24 مارچ هڪ اهڙو ڏينھن آهي جنھن ڏينھن کي پوري دنيا ۾ ٽي بي جو عالمي ڏينھن ڪري ملهايو ويندو آهي ٽي بي جيڪو ٻه اکر B, ۽ T جيڪو انگريزي لفظ tuberculosis جو مخفف آهي جنھن کي تپِ دق يا سلھه به چيو ويندو آهي، هن مرض کي سڀ کان پھرين 1882ع ۾ ڊاڪٽر رابرٽ ڪاڪ ڳولهي لڌو ۽ ان بيماري متعلق يا ايئن چئجي ته سلھه جي جيوڙي جي نشاندهي ڪئي ۽ سلهھ جي خلاف هڪ وڏو انقلاب برپا ڪيو جنھن جي ياد ۾ هر سال 24 مارچ تي عام ماڻهن کي مختلف پروگرامن ذريعي آگاهي ڏني ويندي آهي، 2025 ۾ دنيا کي هڪ ئي موضوع ڏنو ويو آهي ته “ها اسان ٽي بي کي ختم ڪري سگهون ٿا” پر ياد رکو اڄ هن موذي مرض جي علاج ۽ تشخيص کي شروع ٿيندي 143 سال ٿيا آهن ۽ حڪومتي سطح تي به ڪوششون ڪرڻ جي باوجود به هن بيماريءَ کي قاتل مرض جي طور تي ڄاتو وڃي ٿو ۽ اڃان تائين هن بيماريءَ کي مڪمل طور تي دنيا مان ختم ناهي ڪيو ويو. هن مرض کان واقف هجڻ نهايت ئي ضروري آهي جنھن جو مختصر تعارف هن طرح آهي ته Mycobacterium tuberculosis هڪ جيوڙو آهي جنھن کي اڪثر ماڻهن آساني سان زبان تي TB چئي اُچاريندا آهن هي هڪ قسم جو بيڪٽيريا آهي جيڪو سلهه (TB) جو سبب بڻجي ٿو. مختصر طور تي هن جي حقيقت کي سمجهڻ ضروري آهي. Tuberculosis هڪ راڊ جي شڪل وارو بيڪٽيريا آهي. اهو گلابي يا ڳاڙهي رنگ کي برقرار رکي ٿو هي جراثيم واڌ لاءِ جسم جي هر عضوي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، پر 85 سيڪڙو کي آڪسيجن جي ضرورت پوي ٿي. انهيءَ ڪري هي ڦڦڙن کي متاثر ڪري ٿو، جنهن سبب ڦڦڙن جي ٽي بي ٿئي ٿي. هي جراثيم هوا جي ذريعي پکڙجي ٿو،
جڏهن هن جراثيم کان ڪو متاثر ٿيل ماڻهو کنگهي، ڇڪي يا ڳالهائي ٿو يا بيمار ٿيل شخص سان ڪو صحتمند شخص رابطي ۾ اچي ٿو ته ان بيماريءَ جي پکيڙ ٿئي ٿي. هن مرض کان هر سال هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿين ٿا. هن وقت تائين هن بيماري کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ انڊونيشيا، چين، فلپائن، نائيجيريا ۽ پاڪستان رڪارڊ تي آيا آهن. مليل انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ هر سال ڇھه لک ڪيس رپورٽ ٿيندا آهن، جن مان 45 هزار ماڻهو تمام گهڻو متاثر ٿين ٿا. جن مان لڳ ڀڳ 40 هزار مريض موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ياد رهي ته سلھه جي مريض جي لاپرواهيءَ جي ڪري صحتمند فرد به ٽي بي کان متاثر ٿي سگهي ٿو. اھڙين حالتن کي مدِنظر رکندي پکڙجندڙ مرض خلاف برٽش سرڪار سڀ کان پھرين 1898ع ۾ ڪوئيٽا جي پھاڙي علائقن ۾ مٿانهين جاءِ تي ٽي، بي سينوٽيريم نالي علاج لاءِ هڪ اسپتال قائم ڪئي، جنھن جو اڳتي هلي نالو فاطمه جناح چيسٽ اينڊ جنرل اسپتال رکيو ويو، جنھن نالي رکڻ جي به هڪ عجيب ۽ دلچسپ ڪھاڻي آهي ته 1930 ۾ قائداعظم محمد علي جناح سلهه جي بيماريءَ جو شڪار ٿي چڪو هو، جنھن متعلق سندس ڀيڻ فاطمه کي ئي خبر هئي ان ڪري لارڊ مائونٽ بيٽن لکيو هو ته “اسان کي جناح جي بيماريءَ جي خبر هجي ها ته اُن جي موت تائين انتظار ڪري هندستان کي ٻن حصن ۾ نه ورهايون ها”.
جون 1948 ۾ محترمه فاطمه جناح قائداعظم کي آبھوا جي تبديليءَ جي ڪري ڪوئيٽا وٺي آئي، 6 جولائي 1948 تي جناح صاحب جون ٽيسٽون ٿيون جنھن ۾ ٽِي بِي جي موجودگيءَ سبب ڦڦڙن جو سرطان (ڪينسر) ٻڌايو ويو. پھرئين سيپٽمبر 1948 تي جناح کي نمونيا ٿي پئي ۽ 11 سيپٽمبر 1948 تي جنھن حالت ۾ پاڪستان جي باني دم ڏنو اها هڪ الڳ افسوسناڪ ڪھاڻي آهي، پر اسان پنهنجي اصل موضوع طرف اينداسين ته جناح صاحب جي بيماري دوران محترمه فاطمه جناح جون پنھنجي ڀاءُ جي لاءِ ڪيل خدمتن جي عيوض ڪوئيٽا ٽي بي اسپتال جو نالو فاطمه جناح چيسٽ اينڊ جنرل هاسپيٽل رکيو ويو، پر ڪوئيٽا جي هن اسپتال ۾ مريضن جي وڌندڙ تعداد کي مد نظر رکندي حڪومت پاڪستان 1954 ۾ ڪوٽڙي بھار ڪالوني جي هاڻوڪي ڳتيل آبادي جي ڀرسان مٿانھين جاءِ تي ٽي بي اسپتال جو بنياد رکيو جنھن کي ٽي بي سينيٽوريم سڏيو ويو، پر 1989 ڌاري ان کي اپ گريڊ ڪري انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز ڪوٽڙي جو نالو ڏنو ويو. هيءَ اسپتال پاڪستان ۾ تمام قائم اسپتالن کان ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏي ايراضي يعني 54 ايڪڙن تي جُڙيل آهي، جنھن متعلق مٿي ذڪر ڪيو آهي ته 1989 کان اڳ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (MS) هلائيندا هئا، پر 1989 ۾ اپ گريڊ ٿيڻ کانپوءِ ڊائريڪٽر مقرر ڪري انتظام انهن جي حوالي ڪيو ويو، جنھن جو پھريون ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالله جان پٺاڻ مقرر ٿيو. جڏهن ته 35 سالن ۾ 29 ڊائريڪٽرن پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، جن مان ڊاڪٽر شوڪت شيخ ۽ ڊاڪٽر ڀَون سان ته منھنجون به ملاقاتون ٿيون هيون. هن وقت ٽي بي اسپتال جو ٽيھون ڊائريڪٽر ڊاڪٽر امان الله جهتيال پنھنجي خدمت سر انجام ڏئي رهيو آهي.
مون هن اسپتال کي اندازن 1971-72 ۾ تڏهن ڏٺو هو جڏهن منھنجو والد محترم (دارا ابڙو، اين ڪاف شيخ ۽ ظفر ڪاظمي جوڙ جو چترڪار مصطفيٰ شيخ) ڪوئيٽا ٽي بي اسپتال مان فائدو حاصل نه ٿيڻ بعد منھنجي ڏاڏا سائين ايڊووڪيٽ ميان رسول بخش شيخ جي ڪوششن سان ٽي بي سينيٽوريم اسپتال ڪوٽڙي ۾ داخلا ورتي هئي. انھن ڏينھن ۾ آئون اندازن پنجون ڪلاس پاس ڪري گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول دادو ۾ ڇھين ۾ داخل ٿيو هئس، پر بابا جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ ڪري امان سان گڏجي ڪوٽڙيءَ ۾ نانا وارن جي گهر ۾ رهي روزانو ٽي بي اسپتال طرف ويندڙ بس ۾ چڙهي بابا جي خدمت ۾ اسپتال ۾ سڄو ڏينھن گذارڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، جتي بابا کي الڳ ڪمري ۾ رهايو ويو هو، پر مونکي هڪ نرس ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي هئي. انھن ڏينھن ۾ اسپتال جي 54 ايڪڙن واري پوري حدن کي وڏي ديوار ڏنل هئي ۽ اسپتال جي چئوڦير آبادي نه هجڻ جي برابر هئي. اهو ئي سبب هوندو جو ان وقت جي سرڪار ڪوٽڙي جي وڻندڙ آبھوا کي نظر ۾ رکندي اسپتال جي خوبصورت گول نقشي تي ٺھيل اسپتال جوڙائي هوندي ته جيئن مريض صاف هوا ۾ ساھُ کڻي بيماريءَ کي شڪست ڏئي سگهن، جڏهن ته ان وقت ۾ ٽي بي اسپتال ويجهو سِڻيءَ جي جوٽ مل نالي ڪارخاني جي چمني مان نڪرندڙ دونھون ۽ ٻين ڪارخانن جي دز به ڪوٽڙي جي گهوگهاٽ ڪندڙ هوا جي ڪري ايترو اثر انداز نه ٿيندي هئي، تن ڏينهن ۾ به ڪارخانن جي نڪرندڙ دز ۽ دونھين خلاف ڪوٽڙيءَ جي باشعور عوام مطالبو ڪيو هو ته ڪارخانن ۾ فلٽر سسٽم لڳايو وڃي ته جيئن آباديءَ ۽ اسپتال جا مريض دز ۽ دونھين کان متاثر ٿي نه سگهن، پر انهن سالن ۾ خاص طور تي 1951 کان 1954 تائين ملڪ جا حالات خراب هئا جو هڪ پاسي وزيراعظم لياقت علي خان جو قتل، خواجه نظام الدين جو گورنري ڇڏي وزير اعظميٰ تي قبضو ڪرڻ بيورو ڪريٽ غلام محمد جو گورنر ٿيڻ 1951 کان صوبن جي ٿيندڙ چونڊن ۾ بي قاعدگيون، ڌانڌليون 1953 ۾ خواجه نظام الدين جو برطرف ٿيڻ محمد علي بوگره جھڙي فالج جي مريض جو وزيراعظم ٿيڻ، 1954 ۾ اوڀر بنگال اندر اليڪشن ۾ ٿيندڙ معاملا اھڙين سياسي پيچيدگين هوندي ڪوٽڙي ۾ ٽي بي اسپتال جو ٺھڻ وڏو ڪارنامو هو، جنھن ۾ عورتن جا ٻه وارڊ ۽ مردن جي 5 وارڊن سميت ٽوٽل ست وارڊ آهن، پر انهن جي سالن کان مرمت نه ٿيڻ جي ڪري ٻن وارڊن جي ڇت جا چاپوڙا ڪري پوڻ سبب مريضن کي ٻين وارڊن ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ موجوده ڊائريڪٽر جي ڪوششن بعد اُهي ٻه وارڊ زير تعمير آهن. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته “ورڪ سروس ڊپارٽمينٽ جنھن کي پھرئين PWD چيو ويندو هو تنھن اداري سان ڇھن سالن جي مسلسل لک پڙھ ٿيڻ بعد مرمتي ڪم شروع ٿيو آهي جنھن اداري کي سڀني سرڪاري ادارن جي عمارتن جي مرمت جو فنڊ ملندو آهي، پر ڪھڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو اسپتال جي اندازن 30 ڊاڪٽرن سون جي تعداد ۾ عملي جي رهائش لاءِ ٺھيل بنگلن ۽ ڪوارٽرن جو حال انتھائي خراب ٿي چڪو آهي جو اهي رهڻ جي قابل نه رهيا آهن ۽ ان کان علاوه ٽُٽِي ويل يا ٽوڙِي ڇڏيل چوديواري ٺھي نه سگهي آهي.
اهم ڳالهه ته اسپتال جي ٽٽل ديوار تي گفتگو بعد ڪنھن ڊاڪٽر چيو ته ماحوليات جي تحفظ جي پورائي لاءِ هڪ طرف يونائيٽيڊ نيشن طرفان ڪوششون ته ڪيون ويون آهن، پر ٻئي طرف ٽي بي جي مريضن ۽ صحتمند ماڻهن جي وچ ۾ مفاصلي کي مدِنظر رکندي جيڪڏهن اسپتالن جي 54 ايڪڙن جي ٽٽل چوديواري طرف نگاهه وجهنداسين ته ماڻھن اسپتال جي وچ مان رستو ٺاهي اتان اچ وڃ جو هڪ گَسُ ٺاهي ڇڏيو آهي، جنھن رستي تان صبح جو اسڪول طرف ويندڙ ٻارن جو تعداد وڌيڪ نظر اچي ٿو. وڏي اچرج جي ڳالھه آهي ته ٽي بي اسپتال جي 2016-17 ۾ قائم ٿيل او پي ڊي لڳ هڪ قائم پرائيويٽ اسڪول کان علاوه اسپتال جي اوڀر طرف خالي ٿيل پراڻي عمارت جي ڪمرن ۾ (اسپتال جي ويجهو) گورنمينٽ جو هڪ پرائمري اسڪول هلندڙ آهي جنھن متعلق هن چيو ته صحتمند ماڻهو ۽ ٽي بي جي وچڻندڙ جيوڙن ۾ مفاصلو نه هجڻ ڪري مرض هوا جي ذريعي به پکڙجي سگهي ٿو، تنھن ڳالھه کي نظر ۾ رکندي سوال ٿو پيدا ٿئي ته 1989 کان خدمتون سرانجام ڏيندڙ آفيسرن ان مسئلي طرف سنجيده عمل ڇو نه ڪيو آهي؟
اهڙي افسوسناڪ صورتحال ڪراچي ۾ قائم قديمي اوجها اسپتال جي به آهي جيڪا اسپتال چوطرف آباديءَ جي وچ ۾ قائم آهي. اھڙي صورتحال هجڻ ڪري ڪجهه سيني جي ماهر ڊاڪٽرن هڪ پروگرام ۾ ان ڳالھه کي ظاهر ڪيو ته ٽي بي جي مرض ۽ وچڙڻ بابت آگاهي پروگرامن جي گهٽتائي سبب ڪيترا ماڻهو ٽي بي جي بيماريءَ ۾ وچڙجڻ بعد لاپرواهي سبب موت جو شڪار ٿيندا آهن. انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار ۽ خانگي طور ڪراچيءَ ۾ انڊس اسپتال، فاطمه ٻائي اسپتال، هولي فيملي اسپتال، اِبنِ سينا اسپتال مريضن کي کڻڻ ڇڏڻ لاءِ ويگنون به مختص ڪري 2017 کان 2018 تائين 15 لک ماڻهن جون ٽي بي جون ٽيسٽون ڪيون، ان جي باوجود پاڪستان ٽي بي جي تشخيص ۽ موت جي لحاظ کان پنجين نمبر تي آهي، جنھن مان ثابت ٿيو ته هتي ٽي بي جي شرح تمام گهڻي آهي، جنھن ڪري حڪومت طرفان نيشنل ٽي بي ڪنٽرول پروگرام شروع ڪيو ويو. ان هوندي 2021 جي انگن اکرن مان ثابت ٿيو ته پاڪستان جي هڪ لک آباديءَ مان 259 ماڻهو ٽي بي جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهن ۽ ان سان لاڳاپيل پيچيدگين جي ڪري موت جا واقعا به سرزد ٿين ٿا. اھڙي ڳڻتي واري صورتحال سبب سنڌ حڪومت هڪڙي پاسي 1,276 اسپتالون 5,802 آر، ايڇ، سِي (RHC’s) 736 بي ايڇ يو (BHU’s) ڊسپينسريون 780 ٻارن جي صحت جا مرڪز 416 مٿي ڄاڻايل ٽي بي جا ننڍا وڏا مرڪز به قائم ڪيا ۽ ساڳئي وقت اوجها سينيٽوريم کي جيئن ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ضم ڪري ڪيترائي فائدا ڏنا ويا، پر ڪوٽڙي ۾ قائم ٿيل ٽي بي اسپتال کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي (لمس) ۾ ضم نه ڪري وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي، جو اڄ به بلاول اسپتال ڪوٽڙي ۾ لمس کان ايندڙ ميڊيڪل جا شاگرد جن کي ٽي بي جي بيماري متعلق سکيا لاءِ انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيز (ٽي بي اسپتال) ڪوٽڙي موڪليو ويندو آهي جن کي اتان جا تجربيگار ڊاڪٽر ته ڪلينڪ (طبي) سکيا ڏيندا آهن.
جيڪڏهن ٽي بي اسپتال لمس ۾ ضم ٿيل هجي ها ته اسپتال کي اوجها ٽي بي اسپتال جيئان سھولتون ملي سگهن ها ۽ ان کان علاوه ٽي بي اسپتال ۾ ٽي بي متعلق سکيا لاءِ ايندڙ شاگرد پروفيسرن جي سکيا هيٺ علم پرائي وڌيڪ لاڀ حاصل ڪري سگهن ها، پوءِ به ايندڙ شاگرد قائم ڪيل او پي ڊي ۾ ڪم ڪندڙ ماهر ڊاڪٽرن جي ڪري پوري سنڌ مان لڳ ڀڳ هڪ هزار مختلف مريض روزانو چيڪ اپ لاءِ اچن ٿا جن کي تپاسڻ ۽ بيماري متعلق جاچ ڪرڻ دوران ايندڙ لمس جي شاگردن کي سٺو تجربو ٿي ويندو آهي. خوش آئند ڳالھه اها آهي ته مريضن جون مڪمل ٽيسٽون مفت ۾ ڪيون وينديون آهن، انهن ٽيسٽ جي روشني ۾ جيڪي مريض داخل ٿيڻ جھڙا هوندا آهن انھن کي داخل پڻ ڪيو ويندو آهي جن کي بھترين خوراڪ، فروٽ ۽ اصلي دوائون ڏنيون وينديون آهن. مذڪوره ڊاڪٽرن کان معلوم ٿيو ته ٽي بي جي انهن مريضن کي الڳ سرڪاري ڪمرو ڏنو ويندو آهي جيڪي ٻين لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا. جڏهن ته ٻارن جو الڳ بندوبست ٿيل آهي ۽ اسپتال ۾ ٽي بي جي مريضن جي ڇاتي جا ايڪسري، کانگهاري جي ٽيسٽ لاءِ پري پري الڳ الڳ ليبارٽيون ٺھيل آھن ته جيئن بيماري ڦھلجي نه سگهي. اھڙين سھولتن جي ڪري سنڌ جي مختلف علائقن مان مريض ٽي بي اسپتال ڪوٽڙي ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ اچن ٿا. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ٽي بي اسپتال کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ضم ڪري وڌيڪ سھولتون فراهم ڪيون وڃن، هن سينيٽوريم کي گهربل جيڪي به ضرورتون آهن انهن مطابق سهولتون ڏئي ان جي ڀڳل چار ديواري کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي ته جيئن اسپتال جي اندر غير متعلق ماڻهن جي اچ وڃ بند ٿي سگهي. ان کان علاوه ان ۾ وڌيڪ وارڊ جوڙيا وڃن، وڌيڪ وڻ پوکيا وڃن ته جيئن وڌيڪ صاف سٿري هوا مريضن کي ملي سگهي ۽ سنڌ جو هي اهم ٽي بي سينيٽوريم سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهي جيڪو سنڌ جي حڪومت لاءِ پڻ هڪ اعزاز هوندو.