24 مارچ هڪ اهڙو ڏينھن آهي جنھن ڏينھن کي پوري دنيا ۾ ٽي بي جو عالمي ڏينھن ڪري ملهايو ويندو آهي ٽي بي جيڪو ٻه اکر B, ۽ T جيڪو انگريزي لفظ tuberculosis جو مخفف آهي جنھن کي تپِ دق يا سلھه به چيو ويندو آهي، هن مرض کي سڀ کان پھرين 1882ع ۾ ڊاڪٽر رابرٽ ڪاڪ ڳولهي لڌو ۽ ان بيماري متعلق يا ايئن چئجي ته سلھه جي جيوڙي جي نشاندهي ڪئي ۽ سلهھ جي خلاف هڪ وڏو انقلاب برپا ڪيو جنھن جي ياد ۾ هر سال 24 مارچ تي عام ماڻهن کي مختلف پروگرامن ذريعي آگاهي ڏني ويندي آهي، 2025 ۾ دنيا کي هڪ ئي موضوع ڏنو ويو آهي ته “ها اسان ٽي بي کي ختم ڪري سگهون ٿا” پر ياد رکو اڄ هن موذي مرض جي علاج ۽ تشخيص کي شروع ٿيندي 143 سال ٿيا آهن ۽ حڪومتي سطح تي به ڪوششون ڪرڻ جي باوجود به هن بيماريءَ کي قاتل مرض جي طور تي ڄاتو وڃي ٿو ۽ اڃان تائين هن بيماريءَ کي مڪمل طور تي دنيا مان ختم ناهي ڪيو ويو. هن مرض کان واقف هجڻ نهايت ئي ضروري آهي جنھن جو مختصر تعارف هن طرح آهي ته Mycobacterium tuberculosis هڪ جيوڙو آهي جنھن کي اڪثر ماڻهن آساني سان زبان تي TB چئي اُچاريندا آهن هي هڪ قسم جو بيڪٽيريا آهي جيڪو سلهه (TB) جو سبب بڻجي ٿو. مختصر طور تي هن جي حقيقت کي سمجهڻ ضروري آهي. Tuberculosis هڪ راڊ جي شڪل وارو بيڪٽيريا آهي. اهو گلابي يا ڳاڙهي رنگ کي برقرار رکي ٿو هي جراثيم واڌ لاءِ جسم جي هر عضوي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، پر 85 سيڪڙو کي آڪسيجن جي ضرورت پوي ٿي. انهيءَ ڪري هي ڦڦڙن کي متاثر ڪري ٿو، جنهن سبب ڦڦڙن جي ٽي بي ٿئي ٿي. هي جراثيم هوا جي ذريعي پکڙجي ٿو،