بلاگنئون

ستاويهن آئيني ترميم ۽ پيپلزپارٽي جو ڪردار

پاڪستان جي سياست ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آئيني ترميم تي بحث شروع ٿي ويو آهي. ستاويهن آئيني ترميم، جيڪا تازو ئي سينيٽ مان اڪثريتي راءِ سان منظور ٿي آھي، جنھن ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي. ان ترميم جي حمايت ۾ 64 ووٽ پيا، جڏهن ته مخالفت ۾ هڪ به ووٽ نه پيو، ڇاڪاڻ ته اپوزيشن اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري وئي. مليل ڄاڻ ۽ مختلف تجزين موجب، ستاويهن آئيني ترميم سان صوبن جي خود مختياري ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي. جڏهن ته وفاق کي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويو آهي. ان ترميم سان اهي اختيار، جيڪي مقامي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا، هاڻي واپس وفاق ڏانهن منتقل ٿي ويندا. نتيجي طور مقامي سطح تي ترقياتي عمل، منصوبابندي ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ ڏکيائيون پيدا ٿينديون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته تعليم ۽ منصوبابندي واري وزارتن کي وفاق جي حوالي ڪرڻ سان علاقائي ضرورتن جي سڃاڻپ ۽ ان تي عملدرآمد متاثر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته زميني حالتن ۽ انگ اکرن جي صحيح ڄاڻ مقامي ماڻهن وٽ ئي هوندي آهي. مجموعي طور تي، هن ترميم سان عوامي حقن کي محدود ۽ مقامي نظام کي ڪمزور ڪيو ويو آهي. وفاقي مرڪز ۾ اختيارن جي واپسي نه رڳو صوبائي خود مختياري کي متاثر ڪندي، پر جمهوري توازن تي به سوال اٿاري ٿي. اهڙيءَ صورتحال ۾ پيپلزپارٽي جو ڪردار خاص طور تي غور طلب آهي. سينٽ ۾ پيپلزپارٽيءَ جا 26 ميمبر موجود آهن ۽ اها جماعت جيڪا پاڻ کي جمهوري پارٽي سڏرائيندي آهي، ان ترميم جي حمايت ڪندي ڏٺي وئي آهي.

پيپلزپارٽي جي تاريخ قربانين سان ڀرپور رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي، ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران عوامي جدوجهد، محترمه بينظير ڀٽو جي جيل جون سختيون ۽ ڀٽو خاندان جون بي شمار قربانيون جمهوريت لاءِ ئي ڏنيون ويون، پر ستاويهن آئيني ترميم جي حمايت کانپوءِ اهو سوال پيدا ٿيو آهي ته ڇا اها ساڳي پارٽي اڄ به عوامي بالادستي ۽ صوبائي خود مختياري جي اصولن تي قائم آهي؟ ڇا اها جمهوري سوچ اڃا به زنده آهي يا اقتدار جي سياست ان تي غالب اچي وئي آهي؟

ستاويهن آئيني ترميم پاڪستان جي وفاقي ڍانچي، صوبائي اختيارن ۽ جمهوري نظام تي ڊگها اثر ڇڏيندي. پيپلزپارٽي، جيڪا ماضي ۾ جمهوريت جي علامت رهي آهي، هاڻي پنهنجي موقف سان قوم آڏو سوالن جي گهيري ۾ آهي. هاڻي اهو فيصلو عوام تي ڇڏجي ٿو ته ڇا پيپلزپارٽي ستاويهن آئيني ترميم جي حمايت کانپوءِ به پاڻ کي حقيقي جمهوري پارٽي چئي سگهي ٿي يا نه؟