انسان هڪ معمولي ۽ ڊڄڻي مخلوق جي درجي مان سڀني مخلوقن کي پنهنجي ٻوليءَ جي وسعت، گڏيل تعاون ۽ هڪ ٻئي تي انحصاري وسيلي “اشرف المخلوقات” ۽ “سياڻي انسان” (Homo Sapiens) جي درجي ماڻڻ تائين پهچي چڪو آهي. يقينن سندس ارتقا جو اهو سفر شاندار رهيو آهي ۽ شايد اهوئي سندس عروجي دور آهي. ڇو ته سندس مفاد پرستي هاڻي ان درجي تي پهچي چڪي آهي جتي نه رڳو سندس انسان- پسنديت (Humanism) جي بنياد تي بيهاريل اعليٰ اخلاقيات، آدرشي اصولَ، فلسفا ۽ نظريا مستقبل جي هٿرادو ذهانت (Artificial Intelligence) جي بي رحم وهڪري ۾ وهي ويندا، پر فطرت سان وڏي پيماني تي هٿ چراند سبب سندس توڙي هن ڌرتيءَ جي وجود کي پڻ اڻ ڳڻيا خطرا لاحق ٿي چڪا آهن. هي مضمون حضرت انسان جي ترقي جي سفر ۾ ڪاميابين، ناڪامين ۽ وجودي خطرن جو مختصر احاطو ڪري ٿو. ڪنهن وقت ۾ ماڻهو جو ڪو مخصوص ٺڪاڻو ئي نه هو؛ هن جي مٿان بي رحم ماحول ۽ فطرت يعني انتهائي گرمي/ٿڌ/اونداهي/برسات/طوفان سميت جهنگلي جانورن، زهريلن جاندارن توڙي مخالف قبيلن جي پاڻ جهڙن ماڻهن طرفان ٿيندڙ اوچتي حملي جي تلوار هر لمحي ٽنگيل رهندي هئي، وجودي ۽ نسلي خطرو هر وقت سندس ڪڍ هوندو هو. نتيجي ۾ هو هڪ کان ٻي جاءِ تائين احتياط سان سفر ڪندي، کائڻ لائق ٻوٽن (ميون، ٻجن، ڀاڄين وغيره) کي کائيندي ۽ مختلف جاندارن کي شڪار ڪندي، پنهنجا نت نوان تجربا ۽ هنر سکندي، مناسب ماڳ تي مناسب وقت تائين ترسندي اڳتي وڌندو رهندو هو. هُو مخصوص موسمن ۽ حالتن ۾ مخصوص علائقن ڏانهن کاڌي حاصل ڪرڻ ۽ سولائي سان نسل وڌائڻ لاءِ واپس پيو ورندو هو.