سال 2008 حيدرآباد ۾ نين رهائشي اسڪيمن جي شروعات جو سال آهي جنهن 2024 تائين عروج حاصل ڪيو. ايڇ ڊي اي، عارف بلڊر، عبدالله بلڊر جي مالڪ اقبال قريشي قاسم آباد جا بنياد وجهندڙ بلڊر آهن، جن نسيم نگر، ايڇ ڊي اي بنگلوز، عبدالله ٽائون، عبدالله گارڊن، عبدالله اسپورٽ ٽائون، مصطفيٰ ٽائون، نقاش ولاز، رحيم ولاز، عمار سٽي، قادر ايوينيو، صادق لوينا، هالا ناڪا، حيدرآباد نيو سٽي جهڙا ميگا پروجيڪٽ ڏنا. عارف بلڊرز جون رهائشي اسڪيمون گهٽ لاڳت جي ڪري ڪافي غير معياري ثابت ٿيون آهن. جڏهن ته عبدالله بلڊرز جون اسڪيمون ڪجھه معياري ڏٺيون ويون آهن. مٿي ذڪر ڪيل سڀئي اسڪيمون پنهنجي تڪميل جي آخري مرحلي ۾ پهچي چڪيون آهن.
انهن ٻن بلڊرن کانپوءِ ٻيا ڪافي مهانگا ۽ معياري بلڊر 2019 ۾ ميدان ۾ لٿا جن ۾ پام بلڊر، جميره، فراز ميمڻ شامل آهن، جن اعليٰ طبقي جي اشرافيه جي معيار مطابق اسڪيمون آنديون، جن پنهنجي اسڪيمن ۾ لوهي ڪوٽ جهڙي چار ديواري سان شروعات ڪئي جن کي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويا.
ايڇ ڊي اي جون اسڪيمون؛
ايڇ ڊي اي بنگلوز واڌو واھ، فليٽ، ايڇ ڊي اي قاسم آباد فيز 2، ايڪسٽينشن، ڪوهسار فيز 1، ايڪسٽينشن، گلشن قائد، گلستان سرمست قابل ذڪر آهن. حيدرآباد جي سڀني اسڪيمن ۾ بلڊر طرفان ايمنٽيز مخصوص سهولتن لاءِ جن ۾ پارڪ، مسجد، اسڪول، ڪميونٽي هال، جم وغيره لاءِ پلاٽ مخصوص ڪندو آهي، اسڪيم جي منظوري وقت ان جو پابند ڪيو ويندو آهي. تازو ڪجھه اسڪيمن جي مشاهدي ڪرڻ ۽ رهڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته رڳو مسجد ۽ پارڪ تعمير ڪئي وڃي ٿي، باقي سهولتن لاءِ مخصوص پلاٽ سالن تائين بنا تعميراتي ڪم جي خالي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. بلڊر کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، ايڇ ڊي اي جهڙو ادارو پاڻ تباھ لڳو پيو آهي، جيڪو هنن کي ليز ڏيندو آهي.
نقاش ولاز اسڪيم 2012 کان مڪمل ٿي آهي، پر اڃان تائين ايمنٽيز جا پلاٽ بنا تعميراتي ڪم جي خالي پيا آهن، جن ۾ جم، ڪميونٽي هال، اسڪول جا پلاٽ شامل آهن. مسجد جو ڪم پڻ اڌورو ڇڏيو ويو، جيڪو رهائشي ماڻهن جي چندي سان تعمير ڪيو ويو آهي. ذوالفقار هومز يا ذوالفقار رائل ريزيڊنسي ۾ موجود ايمنٽيز لاءِ خصوصي پلاٽ ڪافي عرصي کان خالي پيل آهن جن ۾ پارڪ، ڪلب، اسڪول ۽ مسجد شامل آهن، جن تي ڪم رڪيل آهي، جيڪو بلڊر جي ترجيح ۾ شامل ناهي. ڇاڪاڻ ته ڪير پڇڻ وارو ناهي. اهڙيءَ طرح تمام رهائشي اسڪيمن ۾ مخصوص ايمنٽيز جي پلاٽن جو تعميرات جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي.
وزير بلديات کي انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. مقامي صحافين کي پڻ انهن ڪمن لاءِ رپورٽنگ ڪرڻ کپي ته جيئن معاملو حل ٿي سگهي. اسڪيمن کي رجسٽرڊ ڪندڙ ادارن کي اسڪيمن جي ڪم بابت پڇاڻو ڪرڻ کپي جيڪو ڪم واسطيدار ادارن ڇڏي ڏنو آهي. ضلعي انتظاميه پڻ ان حوالي سان ڪو ڪردار ادا نه پئي ڪري، جنهن کي پڻ قدم کڻڻ گهرجن.