معيشت جو بحران جڏهن ڳوڙهو ٿي ويندو آهي ته اهو صرف اقتصاديات ٿائين ناهي رهندو، پر سموري سماج کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ان جي هر اداري ۽ هر شعبي کي داغدار ڪري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن وڏيون طبقاتي تحريڪون نه اٿن ته عمومي شعور پوئتي هٽي ڪري زوال ڏانهن هليو ويندو آهي ۽ ان صورتحال ۾ مڙهيل دانشور سماج ۾ پيدا ٿيڻ واري هر واقعي، حادثي، وبا ۽ جنگ، ايستائين ته انقلاب کي به تعجب ۾ ڏسڻ جا عادي ٿي ويندا آهن ۽ پارٽي وري ڪمري کان ٽي وي اسڪرين تائين، شعور تي اثرانداز ٿيڻ واري هر اداري کي پنهنجو بيڪار ۽ غير منطقي فڪر عوام تي مسلط ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري ٿي. حالانڪه واقعا وقت جي لڙيءَ ۾ پوئيل پلن جو سلسلو هوندا آهن. ڪنهن هڪ واقعي جي ڪک کان ٻيو واقعو جنم وٺندو آهي، پوءِ ٽيون ۽ چوٿون، واقعا يا حادثا هجن، نظريا يا روايتون، يا پوءِ نفسيات يا انساني رويا اهي ڪي الڳ ٿلڳ ظاهر ٿيڻ وارا مامرا ناهن ٿيندا يا هوندا.
ساڳئي ريت هڪ تباھه ٿي ويل نظام جي کنڊرن کان ٻيو نظام نڪري اچي ٿو. پراڻي ٿي ويل سماج مان نئون سماج نروار ٿئي ٿو ۽ ائين تاريخ هڪ تسلسل سان گڏ، ليڪن جستجو جي وسيلي پنهنجو اڳتي وارو صفر جاري رکي ٿي. فطرت هڪ ٺوس مظهر آهي ۽ ان جي ترتيب سان گڏ هرو ڀرو هٿ چراند ان جي نظم و ضبط ۾ مسئلي جو سبب بڻجي ٿي، جنهن جي رد عمل ۾ مختلف “قدرتي” آفتون ڦاٽي پون ٿيون.
ڪرونا وائرس جي وبا يا ماضي جو اسپينش فلو، ڏڪار، ٻوڏ يا گلوبل وارمنگ وغيره ان عمل جا وڏا مثال آهن. اصل ۾ اهو سڀ فطرت جو بدلو هو جيڪو ڪروڙين انسانن جي موت جو سبب بڻيو ۽ هاڻي سموگ جي آفت ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي. في الحال اهو وڏن شهرن تائين محدود آهي، ليڪن جيڪڏهن ان جو حل نه ڪڍيو ويو ته اها پکڙجي ڪري ۽ وڌيڪ شدت سان گڏ ڪرونا کان ٻيڻ ٽيڻ تي وبا بڻجي سگهي ٿي. جيئن ته هر سال انهيءَ جي سنگيني ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. في الحال حڪومتون جيڪي ڪجهه ڪري رهيون آهن، اهي پاڙيسرين تي الزام هڻي رهيون آهن، ان جو ڪو به فرق نٿو پوي. نه زراعت جي جديد استعمال ۽ نه فصلن کي ڪنهن هنڌ سموئڻ جو بندوبست آهي، نه پاور پلانٽس ۾ ڪوئلو ۽ فرنس فيول ساڙڻ جي بجاءِ هوا ۽ پاڻي وغيره کان سستي ۽ صاف بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪو منصوبو آهي، نه گهربل عوامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ واري پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ جو ڪو ارادو ته جيئن تيل جي گهرج گهٽ ٿئي ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي اچي، نه زرخيز زمينن جو بچاءُ ۽ نه جهنگن جي واڍي جي خلاف ڪو جوڳو پلان آهي، بس صرف ڦرلٽ، ڪرپشن ۽ مال گڏ ڪرڻ جا وڏا وڏا پلان ضرور آهي.
اصل ۾ فضائي گدلاڻ ۽ سموگ جهڙن مسئلن جو تعلق مٿي پيش ڪيل عنصرن سان آهي. هوا ۾ پي ايم 2.5 ۽ 10جهڙن زهريلن ذرڙن جي مقرر حد کان وڌيڪ موجودگي هن ڳالھه جو دليل آهي ته سرمائيداري ان حد تي پهچي چڪي آهي ته جتي ان وٽ بربادي ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، مختصر اهو ته اهو نظام هن سياري کي مڪمل طور تي بچائڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. لاهور شهر جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس يارهن سئو جو انگ به ڪراس ڪري چڪو آهي، جيڪو گهٽ ٿيڻ جي بجاءِ هر سال بي پاڙي ول جيان وڌي رهيو آهي. ملتان ۾ به صورتحال ان کان به بدتر آهي، دهلي جون جالتون به گهڻيون مختلف ناهن، ايستائين ته اسلام آباد، مري ۽ پشاور جهڙا سرسبز يا گهٽ شهري علائقا به هر سال ان زهريلي ڌنڌ جو شڪار بڻي رهيا آهن.
برساتن ۾ گهٽتائي، آبي، فضائي، ماحولياتي گدلاڻ ۽ گلوبل وارمنگ اهڙا مظهر ڳوڙهي سائنسي تجزيي جي گهرج ڪن ٿا. انهن ۾ نجي ٽرانسپورٽ، هوائي جهازن، اسپيس راڪيٽن ۽ اچ وڃ جي ٻين وسيلن ۾ استعمال ٿيڻ وارو ٻارڻ ۽ ڪاربان جي خارج ٿيڻ جا صنعتي ۽ ٻيا بنيادي ڪارڻ آهن. اهي سمورا سڌو سنئون منڊي جي معيشت، سرمايي جي حاڪميت، گهٽ وقت ۽ گهٽ پيداواري لاڳت ۾ وڌ کان وڌ نفعو حاصل ڪرڻ واري چريائپ سان ڳنڍيل آهن.
فضائي گدلاڻ هر سال ست ملين فردن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي. ڊبليو ايڇ او جي مقرر ڪيل پيماني مطابق هن ڌرتي جي 99 سيڪڙو آبادي آلوده هوا ۾ ساھ کڻڻ تي مجبور آهي ۽ پاڪستان جهڙيون پٺتي پيل معيشتون ڪاربن کي گهٽ خارج ڪرڻ جي باوجود وڏن متاثرن ۾ شامل آهن.
صنعتي انقلاب سماج کي بدلائي ڇڏيو هو، معاشي ترقي ٿي، نيون ايجاديون ٿيون، طبقاتي بنيادن تي ئي سهي آسائشن جو سامان ميسر ٿيو يا گهٽ ۾ ان پاسي ضروري ٿي، پر انساني نسل کي اڄ ان جي ڳري قيمت به ڏيڻي پئجي رهي آهي. غالب چيو هو:
مري تعمير مين مضمر هي اڪ صورت خرابي ڪي
هيوليٰ برقِ خرمن ڪا، هي خونِ گرم دهقال ڪا.
صنعت جي ڳري مشينري ۽ انجڻ جو ڦيٿو گهمائڻ جي لاءِ توانائي جي ضرورت هئي. ڪوئلي سميت فوسل فيول ان جي توانائي جي حاصلات جو بنيادي وسيلو هو، پر نتيجو ان جو اهو نڪتو ته ان جي استعمال ڪاربن جي خارج جي ڳري مقدار جي وسيلي هوا کي آلوده ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي صنعتي انقلاب زرعي سماج جي پورهيت ۽ هاري کي صنعتي شهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو. ڳتيل آباديون، صنعت ڪاري ۽ ٻارڻ جي ساڙڻ ماحول کي سخت نقصان پهچايو.
هينئر حالت اها آهي ته نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جو ڳچ حصو وڍي ڇڏيو. ان تي الميو اهو آهي ته ان جو اهو حصو گذريل صديءَ ۾ وڍيو ويو. جهنگ (ٻيلا) ان ڪري اهم آهن ته اهي زمين تي ساھ کڻڻ جا بنيادي وسيلا آهن. ظلم اهو آهي ته هڪ پاسي گاڏين جي دونهن، فيڪٽرين جي چمنين جي دونهن، گهريلو گئس جي استعمال، هيٽنگ ۽ ڪولنگ سسٽمز، ڪوئلي ۽ گيس وغيره جا پاور پلانٽس ۽ اسپيس راڪيٽن جي ٻارڻ جي وسيلي آلودو ڪيو پيو وڃي. هتي خلائي مشين ٻئي سياري جي سياحت تي موڪلڻ کانپوءِ هر پاسي ڪاميابي جا دهل وڄايا وڃن ٿا. اهڙن ملڪن کي چڱي يا ترقي واري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. اهي مخالف ملڪن تي ٽيڪنيڪي و سفارتي برتري حاصل ڪرڻ جا وسيلا به آهن، پر انهن کان نڪرڻ وارين زهريلي گيسن تي ڪٿي ڳالھه نٿي ٿئي. حقيقت اها آهي ته فضا ۾ موڪلڻ وارو هڪ راڪيٽ لانچ ٿيڻ کانپوءِ 300 کان 400 ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري ٿو. 2022 ۾ ناسا جي هڪ اسٽڊيءَ انڪشاف ڪيو ته عالمي اسپيس انڊسٽري ساليانو 1.4 ملين ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسايڊ جي خارج ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿي. اڪيلو اسپيس ايڪس Space X 2024 يعني صرف هڪ سال ۾ 104راڪيٽ لانچ ڪري چڪو آهي.
ان مان چٽو ٿئي ٿو ته فضا ڪيئن تيزي سان زهريلي ٿي رهي آهي ۽ انهن سڀني جي پٺيان هر قسم جو سڙڻ وارو ٻارڻ ۽ جهنگن جي وڍائي وارا عنصر آهن.
انساني سرگرمين جي ڪري فضا ۾ 30 بلين ٽن ساليانو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو واڌارو ٿي رهيو آهي. ارڙهين صديءَ کان هينئر تائين ان جي مقدار ۾ 40 سيڪڙو واڌارو ٿي چڪو آهي. ان کان علاوه ٻين گرين هائوس گيسن جو مقدار به خطرناڪ حد تائين وڌيو آهي. مقصد ته ائين ئي هر پاسي تباهيءَ جو سامان پکڙيو پيو آهي. ليڪن ان جو مقصد قطعي اهو ناهي ته صنعتي ترقي، ٽيڪنالوجي يا مشين پنهنجو پاڻ ۾ ڪا منفي يا نفرت جي قابل شيءِ آهي جنهن فطرت ۽ سماج جي بقا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پر ان جو اهو مطلب به ناهي ته اڄ توانائي جا متبادل وسيلا موجود ناهن يا انهن کي وڌيڪ دريافت يا ايجاد نٿو ڪري سگهجي. اڄ سج، هوا ۽ پاڻيءَ کان بهترين توانائي استعمال ڪري سگهجي ٿي، ليڪن انهن ۾ نفعن جو مسئلو آهي ۽ موجوده ٽيڪنالاجي ۽ پاليسي جوڙيندڙن تي نفعي خورن جو قبضو آهي، جيڪي پنهنجي طبقاتي مفاد تي قطعي مصالحت ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن. جيستائين زمين، مشين، پيداواري اوازارن تي نفعي خورن جو قبضو آهي. ان وقت تائين هن سياري تي زندگي جي بچاءُ جو ڪو خاص حل ڏيک نٿو ڏئي. انهن سڀني ماحولياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳري ناڻي جي ضرورت آهي، جنهن جي لاءِ ڳرن نفعن جي لالچ جي يقين ڏيارڻ کانسواءِ ڪو تيار ناهي، نه نظام حڪومت ۾ ڪا ايتري سهپ آهي. منڊي ۽ نفعي کان پاڪ هڪ سوشلسٽ منصوبي بند معشيت ۾ ئي ان جي باري ۾ درست سوچي سگهجي ٿو. مختصر اهو ته اهڙو سماج اڄ سرمائيداري جي تحت ڪنهن بهتري ۽ آسودگي سان نٿو هلي سگهي. هڪ مسئلو فرض ڪيو ته حل به ٿئي ٿو ته ان کان وڏو ٻيو مسئلو سامهون بيهي رهي ٿو. جيڪڏهن اهو معاشرو انهن ئي حالتن تي اڳتي وڌندو رهيو ته انساني نسل جي هزارين سالن جي تهذيب جو ايندڙ تباهي آهي. ايئن سرمائيداري جو انقلابي خاتمو انسانيت جي وجود جو بنيادي شرط بڻجي چڪو آهي.