بلاگنئون

حضرت انسان

انسان هڪ معمولي ۽ ڊڄڻي مخلوق جي درجي مان سڀني مخلوقن کي پنهنجي ٻوليءَ جي وسعت، گڏيل تعاون ۽ هڪ ٻئي تي انحصاري وسيلي “اشرف المخلوقات” ۽ “سياڻي انسان” (Homo Sapiens) جي درجي ماڻڻ تائين پهچي چڪو آهي. يقينن سندس ارتقا جو اهو سفر شاندار رهيو آهي ۽ شايد اهوئي سندس عروجي دور آهي. ڇو ته سندس مفاد پرستي هاڻي ان درجي تي پهچي چڪي آهي جتي نه رڳو سندس انسان- پسنديت (Humanism) جي بنياد تي بيهاريل اعليٰ اخلاقيات، آدرشي اصولَ، فلسفا ۽ نظريا مستقبل جي هٿرادو ذهانت (Artificial Intelligence) جي بي رحم وهڪري ۾ وهي ويندا، پر فطرت سان وڏي پيماني تي هٿ چراند سبب سندس توڙي هن ڌرتيءَ جي وجود کي پڻ اڻ ڳڻيا خطرا لاحق ٿي چڪا آهن. هي مضمون حضرت انسان جي ترقي جي سفر ۾ ڪاميابين، ناڪامين ۽ وجودي خطرن جو مختصر احاطو ڪري ٿو. ڪنهن وقت ۾ ماڻهو جو ڪو مخصوص ٺڪاڻو ئي نه هو؛ هن جي مٿان بي رحم ماحول ۽ فطرت يعني انتهائي گرمي/ٿڌ/اونداهي/برسات/طوفان سميت جهنگلي جانورن، زهريلن جاندارن توڙي مخالف قبيلن جي پاڻ جهڙن ماڻهن طرفان ٿيندڙ اوچتي حملي جي تلوار هر لمحي ٽنگيل رهندي هئي، وجودي ۽ نسلي خطرو هر وقت سندس ڪڍ هوندو هو. نتيجي ۾ هو هڪ کان ٻي جاءِ تائين احتياط سان سفر ڪندي، کائڻ لائق ٻوٽن (ميون، ٻجن، ڀاڄين وغيره) کي کائيندي ۽ مختلف جاندارن کي شڪار ڪندي، پنهنجا نت نوان تجربا ۽ هنر سکندي، مناسب ماڳ تي مناسب وقت تائين ترسندي اڳتي وڌندو رهندو هو. هُو مخصوص موسمن ۽ حالتن ۾ مخصوص علائقن ڏانهن کاڌي حاصل ڪرڻ ۽ سولائي سان نسل وڌائڻ لاءِ واپس پيو ورندو هو.

پٿر جي دور جو ماڻهو چند ميٽر پري تائين ڪنهن حملي آور جانور کي ڀڄائڻ يا ڪنهن شڪار تي پٿر جو ٺيڪ نشانو چٽڻ وڏي ڪاميابي سمجهندو هو، اڄ هُو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن به ماڳ توڙي ماڻهوءَ کي خودڪار ميزائلن ۽ ڊرونن سان ٺيڪ نشانو ٻڌي تباهه ڪرڻ کي به ڪا وڏي ڳالهه نٿو سمجهي، ڇو ته سندس عقابي اک ۽ خودڪار راڪيٽ ڌرتيءَ جي حدن کان ڏور چنڊ ۽ مريخ تائين مار ڪري چڪا آهن! تازو ئي آمريڪا جي صدر اها دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ملڪ وٽ دنيا کي 150 ڀيرا نِيست ۽ نابود ڪرڻ جيترا خطرناڪ ائٽمي هٿيار موجود آهن! ماضيءَ جو ماڻهو چند سئو ميٽرن جي مفاصلي تائين پنهنجو آواز پهچائي سگهندو هو، پر اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪُرڇ اندر اٺ ارب ماڻهن سان آوازِي ۽ تصويري رابطي جو اوزار (سمارٽ فون) ٻار ٻچي جي هٿ ۾ آهي؛ افسوس اهو آهي ته ان هوندي به هو ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڪيلو بڻجي چڪو آهي! پراڻو انسان هڪ ويلي جو کاڌو کائڻ ۽ گاهه جي وڇاڻي تي ڪجھ دير ننڊ ڪرڻ تي پاڻ کي وڏو خوش نصيب سمجهندو هو، اڄ دنيا ۾ هڪ پاسي ايترو کاڌو موجود آهي جو هڪ عرب ملڪ جي دسترخوانن تي هڪ ويلي جو بچايل ۽ اُڇليل کاڌو سڄي اِٿوپيا اندر بک مرندڙ ٻارن جي مهيني جي قوت/راشن کان به وڌيڪ آهي! ڌرتيءَ جي سَياري تي حضرت انسان ئي اها واحد مخلوق آهي جيڪا فطري جبلتن جي جبر ۽ غلامي کان نڪري انفرادي شعور ۽ لاشعور جي ادنيٰ منزل کان اجتماعي شعور ۽ لاشعور جي اعليٰ منزل تائين رَسِي آهي. فلسفي، سائنس ۽ آرٽ سان واسطو رکندڙ سڀ دريافتون، ايجادون ۽ اختراعون سندس اجتماعي شعور ۽ لاشعور  جا ثمرَ آهن. بيشڪ قديم زماني ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتري مخلوق پنهنجي ٻولي جي وسعت، هڪ ٻئي سان تعاون ۽ هڪ ٻئي تي انحصاري جهڙن اعليٰ گُڻن بدولت هڪ پاسي ڌرتيءَ تي وسندڙ باقي سڀني مخلوقن کان پاڻ کي برتر يعني “اشرف المخلوقات” بڻايو آهي ته ٻئي پاسي اسان “اشرف” انسان انهيءَ آڙ ۾ انهن (ٻين مخلوقن) توڙي فطرت جي استحصال کي پنهنجو حق سمجهندا رهيا آهيون. نتيجي ۾ اڄ ڪيترن ئي جاندارن (جانورن، پکين، مڇين، جيتن ۽ هڪ گهڙري وارن جاندارن) سميت ڌرتيءَ جي آبهوا ۽ ماحول پڻ تباهي جي ڪناري تي اچي پهتا آهن.

هڪٻئي تي انحصاري مان ناجائز ۽ ناڪاري فائدو وٺندڙ بدعنوان ۽ مفت خور حڪمرانن ۽ سرمائيدارن جي ٽولي جا ظلم فقط جانورن، پکين، مڇين، جيتن ۽ ٻين جاندارن تائين محدود نه رهيا آهن، پر تقريبن هر دور ۾ اهي پنهنجي ڪمزور ۽ اڻ ڄاڻ پَٽي ڀائِي ماڻهن/انسانن (خاص طور تي ووٽرن ۽ عوام) تي پڻ جاري ۽ ساري رهيا آهن. بينڪن، ڪارپوريشنن ۽ ڪمپنين جي مالڪن/سرمائيدارن ڌرتيءَ تي موجود هر شيءِ ۽ ماڻهوءَ کي پيداواري وکر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مختلف هٿ ڪنڊن ۽ خاموشيءَ سان انهن کي پنهنجي ناڪاري مفادن ۽ مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. اها روش ايتري ته خاموش ۽ گمنام رکي وئي آهي جو عام عوام ته ٺهيو، پر روايتي پڙهيلن کي پڻ ان جو پتو ئي نٿو پوي! اهي بينڪون، ڪارپوريشنون ۽ ڪمپنيون ملازمن کان پگهارن جِي معمولي اجرت عيوض سندن عظيم خدمتن ۽ عوامي سيڙپ کي ايترو ڳجھي ۽ اثرائتي نموني پنهنجي نام نهاد ۽ ناڪاري مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿيون، جو سندن سِي. اِي. اوز (CEOs) پڻ سندن شڪاري ڄارن کي يا ته سمجهي نٿا سگهن يا وري انهن جي دام مان ڀڄي ۽ نڪري نٿا سگهن. يووال نوح هراري چواڻي اهو بلڪل ايئن آهي جو اسان پنهنجي لذيذ ناشتي ۽ مانجهاندي لاءِ اربين مُرغيون، ٻڪريون ۽ سوئر پولٽرِي ۽ ڊيري فارمن ۾ پيدا ڪري پاليندا ۽ نپائيندا هجون (انهن جي زندگي جو مقصد اسان جو جانورن سان پيار نه، پر پنهنجي کاڌي لاءِ لذيذ گوشت ۽ بيضن جي مسلسل فراهمي آهي)! هڪ پاسي سمارٽ فونن ۽ اهڙن ٻين اوزارن ۾ لڳل بايو سينسرن وسيلي توڙي اسان جي استعمال ڪئي ويندڙ هر قسم جي ڊيٽا، جيڪا بِگ ڊيٽا (Big Data) سڏجي ٿي، کي لاڳاپيل ڪمپنين طرفان پروسيس ڪري ان مان صارفين جي جڙندڙ نون لاڙن کي هٿرادو ذهانت جون ايپليڪيشنز نه رڳو محفوظ ڪنديون پيون وڃن، پر اهي ان مان انساني جذبن، احساسن، روين ۽ عملن تي ضابطو رکڻ پڻ سکنديون پيون وڃن. ٻئي پاسي بايو ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي امتزاج انسان کي ان قابل بڻائي ڇڏيو آهي ته اهي ٽِشو ڪلچر/ڪَلوننگ (Tissue Culture Cloning) ۽ نينو روبوٽس وسيلي انسانن سميت ٻين جاندارن جي جينياتي هير ڦير (Gene Editing) ۽ بيمارين کان بچاءُ وسيلي حڪمرانن، سائنسدانن ۽ طاقتور ٽولن جو هڪ اهڙو نسل پيدا ڪرڻ وڃي رهيا آهن، جيڪو روايتي ڪمزورين، بيمارين کان پاڪ هوندو ۽ سندس ذهني توڙي جسماني صلاحيتون ناقابلِ يقين حد تائين وڌيل هونديون، جنهن کي طبعي موت پڻ نه ايندو. ان ڪري اهو ضروري آهي ته حال توڙي مستقبل جي عام عوام جي وڏي پيماني تي جسماني، ذهني، جذباتي، سماجي ۽ روحاني (نفسياتي) استحصال کي روڪڻ لاءِ هر سطح تي آگاهي ڏني وڃي ۽ ان خلاف موثر قدمن کڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾ انسانن توڙي ڌرتيءَ لاءِ وجودي بحران هڪيا تڪيا تيار بيٺا آهن. ڳالهه جو ڳر اهو آهي تي انسانن گذريل چند لک سالن ۾ “اشرف المخلوقات” جي نعري هيٺ ٻِي حياتياتي زندگي جي نسل ڪشي ۽ انهن تي انتها درجي جي ظلم جي قيمت تي پنهنجي نسل کي خوب وڌايو آهي ۽ ان جي حفاظت ڪئي آهي، پر سپر پاور ۽ طاقتور ملڪ انسان- پسنديت جي عظيم فلسفي کان هٽي رهيا آهن ۽ پنهنجي سرمائيداراڻي ۽ ڪارپوريشني ثقافت وسيلي انسان سميت دنيا جي هر شي کي وکر طور پيش ڪرڻ ۽ ان کي خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جي لاڙي کي فروغ ڏئي رهيا آهن. ان ڪري نه فقط انسانن طرفان تمام وڏي پيماني تي انساني استحصال جو ماحول جُڙي رهيو آهي، پر فطرت سان حد کان وڌيڪ هٿ چُراند سبب ماحولياتي تباهي انساني توڙي ٻِي حياتياتي بقا لاءِ وڏا خطرا کڙا ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ٻرندڙ تي تيل هارڻ وانگر سپر پاور آمريڪا جي جنگين کي فروغ ڏيڻ جي پاليسي دنيا کي ٽئين عالمي جنگ ڏانهن ڌڪيندي پئي نظر اچي. جيڪڏهن حالتون انهن رخن ۾ وڌنديون رهيون ته اسان نام نهاد “اشرف المخلوقات” انسانن سميت هي ڌرتي پنهنجي فطري مدت کان اڳ فنا ٿي ويندي!

References: Christopher Lascelles (2015). A Short History of the World. Bloomsbury Publishing, India. Chpt. 1. Pre History, Pp. 1-8.

Yuval Noah Harari (2016). Homo Deus: A brief history of tomorrow. Vintage/Penguin Random House. UK.

Yuval Noah Harari (2024). Nexus: A brief history of Information Networks from the Stone Age to AI. First U. S. Edition. Random House, New York.