بلاگنئون

اڻپڙهيل قوم: ورهاست، ادب ۽ تقدير

وقت کان مٿانهين هڪ جهان ۾ جتي يادون خاڪ جيان فضا ۾ تري رهيون هيون ۽ تاريخ جون رڙيون پڙاڏي ۾ بدلجي چڪيون هيون. ٻه شخصيتون نامڪمل ڪهاڻين جي کنڊرن ۾ مليون. آسمان سڙيل مسودن جي ٽڪرن سان چڪمي رهيو هو ۽ زمين ٽٽل سرحدن سان ٺهيل هئي. سعادت حسن منٽو بي آرام بيٺو هو، سندس اکيون تپي رهيون هيون، ڄڻ اهي اڃان به انهن ريل گاڏين کي ڏسي رهيون هجن جيڪي لاشن سان ڀريل اينديون هيون. هو هوريان هوريان ڀڻڪي رهيو هو، درد ۾، ڄڻ هر لفظ هڪ پراڻو زخم کولي رهيو هجي.

“ٽوبه ٽيڪ سنگھه… ٽوبه ٽيڪ سنگھه”

اوچتو ان جو آواز ڳوڙهو ٿي ويو. “هولوڪاسٽ… هولو ڪاسٽ… هولو ڪاسٽ، ان جو مصنف ڪير هو؟ اهو اسڪرپٽ ڪنهن لکيو؟” هن جي سامهون وري باهه ڀڙڪي، سڙيل بدن، ميڙ جي چريائپ ۽ اهي پاڙيسري جيڪي جلاد بڻجي ويا هئا. صدين جي هڪ جهڙائي هڪ پل ۾ ٽٽي وئي، هن جو آواز ٿڙڪڻ لڳو. “اهو ڪيئن ٿيو؟ انسان هڪ رات ۾ درندا ڪيئن بڻجي ويا؟”

انهيءَ پل هڪ هوا اٿي، خاموشي ۾ هڪ شخصيت ظاهر ٿي، هٿ ۾ هڪ ڪتاب ڄڻ ڏيئو هجي.“مون ڪرب جو آواز ٻڌو آهي” هن سڪون سان چيو “۽ ڪرب سدائين فڪر کي گهرائي عطا ڪري ٿو.”  “تون سارتر آهين؟”  فلسفي ڪنڌ ڌوڻيو. “وجوديت انسان دوستي آهي” هن نرم آواز ۾ چيو “۽ ادب اهو آئينو آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي آزادي کي منهن ڏئي ٿو.”

منٽو هلڪي مرڪ سان هن جو استقبال ڪيو. “مان تنهنجو استقبال هڪ جملي سان ڪريان ٿو”  منٽو چيو. “سمورا خوش خاندان هڪ جهڙا هوندا آهن، مگر هر ناخوش خاندان پاڻ جيان ناخوش هوندو آهي.”  سارتر ڀرون کنيا. “تو الميي سان شروعات ڪئي آهي.”  “مون سچ کان شروعات ڪئي آهي” منٽو جواب ڏنو. “مون کي ٻڌائي فلسفي ته ننڍي کنڊ جا ماڻهو رت جون نديون ڇو وهائڻ لڳا؟ جيڪي گڏ ماني کائيندا هئا، اهي دشمن ڇو بڻجي ويا؟”

سارتر خاموش ٿي ويو، ان جي خاموشي اڻڄاڻائي نه بلڪه تشخيص هئي. “اهي قومون” هن هوريان چيو، “جيڪي حقيقت بجاءِ قصن ڪهاڻين ۾ زنده رهن ٿا، سدائين خطري ۾ هونديون آهن. جڏهن ڪا قوم پنهنجي زماني مطابق پنهنجي ڪهاڻي ٻيهر نٿي لکي، اها ڀوتن جي قيدي بڻجي وڃي ٿي ۽ ڀوت قرباني گهرن ٿا.”

منٽو اڳتي جهڪيو. “تنهنجو مطلب نظريو آهي؟”  “منهنجو مطلب بدنيتي آهي” سارتر جواب ڏنو.“اجتماعي بدنيتي، آزادي ۽ ذميواري کان انڪار. نفسيات ۾ انهيءَ کي جذباتي غلامي سڏيو ويندو آهي، جيئن مظلوم ان نظام جو دفاع ڪري، جيڪو انهيءَ کي غلام بڻائي ٿو.”

منٽو هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “ها! مون اهوئي ڏٺو، ماڻهو انهن قوتن جو دفاع ڪري رهيا هئا، جيڪي کين تباهه ڪري رهيون هيون. مون چيو، نئين ڪهاڻي لک، مستقبل کي تخليق ڪر، مگر هن نفرت ۽ قصن کي چونڊيو.”

هو ٿڌو ساهه کڻي ٿو، “ڪجھه ماڻهن ڪوشش ڪئي، اسان هڪ اهڙي تهذيب جو تصور ڪيو جيڪا فرقيواراڻي جنون کان بلند هجي، سامراجي ذهن اڳ ئي تخيل تي قبضو ڪري چڪو هو. تاريخ طاقت لاءِ لکي وئي، ماڻهن کي هڪٻئي کان ڊيڄارڻ سيکاريو ويو.”

“۽ تون؟”  سارتر پڇيو. منٽو مرڪيو، مگر مرڪ ۾ سختي هئس. “مون کي عدالتن ۾ گهليو ويو، مون کي فحش نگار سڏيو ويو. ڇاڪاڻ ته مون حقيقت ڏيکاري، انهن پاڪيزگي ٿي چاهي، سچ نه.”

سارتر مرڪيو. “اهو سدائين سچي لکڻ واري جو مقدر آهي. ادب جو مقصد آٿت نه بلڪه  ٽڪراءُ آهي. انهيءَ کي معاشي، سماجي ۽ نفسياتي قوتن کي ننگو ڪرڻ کپي ۽ نوان امڪان پيدا ڪرڻ گهرجن.”

منٽو جون اکيون چمڪي پيون. “ها! ادب صرف زخم ناهي ڏيکاريندو، آسمان به کولي ٿو.” سارتر چيو: “ڪجھه معاشرا صدمي کانپوءِ پنهنجي سڃاڻپ جديديت جي وسيلي ٻيهر جوڙين ٿا. اهي ياداشت کي توانائي بڻائي ڇڏين ٿا، مگر ڪجھه ماضيءَ جي قيد ۾ رهن ٿا. اهي سونهري زمانن کي ان لاءِ ياد ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته مستقبل کان خوفزده هوندا آهن.”

منٽو زور سان ٽهڪ ڏئي ٿو. “يادن جو نشو سڀ کان خطرناڪ قيد آهي، اهو بنا محنت جي فخر ڏيئي ٿو، بنا ذميواري جي سڃاڻپ ڏئي ٿو.”  هو کنڊرن ۾ هلندي هڪ ٽٽل نقشو کڻي ٿو.

“هيءَ زمين صرف تشدد کان تباهه ناهي ٿي” هو چئي ٿو. هي تخيل کان تباهه ٿي، پاڪيزگي وارين ڪهاڻين کان، سونهري خوابن کان.”هو سارتر ڏانهن پاسو ورائي ٿو.  “جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي زماني جي ٻولي ۾ پنهنجي ڪهاڻي ٻيهر نٿي لکي ته اها پنهنجين المين کي ورجائيندي رهندي.”

سارتر آسمان ڏانهن ڏسي ٿو، جتي ڪڪر راڙو ڪري رهيا هئا.

“آزادي خوفناڪ هوندي آهي” هو چئي ٿو. “انهيءَ لاءِ اڪثر معاشرا لکڻين ۾ پناهه وٺن ٿا، مگر آزادي کان بنا مستقبل ناهي هوندو.”

منٽو وري مرڪيو، مگر هن ڀيري هڪ الميي جي نشي ۾ ٻڏل فلسفي جيان. “مطلب ته حل سادو به آهي ۽ ناممڪن به.”  “ڇا؟” سارتر پڇيو.

“لکڻ” منٽو چيو.

“هڪ نئين ڪهاڻي لکجانءِ اهڙي ڪهاڻي جيڪا زندگي کي معنيٰ ڏئي، موت کي نه، اهڙي ياد جيڪا بدلو نه حڪمت بڻجي.”

ڪڪر ڪڙڪيا”۽ جيستائين اها ڪهاڻي نٿي لکي وڃي، منٽو چيو،

“ورهاست جا ڀوت هلندا رهندا.”  آسمان چمڪيو، مسودا ٻيهر سڙي پيا، ۽ اها ملاقات طوفان ۾ اڏري وئي. مگر تاريخ جي ڌوڙ ۾ ڪٿي هڪ اڻ لکيل ڪتاب اڃان به اوسيئڙو ڪري رهيو آهي.