سارتر مرڪيو. “اهو سدائين سچي لکڻ واري جو مقدر آهي. ادب جو مقصد آٿت نه بلڪه ٽڪراءُ آهي. انهيءَ کي معاشي، سماجي ۽ نفسياتي قوتن کي ننگو ڪرڻ کپي ۽ نوان امڪان پيدا ڪرڻ گهرجن.”
منٽو جون اکيون چمڪي پيون. “ها! ادب صرف زخم ناهي ڏيکاريندو، آسمان به کولي ٿو.” سارتر چيو: “ڪجھه معاشرا صدمي کانپوءِ پنهنجي سڃاڻپ جديديت جي وسيلي ٻيهر جوڙين ٿا. اهي ياداشت کي توانائي بڻائي ڇڏين ٿا، مگر ڪجھه ماضيءَ جي قيد ۾ رهن ٿا. اهي سونهري زمانن کي ان لاءِ ياد ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته مستقبل کان خوفزده هوندا آهن.”
منٽو زور سان ٽهڪ ڏئي ٿو. “يادن جو نشو سڀ کان خطرناڪ قيد آهي، اهو بنا محنت جي فخر ڏيئي ٿو، بنا ذميواري جي سڃاڻپ ڏئي ٿو.” هو کنڊرن ۾ هلندي هڪ ٽٽل نقشو کڻي ٿو.
“هيءَ زمين صرف تشدد کان تباهه ناهي ٿي” هو چئي ٿو. هي تخيل کان تباهه ٿي، پاڪيزگي وارين ڪهاڻين کان، سونهري خوابن کان.”هو سارتر ڏانهن پاسو ورائي ٿو. “جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي زماني جي ٻولي ۾ پنهنجي ڪهاڻي ٻيهر نٿي لکي ته اها پنهنجين المين کي ورجائيندي رهندي.”