خاصنئون

 بدين جي آبادگارن جو رائس ملز خلاف احتجاج

بدين جي آبادگارن پاران رائس ملرز خلاف احتجاج ڪندي لاڳاپيل ادارن کان گهر ڪئي آهي ته اهي کين فصل جو مناسب اگهه فراهم ڪن. احتجاج ڪندڙن چيو ته ملرز آبادگارن کي مجبور ڪري رهيا آهن ته اهي سارين جو فصل 1500 رپيا في مڻ جي جاءِ تي 1200 رپيا في مڻ ۾ وڪرو ڪن. هنن ڏوراپا ڏيندي چيو ته اسان مختلف جڳهين تي احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر اڃان تائين ڪوبه تڪ جو سياستدان اسان وٽ نه آيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان پنهنجو احتجاج وڌائينداسين.