بلاگنئون

” ڪلائيميٽ چينج، گلوبل وارمنگ ۽ دنيا جو آئندو“
(حصو ٻيون ۽ آخري)

تازو ئي ڪجھ عرصي کان موسمياتي تبديلين جي ڪري ماحوليات جنھن نموني تيزي سان تبديليءَ جي سانچي مان گذري رهيو آھي، اھو حيران ڪرڻ سان گڏ نھايت ڳڻتيءَ ڀريو آھي. ھي موسمياتي تبديلين جا ئي اثر آھن جو گذريل سياري 2022-23 دوران دنيا، عرب ملڪن جي صحرا ۾ برف باري ڏٺي. ايشيا ۽ يورپ کان وٺي آمريڪا تائين شديد برف باري جو نئون ۽ ڊگھو سلسلو به ڏٺو، جنھن سڀ ڪجھ مفلوج ڪري ڇڏيو ۽ ڪار وھنوار ٺپ ٿي ويو ھو، بلڪه اھو سلسلو ھر سال وڌي رهيو آهي. وري گرمين ۾ نه رڪجندڙ شديد برساتون، ٻوڏون ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا سلسلا دنيا ۾ ڏسڻ ۾ آيا. موسمياتي تبديليون حقيقت ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ڪري رهيون آهن. ائين ٿو لڳي ته دنيا موسمياتي تبديلين جي مختلف ۽ پُر خطر ڪيفيتن مان مسلسل گذري رھي آھي، جنھن موسميات سان لاڳاپيل سائنسدانن ۽ اھلِ شعور ۽ فڪر کي ڇرڪائي وڌو آھي. ايتريقدر جو ھاڻي عام ماڻھو به ھنن مسلسل موسمي تبديلين تي پريشان آھي، پر اھا الڳ ڳالھ آھي جو عام ماڻھو ان جا سبب سمجھڻ کان وانجهيل آھي.
ڌرتيءَ تي ھر سال تپش ۾ واڌ جو سبب
اسان جي ڌرتي جي گولي جو گرم ٿيڻ وارو ھڪ انتھائي اھم سبب فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي مقدار جو وڌڻ آھي. اھو انساني سرگرمين جي ڪري ٿيو آھي. ائين به ناھي ته ھيءَ ڪا فائديمند گئس ناھي، ھيءَ گئس ڌرتيءَ جو گرمي پد صحيح رکڻ ۾ مدد ڏي ٿي ۽ سج مان ايندڙ ڪجھ تپش کي زمين جي فضا ۾ جڪڙي وٺي ٿي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ نه ھجي ته اسان جو سيارو ايڏو ٿڌو ٿي وڃي جو ھتي زندگي ممڪن نه ٿئي. بي سي سي اردو جي ھڪ رپورٽ موجب ”ھيءَ گئس ڌرتي جي گرمي پد کي صحيح رکڻ ۾ مددگار آھي، پر قدرت تمام نازڪ توازن تي ڪم ڪري ٿي. انساني سرگرمين فضا ۾ ھن گئس جي مقدار کي وڌائي ڇڏيو آھي. سج جي تمام گھڻي تپش فضا ۾ رڪجي پوي ٿي، جنھن ڪري اسان جو سيارو وڌيڪ گرم ٿيندو وڃي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي وڌڻ ۾ ڪوئلي تي ھلندڙ بجلي گھر، ڪارخانا، جھاز، گاڏيون، فصلن کي باھيون وغيرہ شامل آھن“ بي بي سي اردو جي ان رپورٽ ۾ اڳتي اھو به واضح ڪيل آھي ته ”ان ڪري ڌرتيءَ تي زندگي قائم رکڻ جي لاءِ اسان کي ھن گئس جي اخراج کي محدود ڪرڻو پوندو“
ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته انسان ان وقت تائين ڌرتي تي پنھنجو وجود برقرار رکي سگھي ٿو، جڏھن ڌرتي جو گرمي پد اعتدال ۾ رھي ۽ ان لاءِ ضروري آھي ته ذڪرڪيل گئس جي اخراج لاءِ ھنگامي بنيادن تي ڪوششون وٺي ان کي محدود ڪيو وڃي.
ڌرتي جو گرمي پد ڪيئن ۽ ڪڏھن کان وڌڻ شروع ٿيو؟
تاريخ سان لاڳاپيل واقف ڪار ماڻھو بخوبي ڄاڻن ٿا ته ارڙھين صدي عيسوي ۾ جڏھن کان يورپ ۾ صنعتي انقلاب آيو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو توازن خراب ٿيڻ شروع ٿيو. نه ته ان کان اڳ ماحوليات جو نظام صدين کان خوش اسلوبي سان قائم رهندو پي آيو. يورپ کان صنعتي انقلاب جي شروعات کان ئي ھن نظام ۾ خلل پوڻ شروع ٿيو. وائيس آف آمريڪا جي ھڪ رپورٽ موجب ”1760ع جي لڳ ڀڳ جڏھن انسان پھرين مشين ٺاھي ۽ ان دونھون اوڳارڻ شروع ڪيو ته ان سان قدرت جي نظام ۾ خلل پوڻ شروع ٿيو. جيئن جيئن فضا ۾ ڪاربان گئس جو مقدار وڌي رھيو آھي زمين به ڪاوڙ مان گرم ٿيندي پئي وڃي“ انھيءَ رپورٽ ۾ اڳتي بيان ڪيل آھي ته ”ڪاربان گئسن جو ھڪ وڏو نمايان حصو صنعتي ۽ ترقي يافته ملڪ خارج ڪندا آھن، جن ۾ آمريڪا ۽ ڪيتريون ئي يورپي قومون شامل آھن، پر هن وقت ۾ چين ۽ ڀارت به سڀ کان وڌيڪ ڪاربن گئسون خارج ڪرڻ وارن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويا آھن. چين ۽ ڀارت ۾ گھڻي قدر بجلي گھر ڪوئلي سان ھلن ٿا“
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نيويارڪ ۾ ھڪ بريفنگ جي دوران نون خطرن طرف اشارو ڪندي اھم ڳالھيون ڪيون. ھن چيو آھي ته ”اسين گلوبل وارمنگ جي دور کان اڳتي نڪري چڪا آھيون، ھاڻي اسان جي سامھون عالمي سطح تي زمين جي ٽَھڪڻ جو منظرنامو آھي. ان سڄي دنيا جي ملڪن تي زور ڏنو آھي ته اھي خطري جو ادراڪ ڪندي ڪاربن گئسن جي اخراج تي قابو ڪرڻ ۽ ان کي ٻڙي تي آڻڻ لاءِ سنجيدہ قدم کڻن“
اسان جو خيال آھي ته دنيا ۾ جنگيون شايد ڪنھن طرح سان رڪجي به وڃن، ويڙھ جھيڙ جا مسئلا نبيرڻ لاءِ ڳالھين جا در به کلي وڃن، پر گلوبل وارمنگ جا ھاڃا قابو ۾ اچڻ شايد اڃان به ڏکيا آھن.
عالمي بئنڪ جي ھڪ رپورٽ ۾ حيرت انگيز ڳالھيون سامھون آيون آھن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته دنيا جي 74 غريب ملڪن جو گڏيل طور تي ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو 10 سيڪڙو کان به گھٽ آھي. حيرت جي ڳالھ اھا ته ماھرن جي اندازن موجب پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ حصو 0.4 سيڪڙو کان به گھٽ آھي، جڏھن ته گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ گذريل سال جي شديد بارشن ۽ ٻوڏن سبب ان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان کڻڻو پيو.
مشھور عالمي خابرو اداري الجزيرہ ڪلائيميٽ چينج جي حوالي سان ھن ريت مختلف رپورٽون شايع ڪيون آھن:
“Extreme heat sweeps the world from Europe to the US and Japan”
ترجمو: ”شديد گرمي يورپ کان وٺي آمريڪا ۽ جاپان تائين دنيا کي پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو“
“Experts warn of health risks as extreme heat sweeps the globe”
ترجمو: ”ماھرن صحت سان لاڳاپيل شديد خطرن کان آگاھ ڪري ڇڏيو آهي، ته شديد گرمي دنيا کي پنھنجي وڪڙ ۾ وٺي رھي آھي“
الجزيرہ Las Vegas weather service جي موسم جي حوالي سان وارننگ جو به حوالو ڏنو جنھن مان ھڪ سٽ ھن ريت آهي:
Now the most intense period is beginning””
ترجمو: ”ھاڻي سڀ کان سخت دؤر شروع ٿي رھيو آھي“
ان سلسلي ۾ ساڳئي رپورٽ ۾ يونيورسٽي آف ريڊنگ ۾ Climate Science جي پروفيسر رچرڊ ايلن جو بيان به ڇپيو آھي. جنھن الجزيرہ سان ڳالھائيندي چيو ته:
“Weather patterns are more severe than they usually would be, because of the greenhouse gases we’ve been pumping into the atmosphere due to human activity”
ترجمو: ”موسم جا نمونا ان کان وڌيڪ شديد آھن، جيترو اھي عام طور تي ھوندا هئا، ڇو ته اسان گرين ھائوس گيسون پنهنجي سرگرمين سبب مسلسل فضا ۾ ڀري رهيا آهيون.“
پروفيسر رچرڊ ايلن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته:
“This extra heat is kind of supercharging these weather extremes… we need to retreat the cause, which is the increase in greenhouse gases that are heating our planet up and making heat waves hotter but also making intense rain and flooding more severe”
ترجمو: ”ھيءَ اضافي گرمي اسان جي موسم کي انتهائي طور متاثر ڪري رهي آهي… اسان کي ان سبب کان پوئتي ھٽڻ جي ضرورت آھي جيڪو گرين ھائوس گئسن ۾ واڌارو ڪري رهيو آھي ۽ اسان جي سياري کي گرم کان گرم ترين ڪري رھيو آھي، بلڪه شديد بارشن ۽ ٻوڏ جو سبب به بڻجي رهيو آهي“
ان کان علاوہ دنيا جي ماحوليات جي تباھي ۽ خطرناڪ حد تائين وڌيل گرمي پد جو اندازو يورپي يونين جي موسميات جي اداري ڪوپرنيڪس جي ڊائريڪٽر ڪارلو بونٽيمپو جي ان بيان مان به بخوبي ڪري سگھجي ٿو، جنھن ۾ ھو چوي ٿو ”صرف خشڪي ئي نه بلڪه سمنڊ به تيزي سان گرم ٿي رھيا آھن، جنھن سان ايل نينو جي قدرتي عمل ۾ خلل پئجي رھيو آھي ۽ طوفان جنم وٺي رھيا آھن. اينٽارڪٽيڪا ۾ برف کي پھچڻ وارو رڪارڊ نقصان پريشان ڪندڙ آھي. ان جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ھاڻي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته جيئن موسم گرم نه پيو ٿئي بلڪه ان کي چريائپ جو دورو پيو ھجي“
توڙي جو ھي ھڪ ڊگھو موضوع آھي، پر ھيءَ سڄي تحقيق جيڪا ھن مقالي لکڻ دوران اسان جي مطالعي مان گذري اھا لکي پڙھندڙن ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڪوشش به ڪئي سين.
ھتي اسان کي ھڪ آمريڪي عورت مفڪر ۽ ماھر بشريات (Anthropologist) مارگريٽ ميڊ (1901ع ـ 1978ع) جا لفظ ٿا ياد پون.
We won’t have a society if we destroy the environment””
ترجمو: ”جيڪڏھن اسان ماحول کي تباھ ڪري ڇڏيو ته اسان جو معاشرو نه بچندو“
ھنن لفظن ۾ جرڪندڙ سچائي کي سمجھڻ جي ضرورت آھي. انسان معاشري سان ۽ معاشرا ماحول سان ھوندا آھن. وقت اڃان به ناهي ويو، جو ڪاربن گئسن تي ضابطو آڻي انھن کي ٻُڙي تي آڻجي. تڏھن ئي ماحوليات ۽ معاشرا يعني انسان به بچي سگھندا نه ته صنعتي ترقي جا ھن کان به وڌيڪ خطرناڪ اثر اڳتي ڀوڳڻا پوندا. ھتي اھم ڳالھ اھا به آھي ته آمريڪا، يورپي ملڪ، چين ۽ ڀارت سميت ٻيا صنعتي ترقي يافته اھي ملڪ جن تي ڪاربن گئسن جي وڏي پيماني جي اخراج جي ذميواري عائد ٿيندي پئي رھي، اھي سنجيدگي ڌاري دنيا جي ماحول جي تحفظ لاءِ ترت اپاءَ به وٺن ۽ ٻين انھن ملڪن جو خيال ڪن، جن جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو نه ھجڻ برابر آھي ۽ جيڪي خوامخواھ انھن صنعتي ملڪن جي ڪري ڏچي ۾ اچن ٿا ۽ ڳرين برساتن ۽ ٻوڏن سميت قدرتي آفتن کي منھن ڏين ٿا. عالمي طور تي گڏيل قومن ۾ اھڙو قانون به جوڙيو وڃي جو قدرتي آفتن سبب انھن متاثر ملڪن جو ازالو انھن ڪاربن گئسن جو اخراج ڪندڙ مذڪورہ صنعتي ملڪن کان ڪرايو وڃي.
***