تاريخي طور تي عرب ۾ يهودين جي آمد جا ٻه وڏا دور آهن پهريون قديم زمانو (بني اسرائيل جو دور) ۽ ٻيو يهودين جي روم کان لڏپلاڻ. يهودي روايتن موجب، خيبر ۾ يهودين جي پهرين لڏپلاڻ جو اندازو حضرت دائود عليه السلام جي زماني ۾ لڳايو وڃي ٿو ۽ ڪي روايتون ان کي بابلي جلاوطني جيڪا بخت نصر جي وقت ۾ ٿي سان ڳنڍين ٿيون. ان لحاظ کان اهي يهودي فلسطين (مقدس سر زمين) ۽ بابل (عراق) جي علائقن مان لڏي آيا هئا ۽ آهستي آهستي حجاز (عربستان) ۾ آباد ٿيا.
يهودين جي وڏي انگ جو عرب ۾ آباد ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب رومن سلطنت جو ظلم هو، جڏهن رومين فلسطين تي قبضو ڪيو ۽ يهودين جو قتل عام ڪيو ۽ کين وطن کان بي دخل ڪيو، ان دوران يهودين جي ڪيترن ئي قبيلن ڀڄي حجاز (عربستان) ۾ پناهه ورتي. انهن ۾ خيبر، تبوڪ، تيماءُ، فدڪ ۽ وادي القريٰ جا علائقا شامل هئا. فلسطين کان ڀڄندڙ يهودين لاءِ عربستان جو هي علائقو (حجاز) سڀ کان ويجهو ۽ محفوظ پناهه گاهه هو، جتي هو پنهنجيون زندگيون ٻيهر آباد ڪري پئي سگهيا. جيئن ته خيبر هڪ انتهائي زرخيز ۽ سرسبز علائقو هو، جتي پاڻي جا چشما موجود هئا. يهودين هتي کجيءَ جا وڻ پوکيا ۽ زراعت کي فروغ ڏنو. خيبر مديني (يثرب) کان اتر ۾ واقع آھي ۽ شام جي واپاري رستي تي هجڻ ڪري ان جي اهميت وڌيڪ هئي. ھتان جي يهودين پنهنجي حفاظت لاءِ مضبوط قلعا تعمير ڪرايا ھئا، جيڪي جبلن تي اڏيل هئا ۽ اندر خوراڪ ۽ پاڻي جا انتظام هئا.
خيبر جي جنگ: خيبر جي جنگ اسلامي تاريخ جو هڪ اهم موڙ آهي، جنهن ۾ يهودين جي مضبوط آبادي ۽ انهن جي مضبوط قلعن جو تفصيل ملي ٿو. هي علائقو مسلمانن لاءِ مسلسل خطري جو سبب هو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ هي جنگ وڙهي وئي ھئي. خيبر جي جنگ کان اڳ، ھي علائقو يھودين جو ھڪ طاقتور ۽ منظم مرڪز ھو. خيبر ۾ يھودين جو تعداد ھزارن ۾ ھو. مختلف تذڪرن موجب ھتي لڳ ڀڳ 20 هزار يھودي آباد ھئا، جنهن ۾ ڏھن ھزارن جو لشڪر موجود ھو، جيڪي مسلمانن جي مقابلي ۾ صفون ٻڌي نڪرندا ھئا. ھن وڏي آبادي جو دارومدار ھتان جي زرعي پيداوار تي ھو، جتي ڪيترائي کجيءَ جا باغ ۽ زرخيز زمينون ھيون.
قلعا ۽ دفاعي نظام: خيبر جي سڀ کان وڏي طاقت ھتان جا مضبوط قلعا ھئا. ھتي ستن کان اٺن قلعن تائين جي ھجڻ جا تفصيل ملن ٿا. ھي قلعا جبلن تي اڏيل ھئا ۽ اندر پاڻي ۽ خوراڪ جا وسيلا موجود ھئا، جيڪي مھينن جو گهيرو برداشت ڪري سگھندا ھئا. انھن مشھور قلعن ۾ ناعم، صعب بن معاذ، قموص (بني ابي الحقيق)، نطيح ۽ سلالم شامل ھئا. خيبر جو علائقو نه رڳو ھڪ گھڻ يھودي آبادي ھئي، پر مسلمانن خلاف سازشن جو مرڪز پڻ ھئي. ھتان جي يھودين مختلف قبيلن کي گڏ ڪري مسلمانن خلاف اتحاد ٺاھيا، جن ۾ غزوه خندق (احزاب) ۾ حصو وٺڻ شامل آهي. مدينه منوره مان جلاوطن ٿيل يھودي قبيلا (بني نضير) به ھتي اچي آباد ٿيا ھئا، جيڪي بدلي جي جذبي سان مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا ھئا. ھن علائقي جي زرعي دولت ۽ قلعن جي مضبوطي انھن سازشن کي ھوا ڏيندي ھئي.
صلح حديبيه کانپوءِ، جڏھن قريش کان خطرو ٽري ويو، تڏھن يھودين جي انھن سازشن کي ختم ڪرڻ ضروري ھو انهن سببن جي ڪري، رسول الله ﷺ ھن مرڪز کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ستين ھجري (628 عيسوي) ۾، رسول الله ﷺ 1600 جي لشڪر سان مدينه منور کان روانا ٿيا، جن ۾ 200 سوار ھئا . جن ۾ اھي صحابي ھئا جيڪي صلح حديبيه ۾ شامل ھئا.
سخت ويڙھ بعد مسلمانن قلعن تي قبضو ڪري ورتو. 93 يھودي مارجي ويا ۽ 19 مسلمان شھيد ٿيا. ھن جنگ ۾ ھڪ مشھور واقعو قلعي جي فتح جو آھي، جڏھن رسول الله ﷺ حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه کي جهنڊو ڏنو ۽ ھنن يھودي سردار مرحب کي ماري قلعو فتح ڪيو. فتح کانپوءِ، يھودين رسول الله ﷺ کي صلح جي درخواست ڪئي جيڪا رسول اڪرم ﷺ جن قبول فرمائي.
صلح جون شرطون: يھودين کي اجازت ڏني وئي ته اھي پنھنجي زمينن تي رھي پوک ڪن، پر ھر سال پيداوار جو اڌ حصو مسلمانن کي ڏيندا رھن، کين زمين تان لاٿو نه ويو، پر سندن طاقت ختم ڪئي وئي ۽ اھي مسلمانن جي تحفظ ۾ رھڻ لڳا.