خاصنئون

 پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ 5.8 شدت جا زلزلا

اسلام آباد سميت ملڪ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ مختلف علائقن ۾ زلزلن جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب ماڻهو پنهنجن گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گهرن کي به نقصان پهتو آهي. جنهن سان ڪجهه ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. جڏهن ته ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. زلزلي جي جاچ ڪندڙ اداري مطابق زلزلي جو مرڪز هندو ڪش ۾ افغانستان هو. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.8 رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 157 ڪلو ميٽر هئي.