمر جا آھن جو انھن جو پي فوت ٿي وڃي ٿو. گھر جو ونھوار سندن ماءُ پنھنجي مڙس جي ماھوار پينشن مان ھلائي ٿي. اھڙي طرح علي نواز خان جي گھر واري جي نالو جان بيبي آھي ۽ ان کي علي رضا نالي ھڪ پٽ آھي. ٻئي روايتي پرده نشين عزت وارا مسلمان خاندان آھن. انھن جو پٽاڻو اولاد رسمي تعليم مڪتب ۾ پرائي ٿو جڏھن ته زينت گھر ۾ ئي قرآن، عربي ۽ فارسي پڙھي ٿي. ٽئي ٻار ڏاڍا سلجھيل ۽ سلڇڻا آھن. ھنن ٻنھي خاندان جو وڏن کان وٺي ھڪ ٻئي سان اچڻ وڃڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو رستو آھي. مڪتب ۾ پڙھڻ جي ڪري حامد ۽ علي رضا جي دوستي وڌيڪ مضبوط ۽ گھري ٿي وڃي ٿي. ٻار اڄ ننڍا، سڀاڻي وڏا ۽ نيٺ جوان ٿيڻ لڳن ٿا ته انھن جي مائٽن کي انھن جي شادي جو چِنتو لڳي ٿو.

مائي شھر بانو جيڪا ان دور جي ھڪ روايتي پرده نشين عورت آھي، پنھنجي بختاور نالي نوڪرياڻي سان صلاح مصلحت ڪري ٿي ۽ ان جو خيال آھي ته ھوءَ الھداد نالي پنھنجي ڀاءَ سان ڏيتي ليتي تي زينت جي مِٽي ڪري، پر سندس ڀاءُ جو اميد علي نالي پٽ اڻپڙھيل ۽ گونگو آھي. جڏھن ته الھداد جي ڌيءَ پڻ ٽن ورھين جي آھي. اھڙي طرح شھربانو کي پنھنجي پاڙي جا وڪيل محمد رمضان  ميربحر ۽ سيٺ گل محمد ميمڻ پڻ زينت سان شادي لاءِ سُجھن ٿا. اھي ٻئي ھمراهه پڻ زينت سان شادي جي لالچ تي شھربانو کي وقتن فوقتن سوکڙيون پاکڙيون پڻ ڏيندا رھن ٿا. محمد رمضان وڪيل اڳ ۾ شادي شده به آھي ته شراب جي لت به لڳل اٿس. شھربانو جي چوڻ تي بختاور، زينت سان اھڙي ڳالھه چوري ٿي. زينت انھن رشتن ۾ راضپو نه ٿي ڏيکاري. ھن جو خيال آھي ته سندس مڙس پڙھيل لکيل، شريف ۽ روشن خيال ھجي. اھڙو جواب ملڻ تي شھربانو چوي ٿي ته “انگريزي آئي، مائٽن جي مرضي وئي”.

ھوڏانھن جان بيبي کي به علي رضا جي شادي جي ڳڻتي لڳي ٿي، پر علي رضا ڪنھن به رشتي تي راضي نه ٿو ٿئي. اڳتي ھلي جان بيبي علي رضا سان زينت جي رشتي جي ڳالھه ڪري ٿي جنھن تي علي رضا راضپو ڏيکاري ٿو ڇو ته ھو ڪنھن بھاني ھڪ دفعو زينت کي ڏسي چڪو آھي، پر جان بيبي کي اھو خدشو آھي ته جيئن ته اھي شھربانو جي رت جي رشتي ۾ ناھن ته پوءِ اھو رشتو ڪيئن ٿيندو. گھڻي سوچ ويچار کانپوءِ جان بيبي، شھربانو کان زينت جي رشتي جي گھر ڪري ٿي. زينت علي رضا جا گڻ ڏسي شادي لاءِ راضپو ڏيکاري ٿي ۽ ائين علي رضا ۽ زينت جي شادي ٿي وڃي ٿي، پر جيئن ته زينت ۽ علي رضا پڙھيل لکيل آھن، اھي شادي ۾ روايتي ريتون رسمون ڪرڻ کان مائٽن کي روڪين ٿا. جنھن جي ڪري انھن جي مائٽن ۾ وِسوسا پون ٿا. جڏھن ته ڌارين ۾ سڱ ڏيڻ تان شھربانو جا مٽ مائٽ ھن سان ناراض ٿي وڃن ٿا.

شادي کان پوءِ علي رضا پنھنجي قسمت آزمائڻ لاءِ ممبئي وڃي ڪمائڻ جو ٿو سوچي ۽ زينت پڻ ان ڳالھه سان ڪو اعتراض نه ٿي واري. پورو خاندان آگبوٽ ۾ ممبئي لاءِ روانو ٿئي  ٿو. دوران سفر، رات جو جڏھن آگبوٽ جا سڀ ماڻھو ستا پيا آھن ته زينت پاڻي پيئڻ لاءِ اٿي ٿي، پر آگبوٽ جي تختي سميت سمنڊ ۾ ڪري پوي ٿي. صبح ٿيڻ تي زينت کي غائب ڏسي علي رضا ۽ ان جي ماءُ جان بيبي تمام گھڻو پريشان ٿين ٿا، پر ڪري به ڇا ٿا سگھن؟ ھو ان کي رب جي رضا سمجھي ممبئي پھچن ٿا. ڪجھه عرصي ۾ علي رضا صاحبلوڪن (انگريز امير) وٽ نوڪري ڪري وڏو نالو ۽ ججھو پئسو ڪمائي ٿو ۽ زينت کي وساري ھو ٻي شادي ڪري ٿو.

ھوڏانھن زينت کي ٻيڙين وارا مھاڻا بچائي وجھن ٿا. اھي زينت کي مھاڻن جي نيڪ مرد صديق مھاڻي جي حوالي ڪن ٿا جيڪو ڪڇ جي علائقي جو آھي. صديق زينت کي پنھنجي نياڻن وانگر رکي ٿو. پوءِ ڪجھه عرصي کانپوءِ زينت صديق جي صفوران نالي ڀيڻ سان ڀڄ شھر رھڻ لاءِ وڃي ٿي. رستي تي ھيبت نالي ھڪ چور ۽ ان جو ٽولو زينت ۽ صفوران کان ڦر ڪري ٿو، پر ھو حسين ۽ جوان ھجڻ جي ڪري ھيبت ۽ ان جي ٽولي جا ھمراهه زينت کي اغوا به ڪري وڃن ٿا. ھيبت زينت کي پنھنجي گھر واري جي حوالي ڪري ٿو ۽ ھيبت جي نڪري وڃڻ کانپوءِ انجي گھر واري اھو سمجھي ٿي ته متان ھيبت ھن سان شادي ڪري، زينت کي ڀڄي وڃڻ جو رستو ڏئي ٿي. ائين زينت صفوران جي ٻڌايل ڏس پتي تي ڀڄ شھر پھچي ٿي جتي ھوءَ پوليس جي ھڪ سپاھي جي ھٿ چڙھي وڃي ٿي جيڪو ھن کي صفوران جي ڏسيل گھر جي پتي جي بدران پنھنجي بدڪردار جمعدار جي گھر وٺي وڃي ٿو. بھرحال ڪنھن طريقي سان زينت اتان به نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ۽ صفوران کي ڳولي لھي ٿي. ھوءَ ان عرصي دوران ھڪ پٽ کي جنم ڏئي ٿي جنھنجو نالو ھوءَ محبوب رکي ٿي. ھوءَ پنھنجي ڀاءُ ۽ مڙس ڏانھن خط لکي پنھنجي زنده ھجڻ بابت اطلاع ڏئي ٿي. مڙس کي خط انڪري نه ٿو مليس ته ھو ممبئي واري ڦول گلي ڇڏي ٻئي ھنڌ رھي ٿو جڏھن ته ڀاءُ لاءِ لکيل خط حيدرآباد دکن ھليو ٿو وڃي. ھوءَ مايوس ٿي ڀڄ ۾ ملازمت ڪرڻ لڳي ٿي ۽ مڙس جي تانگهه لڳڻ ڪري ھو ممبئي ھلي ٿي وڃي جتي ھوءَ چوري جي ڪوڙي الزام ۾ جيل ۾ ھڪ مھيني جي سزا ڪاٽي ٿي. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ھوءَ ممبئي ۾ ھڪ شريف گھراڻي ۾ ملازمت ڪرڻ لڳي ٿي. اھڙي طرح ملازمت ڪندي ڪندي ھوءَ علي رضا جي گھر ملازمت پڻ حاصل ڪري ٿي جتي ھوءَ زينب نالو سڏرائي ٿي. علي رضا ۽ سندس خاندان وارا ھن کي  سڃاڻي ڪون ٿا سگھن. ان عرصي دوران علي رضا جي گھر واري گذاري وڃي ٿي ۽ موقعو وٺي، زينت خط ذريعي علي رضا کي پنھنجي اصليت ۽ پورو احوال لکي ٿي. اھڙي طرح ھوءَ علي رضا ۽ ان جي خاندان سان ٻيھر ملي ھڪ  خوش زندگي گذارڻ لڳي ٿي.

ممبئي ۾ علي رضا زينت کي زنانه عورتن جو ھڪ اسڪول کولي ڏئي ٿو جتي مسلمان ڇوڪرين کي تعليم سان گڏ ھنر ۽ قرآن ۽ عربي، فارسي جي تعليم ڏني وڃي ٿي. ھن اسڪول جي ڪري زينت ھندستاني ٻولي تي به مھارت حاصل ڪري ٿي ۽ وڏو نالو ۽ پئسو ڪمائي ٿي.  ان دوران زينت کي ھڪ ٻيو پٽ به ڄمي ٿو. جنھن جو نالو منصور رکيو وڃي ٿو. ٻار اڄ ننڍا، سڀاڻي وڏا. انھن جي وڏي ٿيڻ تي علي رضا انھن کي اعليٰ تعليم لاءِ ولايت موڪلي ٿو جتي محبوب باليسٽري (بئريسٽري) ۽ منصور ڊاڪٽري پڙھن ٿا.

علي رضا سنڌ وانگر ممبئي ڇڏي ترڪستان وڃي ڪمائڻ چاھي ٿو. زينت پڻ ان جي صلاح مڃي ٿي. ائين ھو ترڪستان جي سلطان وٽ نوڪري ڪرڻ لڳي ٿو ۽ اتي وڏو نالو ڪمائي ٿو. علي رضا ڪافي سال سلطان جي نوڪري ڪري ٿو ۽ وزير جيترو عھدو ماڻي ٿو. ان دوران ھو سلطان خلاف ٿيندڙ سازشون ناڪام ڪري سلطان جي زندگي ۽ سلطنت بچائي ٿو. ان عرصي دوران سندس پٽ محبوب باليسٽر ٿي ممبئي اچي پنھنجي پيشي ۾ وڏو نالو ڪمائي ٿو ۽ پنھنجي انگريز زال سان گڏ رھڻ لڳي ٿو. ھوڏانھن علي رضا به پيري جي عمر کي پھچي ٿو ۽ سلطان کان اجازت وٺي اچي محبوب سان ممبئي رھڻ لڳي ٿو، پر سندن ننھن ۽ پٽ پنھنجي خيال وارا ماڻھو آھن جيڪي دين کان گھڻو پري آھن، جيڪا ڳالھه علي رضا کي بري لڳي ٿي. انھن اختلافن جي ڪري علي رضا ۽ زينت پٽ جو گھر ڇڏي الڳ رھن ٿا ۽ پوءِ واپس حيدرآباد اچي رھڻ لڳن ٿا. جڏھن ته زينت جي ماءُ ۽ ڀاءُ گذاري وڃن ٿا.

ھوڏانھن منصور پنھنجي پڙھائي پوري ڪري پيءَ جي چوڻ تي ترڪستان ۾ ڊاڪٽري سان گڏ سلطان جي  نوڪري ڪري ٿو. جڏھن ته محبوب پنھنجي انگريز زال سان اڻبڻت ڪري ان کي طلاق ڏئي شريف گھراڻي جي مسلمان عورت سان شادي ڪري ٿو. مجموعي طور علي رضا جو اولاد تمام خوش زندگي گذاري ٿو. ناول جي اختتام تي اھو ڏيکاريو ويو آھي ته محبوب ممبئي ۽ منصور ترڪستان ڇڏي پيءُ ماءُ جي خدمت ڪرڻ لاءِ حيدرآباد اچي رھن ٿا ۽ ڪجھه زمين پڻ خريد ڪن ٿا جتي سندن پيءُ باغ وغيره تيار ڪري ٿو. زمين تي ھڪ ننڍڙو بنگلو پڻ ٺھرائين ٿا جتي زينت ۽ علي رضا رھن ٿا. پاڻ ڀائر حيدرآباد مان ڪراچي لڏي وڃن ٿا. ڪجهھ عرصي ۾ علي رضا ۽ زينت گذاري وڃن ٿا ۽ ناول پنھنجي اختتام تي پڄي ٿو.

جيئن ته آئون عرض رکي چڪو آھيان ته ھي ناول سنڌ جي اوئلي ناولن منجھان ھڪ ناول آھي. تنھنڪري ھن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ اسان کي ان دور جي مروج شين کي ڏسي ڪري پوءِ ناول جي فني پاسن تي ڳالھائڻو پوندو. ھن ناول جو اصل ڪمال اھو آھي ته ھي ناول جي صنف ۾ سنڌي ٻولي ۾ لکجندڙ صرف ٻيو ناول ھو. ھن کان اول مرزا صاحب دلارام نالي ناول 1888 ۾ لکي چڪو ھو. ھن ناول جي خوبين تي جيڪڏهن ڳالھائجي ته مرزا صاحب ھي ناول وڏي مھارت سان لکيو آھي ۽ ناول جي ڪھاڻي اھڙي طرح اڻيل آھي جو شروع کان وٺي آخر تائين ھڪ نه ٽٽندڙ تسلسل سان ھلي پنھنجي پڄاڻي تي پھچي ٿي. پوري ناول کي اھڙي طرح جڙيو ويو آھي جيئن ڪا موتين جي مالھا مڙھبي آھي. ٻين لفظن ۾ جيڪڏھن ائين کڻي چئجي ته ناول ۾ اڻت جي حساب سان ڪو به جھول ناھي. مونکي اسان جي دور ۾ لکيل جديد ناولن ۾ ھينئر تائين اھڙي قسم جي اڻت ڪنھن به ناول ۾ نه ملي آھي جھڙي اڻت زينت ناول جي آھي.

ھن ناول جي ڪردارنگاري، منظرنگاري يا مڪالمن تي جيڪڏهن ڳالھائجي يا ڏسجي ته ھن ناول ۾ تمام گھڻا ڪردار آھن، پر زينت ۽ علي رضا جا ڪردار ناول جا جاندار ۽ مرڪزي ڪردار آھن ۽ زينت کان وڌيڪ مضبوط ۽ جاندار ڪردار علي رضا جو آھي. ناول جو گھڻو تڻو حصو زينت جي بدران علي رضا تي ھلي ٿو خاص ڪري ممبئي کان وٺي ترڪستان تائين ملازمت ۽ فيصلا علي رضا ٿو ڪري يا ڪھاڻي علي رضا جي ارد گرد ٿي ڦري جڏھن ته زينت پسپرده ھلي ٿي وڃي. حالانڪه ھوءَ ته ناول جو مرڪزي ڪردار آھي. جيئن ته ھي اوائلي ناول آھي. تنھنڪري ھن ۾ منظرنگاري ۽ مڪالما بلڪل نه ھئڻ جي برابر يا آھن ئي ڪون. ھن ناول کي جديد ناول جي صنفي تقاضائن مطابق نه ڏٺو يا پرکيو وڃي.

ھن ناول جي ٻولي تمام شاندار ۽ جاندار آھي جنھن کي اسان ٺيٺ سنڌي ٻولي چئي سگھون ٿا. ناول پڙھڻ دوران ڪٿي به اھو محسوس نه ٿيو ته ھي ڪا پراڻي ٻولي آھي يا ٻولي ۾ ڪو وڏو ڦيرو آيو آھي. ناول پڙھڻ دوران تمام ٿورا لفظ اھڙا ھئا جيڪي اسانجي ھاڻي واري ٻولي ۾ مروج ناھن. باقي اڄ وارن عالمن خاص ڪري ڊاڪٽر مظھرالحق صديقي وانگر مرزا صاحب ڪٿي به انگريزي لفظ ناھن استعمال ڪيا. مرزا صاحب لفظن جي چونڊ، محاورن جو استعمال وڏي سادگي سان ڪيو آھي. سڌي سليمي ٺيٺ سنڌي ٻولي آھي، جيڪا 136 سالن جي عرصي گذري وڃڻ باوجود به پراڻي نه ٿي لڳي. مونکي حيرت ان ڳالھه تي آھي ته اسان وارا جديد ڏاھا ڪھڙي سبب جي ڪري  سنڌي لکڻين ۾ انگريزي ٻولي جا بيحساب لفظ استعمال ڪندا آھن؟ مرزا صاحب ھڪ پڙھيل لکيل وڏي عھدي وارو ماڻھو ھو جنھن انگريز دور ۾ ويھي ڪري لکيو، پر لکيو نج سنڌي ٻولي ۾. پوءِ اسان وارن ڏاھن کي نج سنڌي لکندي ڪھڙو نانگ ٿو کائي؟

ھن ناول ۾ مونکي جيڪو جھول نظر آيو سو اھو آھي ته دراصل ناول اڻيل ته تمام بھترين آھي، پر ھن ۾ ھڪ نه پر ٻه ڪھاڻيون آھن. ھڪ ڪھاڻي زينت جي آھي جيڪا شروع کان ھلي زينت جي ممبئي ۾ علي رضا سان ملڻ تي ختم ٿئي ٿي. بلڪل اتان علي رضا جي ڪھاڻي شروع ٿي ٿئي ۽ آخر تائين ھلي ٿي. توڙي جو وچ ۾ زينت ٿورو ٿورو ظاھر ٿئي ٿي، پر نه ھئڻ برابر، پر زينت جي علي رضا سان ملڻ کانپوءِ مڪمل طور تي ڪھاڻي علي رضا جي آھي. ائين چوڻ نامناسب نه ھوندو ته ناول جي اڌ تائين زينت ۽ اڌ کانپوءِ علي رضا جي ڪھاڻي آھي. اھو بلڪل ائين آھي جيئن زيب سنڌي جو ناول سيتا زينب آھي جنھن ۾ ٿوري ڪھاڻي سيتا جي باقي اسٽيشن ماسٽر عابد علي جي آھي، پر ناول جو نالو سيتا زينب آھي. سيتا زينب تي تجزيو آئون اڳ ۾ لکي چڪو آھيان جيڪو ھمسري جي فيسبوڪ پيج تي پيل آھي، تنھنڪري وڌيڪ لکڻ مناسب نه ٿو لڳي.

ھن ناول کي شروع کان آخر تائين مسلماني رنگ ڏنل آھي. مطلب ته اخلاقيات جو پھلو به مسلماني سوچ سمجھه مطابق آھي. ھي اھو دور ھو جنھن ۾ سنڌ ۾ اڪثريت يا گھڻائي سنڌي ھندو ماڻھن جي ھئي. ناول ممبئي تائين وڃي ٿو، پر اتفاق سان ڪو به ھندو سٺو يا خراب ڪردار نظر نه ٿو اچي. ھن ناول پڙھڻ سان ٻين مذھبن خاص ڪري عيسائي مذھب  خلاف نفرت جي بوءِ اچي ٿي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته عيسائين يا ٻين مذھب وارن کي بدڪردار ۽ غير مھذب سمجھيو ويندو ھو. ھن ناول ۾ سنڌ کي ملڪ ڪري ته لکيو ويو آھي، پر قوميت جو تصور ٻولي ۽ جاگرافي جي بدران مذھب جي بنياد تي محسوس ٿئي ٿو. مسلمانن کي ھڪ قوم سمجھي ڪري پيش ڪيو ويو آھي. جڏھن ته ناول ۾ سنڌي قوم جو ڪو به ظاھري تصور ناھي. ناول ۾ جيڪڏهن ڪو ھڪ ٻه سنڌي ھندن جا ڪردار ھجن ھا ته اسانکي ان وقت جي سڀني سنڌين جي پاڻ ۾ سماجي تعلقن جي خبر پوي ھا. ھن ناول ۾ مذھبي عنصر نمايان آھي.

حقيقت اھا آھي ته مون مرزا صاحب جي زندگي تي گھڻو ناھي پڙھيو. بس ٿورو گھڻو پڙھيو ۽ واتي ويڻي ڪجھه ٻڌو ھوندو، پر ھن ناول ۾ مونکي ناول مان ڪجھه آتم ڪٿائي جھلڪ محسوس ٿئي ٿي. علي رضا جو جيڪو ڪردار آھي ان ۾ مرزا صاحب جي تعليمي، سماجي، سياسي ۽ مذھبي جھلڪ نظر اچي ٿي. مرزا صاحب علي رضا جي ڪردار کي اھڙو بي داغ ۽ مڪمل ڪردار بڻايو آھي جيڪو نه حقيقي ۽ نه ئي افسانوي زندگي ۾ ھوندو آھي. افسانوي دنيا ۾ ته ھيرو کي ڪا نه ڪا خامي ھوندي ئي ھوندي آھي. زينت جو ڪردار به اھڙو ئي بيداغ ڪردار آھي. مرزا صاحب وانگر علي رضا به ھر ڳالھه ۽ علم جلدي سمجھي وڃي ٿو ۽ وڏن وڏن عھدن تي پھچي ٿو. بھرحال، مونکي علي رضا بيگ جي ڪردار ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب پاڻ ٿو نظر اچي.

باقي ان دور جي حساب سان ناول جي ڪھاڻي پڙھڻ کانپوءِ  مسلمانن جي رھڻي ڪھڻي، سماجي تعلقات ۽ قدر، مٽيون مائٽيون ڪرڻ، پردي جي رسم، عورت جي عزت ۽ ٻين حالتن جي خبر پوي ٿي. سٺا ماڻھو ڪيترن ئي مصيبتن يا امتحانن کي منھن ڏئي ڪري به سٺا رھندا آھن. جيئن زينت ۽ علي رضا جا ڪردار آھن، پر ڪجھه ماڻھو سٺن ماڻھن کان منھن موڙڻ جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آھن، جيئن زينت جو ڀاءَ حامد ھو جيڪو علي رضا جي ممبئي وڃڻ کانپوءِ اڻ سڌريل، موالي ۽ چور ٿي ويو ۽ بي موت مري ويو. جڏھن ته زينت ڪيترين ئي مصيبتن کي منھن ڏئي به پنھنجو ايمان سلامت رکيو. سو ھي ناول آھي ان دور جي مسلمانن جي اخلاقي قدرن بابت!! .

باقي ھن ناول جي اصلوڪي يا ماخذ ھئڻ بابت جيڪو بحث آھي، ان لاءِ آئون تفصيل سان مٿي لکي آيو آھيان ۽ بس ايترو چوندس ته سيد عزيزالدين جي لکيل مضمونن جو ڪتاب صحت النساءِ عورتن جي پوشيده زنانين بيمارين جي باري ۾ حڪمت جي موضوع تي لکيل ڪتاب آھي جنھن ۾ ڪافي مضمون آھن جيڪي عورتن جي مختلف بيمارين ۽ انجي علاج بابت ڏس ڏين ٿا. ان بحث لاءِ مون اڌ ڪتاب پاڻ به پڙھي تسلي ڪئي ته مرزا صاحب جو ناول ان ڪتاب صحت النساءِ تان بلڪل به ناھي کنيل. ھي ھڪ اصلوڪو ناول آھي جنھن جي لاءِ مرزا صاحب جس لھي.