ڇنڇر 28 فيبروري کان جاري آمريڪي ۽ اسرائيل جي گڏيل فوجي مهم، جنهن کي “آپريشن ايپڪ فيوري” جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن کي خطي ۾ طاقت جي نئين اظهار طور ڏٺو پيو وڃي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪن ٿا ته هن آپريشن تحت ايران جي اهم فوجي تنصيبن ۽ حڪمت عمليءَ وارن هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو آهي. ڪجهه عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ڪيپيٽل هِل واشنگٽن سينٽرل ڪمانڊ هن مهم کي “تيز، محدود ۽ حڪمت عمليءَ تي ٻڌل” ڪارروائي قرار ڏئي رهيو آهي، جنهن جو مقصد ايران جي ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتن کي ختم ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي، پر جنگ جي ميدان ۾ هر دعويٰ جي هڪ جوابي ڪارروائي به هوندي آهي، ايران پنهنجي رد عمل کي “آپريشن وعده صادق 4” جو نالو ڏئي جوابي ڪارروائي شروع ڪئي آهي. ايراني سرڪاري ذريعن موجب ته هي ڪارروائي رڳو دفاعي نه، پر “توازن قائم ڪرڻ” لاءِ آهي. خطي جي تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ايران پنهنجي اندروني سياسي عزم کي به ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو ته هو ڪنهن به ٻاھرين حملن کي بغير جواب جي ڇڏڻ نٿو چاهي. صورتحال ان وقت وڌيڪ حساس بڻجي وئي جڏهن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جي شهادت جي خبرن بعد ايران جي حمايت يافته مليشيا گروپن لبنان جي حزب الله يمن جي عسڪري تنظيمن ھندي سمنڊ ۾ آمريڪي هدفن تي حملا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو ۽ وچ اوڀر جي خطي ۾ سرگرم ڪجهه ٻين گروهن به بيان جاري ڪندي چيو ته هو “مزاحمت جي محاذ” کي وڌيڪ وسيع ڪندا. هن اعلان سان جنگ جو دائرو ايران جي حدن کان ٻاهر نيم فوجي ۽ غير رياستي عنصرن تائين پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، جيڪو خطي جي سيڪيورٽي لاءِ نئون چئلينج بڻجي سگهي ٿو.