بلاگنئون

آپريشن ايپڪ فيوري‎

ڇنڇر 28 فيبروري کان جاري آمريڪي ۽ اسرائيل جي گڏيل فوجي مهم، جنهن کي “آپريشن ايپڪ فيوري” جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن کي خطي ۾ طاقت جي نئين اظهار طور ڏٺو پيو وڃي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪن ٿا ته هن آپريشن تحت ايران جي اهم فوجي تنصيبن ۽ حڪمت عمليءَ وارن هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو آهي. ڪجهه عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ڪيپيٽل هِل واشنگٽن سينٽرل ڪمانڊ هن مهم کي “تيز، محدود ۽ حڪمت عمليءَ تي ٻڌل” ڪارروائي قرار ڏئي رهيو آهي، جنهن جو مقصد ايران جي ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتن کي ختم ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي، پر جنگ جي ميدان ۾ هر دعويٰ جي هڪ جوابي ڪارروائي به هوندي آهي، ايران پنهنجي رد عمل کي “آپريشن وعده صادق 4” جو نالو ڏئي جوابي ڪارروائي شروع ڪئي آهي. ايراني سرڪاري ذريعن موجب ته هي ڪارروائي رڳو دفاعي نه، پر “توازن قائم ڪرڻ” لاءِ آهي. خطي جي تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ايران پنهنجي اندروني سياسي عزم کي به ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو ته هو ڪنهن به ٻاھرين حملن کي بغير جواب جي ڇڏڻ نٿو چاهي. صورتحال ان وقت وڌيڪ حساس بڻجي وئي جڏهن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي شهادت جي خبرن بعد ايران جي حمايت يافته مليشيا گروپن لبنان جي حزب الله يمن  جي عسڪري تنظيمن ھندي سمنڊ ۾ آمريڪي هدفن تي حملا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو ۽ وچ اوڀر جي خطي ۾ سرگرم ڪجهه ٻين گروهن به بيان جاري ڪندي چيو ته هو “مزاحمت جي محاذ” کي وڌيڪ وسيع ڪندا. هن اعلان سان جنگ جو دائرو ايران جي حدن کان ٻاهر نيم فوجي ۽ غير رياستي عنصرن تائين پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، جيڪو خطي جي سيڪيورٽي لاءِ نئون چئلينج بڻجي سگهي ٿو.

خليجي رياستن ۾ به سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن، عالمي ميڊيا رپورٽن موجب قطر، ڪوويت، بحرين، دبئي، سعودي عرب ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن ۽ توانائيءَ سان لاڳاپيل هنڌن کي ڊرون ۽ ميزائل خطري سبب هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻو پيو. جيتوڻيڪ نقصان جي مڪمل ۽ تصديق ٿيل انگن اکرن بابت مختلف ذريعن ۾ فرق آهي، پر توانائي مارڪيٽن ۾ بيچيني، تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ سفارتي سطح تي هنگامي صلاح مشورا عالمي اثرن جو واضح ثبوت آهن. ايراني “نار واري لڪ” بابت وڌندڙ بيان بازي عالمي واپار لاءِ وڏو ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، ايراني انقلابي گارڊ پاسدارنِ انقلاب فورس اعلان جاري ڪيو آهي ته نار واري لڪ يعني سامونڊي لنگهه تي ڪنهن به قسم جو تيل، گيس بردار بحري جهاز يا جنگي بحري جهازن جي اچ وڃ کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويندو، جيڪڏهن اھڙي قسم رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ان جا اثر ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا تائين محسوس ٿيندا. ڪجهه معاشي تجزيه نگارن عالمي خبرن ۾ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته عالمي توانائي، سپلائي چين ۽ توانائي مارڪيٽ سخت بحران ۾ اچي سگهن ٿا. اسرائيل، لبنان محاذ جي سرگرمين هن بحران کي گهڻ رخو بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن هي تڪرار ڪيترن محاذن تي پکڙجي ويو آهي، تڏهن سفارتي واٽون تنگ ۽ فوجي خطرا وسيع ٿيندا پيا وڃن. جيڪڏهن عقل ۽ تدبر اڳتي نه وڌيا ته خطو گهڻو عرصو غير يقينيءَ واري صورتحال ۽ افراتفري جو شڪار رهي سگهي ٿو. سوشل ميڊيا تي ٽئين عالمي جنگ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، پر ٽئين عالمي جنگ جو خطرو في الحال محدود آهي، ڇو ته عالمي طاقتون سڌي ايٽمي يا وڏي جنگ کان بچڻ لاءِ محتاط قدم کڻي رهيون آهن. جيئن سيموئيل پي ھنٽگٽن پنهنجي ڪتاب “تهذيبن جو ٽڪراءُ” ۾ بيان ڪري ٿو. عالمي سياسي ٽڪر اڪثر تهذيبن ۽ ثقافتي فرقن مان جنم وٺن ٿا ۽ وچ اوڀر اڄ انهيءَ ٽڪراءَ جو مرڪز بڻيل آهي. ھنٽگٽن جو خيال آهي ته تهذيبن جي ٽڪراءُ ۾ صرف فوجي طاقت نه، پر ثقافتي، مذهبي ۽ اقتصادي اثر رسوخ جو مقابلو پڻ اهم هوندو آهي، جيڪو آمريڪا، ايران، روس ۽ چين جي وچ ۾ موجوده صورتحال ۾ واضح ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

اصل سوال اڃان به ساڳيو آهي ته ڇا طاقت جي استعمال سان وچ اوڀر ۾  امن آڻي سگهجي ٿو؟ يا هي مرحلو هڪ ڊگهي سماجي افراتفري جي شروعات آهي؟ “ايپڪ فيوري” ۽ “وعده صادق 4” صرف فوجي مهمن جا نالا ناهن، بلڪه اهي خطي ۾ طاقت، وقار ۽ اثر رسوخ جي مقابلي جي علامت بڻجي چڪا آهن، وچ اوڀر اڄ هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي هر ميزائل کان وڌيڪ اهم فيصلو سفارتي ميز تي ٿيندو. جيڪڏهن عقل ۽ تدبر اڳتي نه وڌيا ته تاريخ شايد هن دور کي باهه جي نئين آڙاھ طور ياد ڪندي.