هن وقت عالمي سياست جي افق تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪو اوچتو پيدا ٿيل طوفان نه پر سالن کان تيار ٿيندڙ نقشو آهي جنهن ۾ هر ملڪ کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهاريو پيو وڃي ۽ هر محاذ کي ڄاڻي واڻي گرم رکيو پيو وڃي ايران تي لڳاتار حملا ان جي فوجي قيادت جو نشانو بڻجڻ ۽ عالمي ميڊيا ۾ ان کي خطري طور پيش ڪرڻ رڳو ايران کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه آهي، پر پوري علائقي کي نئين طاقت جي ترتيب ۾ آڻڻ جو عمل آهي جڏهن ايران جهڙي رياست کي دٻايو وڃي ٿو ته سوال پاڻمرادو اڀري ٿو ته ان کانپوءِ اڳيون نمبر ڪنهن جو آهي ۽ هن سوال کان اکيون ٻوٽي ويهڻ سياسي سادگي هوندي. ايران جي چوڌاري باهه ٻري رهي آهي ۽ ان باهه جي روشني ۾ انڊيا کي نئون دفاعي چهرو ڏنو پيو وڃي. اسرائيل سان آئرن ڊوم جهڙي نظام بابت ڳالهيون رڳو هٿيارن جي خريداري نه، پر هڪ علامتي اعلان آهي ته انڊيا کي خطي ۾ ڍال ڏني پئي وڃي ۽ جڏهن هڪ رياست کي ڍال ملي ٿي ته لازمي طور ڪنهن ٻئي کي نشانو بڻايو ويندو آهي. هتي نظرون پاڻمرادو پاڪستان ڏانهن وڃن ٿيون ڇو ته پاڪستان ئي اهو ملڪ آهي جيڪو جاگرافيائي نظرياتي ۽ فوجي لحاظ کان هن سڄي ترتيب ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. آمريڪا ۽ ايران جي ڇڪتاڻ ۾ صرف ايٽمي پروگرام يا علاقائي اثر رسوخ جو سوال نه آهي هتي پيغام اهو آهي ته جيڪو به مغربي حڪمت عملي کان ٻاهر نڪرندو ان کي مرحليوار دٻايو ويندو. پهرين معاشي پابنديون پوءِ سفارتي اڪيلائي پوءِ محدود فوجي ڪارروائي ۽ آخر ۾ اندروني انتشار جڏهن ايران هن چڪر مان گذري رهيو آهي ته پاڪستان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هن ماڊل کي ڪٿي ٻئي هنڌ به ورجائي سگهجي ٿو.