سنڌ، جيڪا محبت، انسانيت ۽ ثقافت جي ڌرتي سڏي ويندي آهي، اڄ ان ئي ڌرتيءَ تي معصوم ٻارڙا درندن جي هٿان جنسي زيادتي ۽ بيدرديءَ سان قتل جو شڪار ٿي رهيا آهن. روزانو ڪنهن نه ڪنهن شهر يا ڳوٺ مان اهڙيون دل ڏکوئيندڙ خبرون اچن ٿيون، جن ۾ ڪڏهن ڪنهن معصوم نينگريءَ سان زيادتي ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن ڪنهن بي گناھ نينگر کي اغوا ڪري ان سان زيادتي کانپوءِ کيس قتل ڪيو وڃي ٿو. اهو الميو هاڻي سنڌ لاءِ هڪ عام خبر بڻجي ويو آهي، پر هر اهڙي خبر انساني سماج جي ضمير کي لوڏي ڇڏي ٿي. تازو 2 ڏينهن اڳ سنڌ جي شھر ميرپورخاص جھلوري ۾ پيش آيل واقعو سڄي سنڌ جي روح کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. اٺن سالن جي معصوم نينگري آمنا سان جنسي زيادتي ۽ بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ جو واقعو نه رڳو هڪ گهر جو الميو آهي، پر سڄي سماج جي شرمناڪ ناڪامي آهي. آمنا جي والد جو اهو جملو ته “جيڪڏهن پوليس وقت سر قدم کڻي ها ته مون کي پنهنجي ٻچڙي جو لاش نه ملي ها” سڄي نظام لاءِ چُڀندڙ سچ آهي. پوليس جي نالي ماتر ڪارروائي ۽ نمائندن جو رڳو بيانن تائين محدود رهڻ ثابت ڪري ٿو ته سنڌ ۾ انصاف لفظي نعرو بڻجي ويو آهي.
ساڳيءَ طرح رتوديرو لاڙڪاڻو مان به هڪ دل ڏاريندڙ خبر سامهون آئي، جتي پيپلزپارٽي جي مرڪزي قيادت واري تڪ ۾ ٽن ورهين جو معصوم نينگر حسنين حاجاڻو اغوا ٿيڻ کانپوءِ بيدرديءَ سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو ۽ سندس لاش سم نالي مان هٿ آيو. هي واقعو نه رڳو هڪ ٻار جو قتل آهي، پر سماج جي روح جو به قتل آهي. چار ڏينهن اڳ کيس اغوا ڪيو ويو، ان واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج هجڻ باوجود پوليس، ٻار کي نه بچائي سگهي. اهڙا واقعا ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ نه معصوم ٻار محفوظ آهن، نه عورتون، نه انصاف. اهي ٻه واقعا سنڌ جي سماجي ۽ قانوني نظام جي اها تصوير ڏيکاري رهيا آهن، جتي ظلم ڪندڙ ڏوهاري آزاد گهمن ٿا ۽ متاثر خاندان انصاف لاءِ دربدر ٿين ٿا. سوال اهو آهي ته آخر سنڌ ۾ ٻارن تي جنسي تشدد جا واقعا ايتري تيزي سان ڇو وڌي رهيا آهن؟ اصل مسئلو سماجي بي حسي، قانوني ڪمزوري، پوليس جي لاپرواهي ۽ انصاف ۾ دير آهي. جڏهن ڪو ڏوهاري قانون جي گرفت کان بچي وڃي ٿو ته ٻيا ڏوهاري وڌيڪ همت سان اهڙا ڏوھ ڪرڻ لڳن ٿا. ڪيترائي ڪيس ته رپورٽ ئي نٿا ٿين، ڇو ته متاثر خاندان شرم، خوف يا دٻاءُ سبب خاموش ٿي وڃن ٿا، اهڙي خاموشي ئي درندن جي همت وڌائي ٿي.
ٻارن تي جنسي تشدد جو وڌڻ رڳو هڪ عدالتي يا پوليس جو مسئلو ناهي، اهو هڪ سماجي الميو آهي، جنهن جي پاڙ اڻڄاڻائي، بي شعوري ۽ اخلاقي زوال ۾ پيل آهي. والدين کي به هاڻي پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻي پوندي ته ٻارن کي سيکارين ته اهي ڪنهن به غلط روين، ڇُهڻ يا اجنبي جي ڳالهين تي والدين کي فوري طور اطلاع ڏين. نصاب ۾ به اهڙي شعور بابت سبق لازمي هجڻ گهرجن ته جيئن ٻار پنهنجي عزت ۽ حفاظت جي اهميت بابت سمجهن. هاڻي حڪومت لاءِ وقت آهي ته هو رڳو بيان نه، پر عملي قدم کڻي. اي ٽي سي عدالتن ۾ پڻ ٻارن سان زيادتي ۽ قتل جا ڪيس تڪڙا ٻڌڻ گهرجن. ڏوهارين کي سخت ۽ عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن. پوليس کي لاپرواهيءَ تي معطل ڪرڻ بدران اهڙن ڪيسن ۾ سڌي ذميواري مقرر ڪرڻي پوندي. حڪومت کي اهو يقين ڏيارڻو پوندو ته سنڌ ۾ ڪنهن به معصوم جي رت سان راند نه ٿيندي. سماجي تنظيمون ۽ ميڊيا به پنهنجو ڪردار نڀائين. ميڊيا کي صرف خبر ڏيڻ نه، پر شعور پيدا ڪرڻ گهرجي. هر ڪيس کي انساني درد ۽ قانوني مطالبن سان اجاڳر ڪرڻ گهرجي. اديب، ليکڪ ۽ شاعر به پنهنجي قلم وسيلي سماج ۾ حساسيت پيدا ڪن. اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻو پوندو ته سنڌ جي ٻارن جي زندگي ۽ عزت جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين ته سڀاڻي هر گهر جو ٻار خطري ۾ هوندو. سنڌ جي ڌرتيءَ کي انهن ٻارن جي مرڪ سان جڙيل رکڻو آهي، نه ته ظلم جي خاموشيءَ سان هيءَ ڌرتي بي رونق ۽ بي روح ٿي ويندي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هر درندي، هر ظالم ۽ هر بي حس اهلڪار کي قانون جي آڏو آندو وڃي. معصوم آمنا ۽ حسنين لاءِ انصاف رڳو هڪ ڪيس نه، پر سنڌ جي ضمير جو امتحان آهي. اسان سڀني کي گڏجي ان ڳالهه تي متفق ٿيڻ گهرجي ته سنڌ ۾ ڪنهن به ٻار تي ظلم اسان سڀني جي خاموشيءَ جو نتيجو آهي ۽ اها خاموشي هاڻي ٽوڙڻي پوندي. جڏهن اهو شعور هر گهر ۾ پيدا ٿيندو، تڏهن ئي سنڌ جا ٻار محفوظ رهندا ۽ سندن مرڪون هميشه لاءِ برقرار رهنديون!