ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي 29 آڪٽوبر 2024 جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ هڪ دفعو ٻيهر سلهه (ٽي. بي) سبب سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي موت جو انگ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز جهڙين بيمارين ۾ مرندڙن کان وڌيڪ سامهون آيو آهي. 1952ع ۾ هن بيماريءَ جو علاج سامهون آيو، جيڪا هاڻي مڪمل طور تي علاج جوڳي بيماري آهي، جيڪا انسان ذات جي لاءِ هڪ خوشخبري کان گهٽ نه آهي. ان کان اڳ هن بيماريءَ جو علاج مريض کي آرام ڏئي ان جي سٺي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري، کيس تازي هوا وارن علائقن ۾ رکي ڪيو ويندو هو ته جيئن سندس صحت آهستي آهستي بهتر ٿي سگهي. 1882ع ۾ جرمن ڊاڪٽر رابرٽ ڪوچ هن بيماريءَ جي بيڪٽيريا کي ڳولهي لڌو، جيڪو هڪ مائيڪرو بايولاجسٽ هو. ان بيماريءَ جي جراثيم جو پتو پوڻ هن بيماريءَ جي علاج ڏانهن هڪ وڏو اهم قدم ثابت ٿيو. اسان کي اها ڳالهه به ياد رکڻ کپي ته هيءَ بيماري ڪنهن وائرس سبب نه بلڪه هڪ بيڪٽيريا سبب پکڙجندي آهي.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) مختلف بيمارين جي ڏينهن کي ملهائيندي رهندي آهي، جنهن جو مقصد انهن بيمارين جي خلاف جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ انهن کان احتياط ڪرڻ جا طريقا ٻڌائڻ آهي ته جيئن علاج کان اڳ پرهيز ڪري انهن بيمارين کان بچي سگهجي. سلهه هڪ وچڙندڙ مرض آهي ۽ هوا جي ذريعي ان جا جراثيم ٻئي ماڻهوءَ تائين آسانيءَ سان منتقل ٿي سگهن ٿا. هيءَ بيماري جسم جي ڪنهن به حصي تي اثر ڪري سگهي ٿو، پر گهڻو ڪري ماڻهن جا ڦڦڙ متاثر ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي. جيئن ته هيءَ بيماري هوا جي ذريعي پکڙجي ٿي ۽ ٽي بي جي مريض جي کنگهڻ جي ڪري ان جا جراثيم ٻين ماڻهن تائين منتقل ٿين ٿا. سائنس جي ترقي جي ڪري اڄ اسان وٽ تمام گهڻيون سهولتون موجود آهن ۽ اهڙين خطرناڪ بيمارين جا علاج به موجود آهن جن جي ڪري پهرين اهڙين بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي يقين هوندو هو ته هو هن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ بچي نه سگهندا. 1982ع کان 24 مارچ تي ڊبليو ايڇ او هن ڏينهن کي ملهائي رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او 1882ع ۾ ڊاڪٽر رابرٽ جي سلهه جي جراثيم کي ڳولهڻ واري ڏينهن کي سئو سال پورا ڪرڻ تي 1982ع کان ملهائڻ جو بنياد وڌو. ان ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ مختلف فورمن تي هن بيماريءَ سان لاڳاپيل ڊاڪٽر، اسپتالون، محقق سيمينار ڪرائي هن بيماريءَ جي لاءِ جاڳرتا پيدا ڪندا آهن. ملڪي سطح تي پاليسي ساز ادارا هن بيماريءَ کان بچاءُ لاءِ پنهنجين پاليسين جو اعلان ڪندا آهن ۽ ان مرض سان وڙهڻ لاءِ طبي سهولتن جو اعلان پڻ ڪيو ويندو آهي. هن بيماريءَ جي باري ۾ گهڻو ڪري اهو خيال آهي ته شايد ان بيماريءَ جو مڪمل علاج اڃان تائين موجود نه آهي، جنهن جي لاءِ وڌ کان وڌ جاڳرتا مهم هلائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان بيماري ۾ مبتلا ماڻهو نااميدي کان جان ڇڏائي علاج طرف اڳتي قدم وڌائين ۽ پنهنجي ۽ پنهنجن پيارن جي زندگين کي بچائي سگهن. ڊبليو ايڇ او ان ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته جن ماڻهن کي سلهه جو خطرو آهي انهن کي هڪدم پنهنجي رت جا ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجن ته جيئن جلد کان جلد ان بيماريءَ جو علاج شروع ڪري سگهجي. ان جي لاءِ ڊبليو ايڇ او سڄي دنيا ۾ پنهنجا فنڊيڊ پروگرام پڻ هلائيندو آهي جيڪي ٿي سگهن ٿا ته ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ متاثر ٿين. هن بيماريءَ جي پکيڙ جا سبب گهڻو ڪري گدلاڻ ۽ نا مناسب هوا، ماحول ۽ ان سان گڏ غربت آهي. غربت ۾ ڦاٿل ماڻهو جن کي صاف سٿرو ماحول ميسر ناهي ۽ گڏوگڏ سندن کاڌ خوراڪ به گهٽ درجي جي آهي اهي ان بيماريءَ جو شڪار جلدي ٿي سگهن ٿا، ان ڪري عوامي آگاهيءَ جي ذريعي ماڻهن کي صاف سٿري ماحول ۾ رهڻ پنهنجي ذاتي صفائي سٿرائي، پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي صفائي سٿرائي جي تعليم ڏيڻ حڪومتن جي ذميداري آهي.
مختلف بيمارين جي لاءِ ڊبليو ايڇ او جيڪي ڏينهن ملهائيندي آهي انهن جي لاءِ ڪا خاص ٿيم به رکي ويندي آهي. 24 مارچ 2025 جي لاءِ سلهه واري ڏينهن جي ٿيم “Yes! We Can End TB: Commit, Invest, Deliver.” (ها! اسان سلهه کي پنهنجي ارادن، سيڙپڪاري ۽ مدد سان ختم ڪري سگهون ٿا). هن سال جي ٿيم ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿي ته سڄي دنيا کي گڏجي عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان ٻين خطرناڪ بيمارين جيان هن بيماريءَ کي به پاڙ کان ختم ڪيون، هن بيماريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سيڙپ ڪجي ته جيئن بيماريءَ ۾ مبتلا ماڻهن کي علاج جي سهولت ملي سگهي ۽ جيڪي ادارا پنهنجي مدد فراهم ڪري سگهن ٿا انهن سڀني ادارن کي گڏجي هن صحت جي خطري لاءِ پنهنجي امداد فراهم ڪرڻ ۾ فراخدلي ڏيکارڻ گهرجي ته جيئن هن چئلينج کي منهن ڏيئي سگهجي. هن سال جي ٿيم اسان سڀني انسانن جي لاءِ هڪ اميد آهي ته جيڪڏهن سڄي دنيا جا انسان گڏجي وڃن ته يقينن هن خطرناڪ بيماريءَ جو خاتمو ممڪن آهي.