پاڪستان حڪومت هڪ مهيني اندر مختلف قومي بچت جون اسڪيمون جن ۾ روايتي ۽ شريعت مطابق اسڪيمون شامل آهن، انهن تي منافعي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي. حڪومت جي ان قدم سان ننڍا سرمائيڪار خاص طور تي پينشنر، بيواهه عورتون ۽ گهٽ آمدني وارا ماڻهو جن وٽ جيتري به بچت آهي، اهي صرف ان ڪري بينڪ ۾ رکن ٿا ته جيئن کين فائدو حاصل ٿي سگهي، پر هينئر اهي شديد نقصان کي ڀوڳي رهيا آهن.
اچو ته پهرين ان ڳالهه کي سمجهون ته ماڻهو پنهنجي بچت بينڪن ۾ ڇو جمع ڪرائيندا آهن. يقينن ان جو جواب اهو آهي ته هڪ ته سندن بچت جي رقم بينڪن ۾ محفوظ رهندي آهي ۽ ٻيو بينڪ مختلف طريقن سان ماهوار يا ڇهه ماهي يا ساليانو منافعو ادا ڪندي آهي، جنهن کي عرف عام ۾ وياج به چئجي ٿو، پر جيئن ته اسان جو ملڪ اسلامي آهي ان ڪري ڪجهه بينڪن ۾ اهڙا اسلامي قانون ۽ اصول مرتب ڪري مالياتي نظام تحت اڪائونٽ کوليا ويندا آهن جيڪي وياج کان پاڪ هوندا آهن ۽ انهن کي مختلف نالا ڏنل آهن، جنهن ۾ مضاربه اڪائونٽ جنهن ۾ هڪ فريق سرمايو لڳائيندو آهي ۽ ٻيو فريق ڪاروباري هنر استعمال ڪري منافعو طئي ٿيل نسبت سان ورهائيندو آهي.
ان کان علاوه مشارڪه، اجارا، مرابحه، سڪوڪ جهڙا اڪائونٽ آهن جيڪي نفعي ۽ نقصان جي اسلامي اصولن مطابق منافعو يا نقصان شيئر ڪندا آهن. انهن سڀني بچت اسڪيمن ۾ گهڻو ڪري پينشنر يا رٽائرمينٽ کانپوءِ واري زندگي گذارڻ وارا ماڻهو پنهنجو پئسو يا بچتون سيڙائيندا آهن، هينئر انهن سڀني ماڻهن کي هڪ وڏو جهٽڪو لڳو آهي. حڪومت جي اها پاليسي جنهن تحت منافعي جي شرح کي گهٽ ڪيو ويو آهي، ان جو مقصد وسيع تر مالياتي پاليسين ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي.
حڪومت قومي بچتن جي اسڪيمن تي منافعي جي شرح کي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي پاليسي ريٽ يا وياج جي ريٽ مطابق ايڊجسٽ ڪندي آهي. جڏهن اسٽيٽ بينڪ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ يا معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي پاليسي ٺاهيندي آهي ته وياج جي شرح کي گهٽ ڪيو ويندو آهي ته جيئن مارڪيٽ ۾ وڌ کان وڌ سرمايو لڳائي هم آهنگي برقرار رکي سگهجي.
بينڪ مان ورتل قرضن تي جڏهن وياج گهٽجي ويندو آهي ته ڪاروباري ادارا ۽ صنعتون سيڙپڪاريءَ لاءِ بينڪن کان قرض وٺڻ شروع ڪندا آهن، جنهن سان سرمائيڪاري ۾ واڌ ايندي آهي، پر ٻئي پاسي ان طبقي کي جيڪو مجبور آهي عمر جي ان حصي ۾ آهي جتي کين پنهنجي بچت جي لاءِ سٺو منافعو يا وياج جي شرح درڪار هوندي آهي انهن کي نقصان رسندو آهي.
پينشنر يا وڏي عمر وارا ماڻهو يا ننڍا سرمائيڪار جڏهن بچت ڪن ٿا ته هو پنهنجي رقم حڪومت کي سيڙپڪاري لاءِ فراهم ڪن ٿا، جيڪا حڪومت بينڪن جي ذريعي سيڙپ ڪري مختلف جاين تان منافعو ڪمائي وري انهن کي ئي ان جو ڪجهه حصو منافعي جي صورت ۾ ادا ڪري ٿي. حڪومت جڏهن قومي بچت اسڪيمن جي ذريعي عوام جي ورتل قرضن جي رقم تي منافعو گهٽ ادا ڪري ٿي ته حڪومت تي به قرض جو بار گهٽجي پوي ٿو ۽ ان سان حڪومت کي پنهنجو خسارو پورو ڪرڻ ۾ به ڪافي مدد ملي ٿي.
ڏٺو وڃي ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي وڏي پئماني تي ملڪي معيشت کي هٿي فراهم ڪري ٿي ۽ ان جو وڏو فائدو سرمائيڪار کي ٿئي ٿو. ملڪ ۾ موجود پئسو گردش ڪري سيڙپڪاري ٿئي ٿي ۽ ان سان روزگار جا گهڻا موقعا پيدا ٿين ٿا، پر ان سان ننڍي سرمائيڪار ۽ اصل مستحق ماڻهن جي مٿان بار پوي ٿو، ڇو ته هنن وٽ جيتري رقم هوندي آهي اها هو سڄي بينڪن ۾ يا بچت سينٽرن تي مختلف طريقن سان سيڙائي منافعو حاصل ڪرڻ ۾ مطمئن رهن ٿا.
ڇو ته اهڙن ماڻهن وٽ ڪنهن به ڪاروبار ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي يا پينشنر ۽ وڏي عمر جا ماڻهو يا ننڍو سرمايو رکندڙ ماڻهو ڪنهن به ڪاروبار جو تجربو نه رکڻ جي ڪري پنهنجي رقم کي اهڙن ادارن ۾ بچت ڪري محفوظ سمجهن ٿا. حڪومت کي پنهنجن اهڙن بزرگ پينشنرن ۽ سينيئر شهرين جي لاءِ ڌار پاليسيون ٺاهڻ گهرجن، انهن جا اڪائونٽ انهن جي عمر مطابق ۽ انهن جي رٽائرمينٽ جي ڪاغذن سان منسلڪ هجڻ گهرجن ته جيئن اهي فرد حڪومت جي وياج جي پاليسي جي گهٽ وڌ ٿيڻ سان گهڻو متاثر نه ٿين. حڪومت کي گهرجي ته اهڙن ماڻهن کي جيڪي بهبود سيونگ سرٽيفڪيٽ ۽ پينشنر بينيفٽ اڪائونٽ ۾ پئسا رکن ٿا، انهن کي منافعي جي شرح ٻين کان وڌيڪ فراهم ڪري.
ان کان علاوه انهن جي بچتن تي منافعي جي شرح مهانگائي سان سلهاڙي ڇڏي ته جيئن انهن کي فائدو پهچي ۽ انهن جي قوت خريد متاثر نه ٿئي. ان کان علاوه جن ماڻهن جي اڪائونٽ ۾ سٺي رقم رکيل آهي انهن کي پنهنجي بچتن جي سلي ۾ صحت جون سهولتون وڌيڪ فراهم ڪرڻ جو پروگرام جوڙي. ان کان علاوه سينيئر شهرين کي ڪو خاص ڪارڊ فراهم ڪري جنهن سان انهن کي بجليءَ جي بلن ۾، ٽرينن جي ڀاڙن ۾ يا يوٽيلٽي بلن ۾ فائدو حاصل ٿي سگهي.
ان کان علاوه سڀ کان وڏو ڪم حڪومت کي اهو ڪرڻ گهرجي ته پينشن حاصل ڪندڙ ماڻهن کي بروقت پينشن جي ادائگي جي لاءِ بندوبست ڪري ۽ سندن جيڪا به بچت واري رقم آهي ان جي ٽرانسفر کي يقيني بڻائي ۽ سندن مدد ڪئي وڃي. بهرحال هن وقت حڪومت پنهنجي پاليسي سان سينئر شهرين ۽ پينشنرن کي هڪ پريشاني واري صورتحال ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جيڪا يقينن ان عمر جي ماڻهن جي لاءِ تمام گهڻي پريشانيءَ جو سبب آهي. پاڪستان اسلامي جمهوريه هجڻ جي ناتي هڪ فلاحي رياست جو تصور رکي ٿو ۽ ان تصور تحت اسان کي پنهنجن بزرگن جو وڌيڪ خيال رکڻ گهرجي، نه ڪي انهن جي لاءِ تڪليفون پيدا ڪرڻ گهرجن.