بلاگنئون

هائبرڊ وار فيئر جو ايندڙ مرحلو ايران کانپوءِ پاڪستان؟

هن وقت عالمي سياست جي افق تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪو اوچتو پيدا ٿيل طوفان نه پر سالن کان تيار ٿيندڙ نقشو آهي جنهن ۾ هر ملڪ کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهاريو پيو وڃي ۽ هر محاذ کي ڄاڻي واڻي گرم رکيو پيو وڃي ايران تي لڳاتار حملا ان جي فوجي قيادت جو نشانو بڻجڻ ۽ عالمي ميڊيا ۾ ان کي خطري طور پيش ڪرڻ رڳو ايران کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه آهي، پر پوري علائقي کي نئين طاقت جي ترتيب ۾ آڻڻ جو عمل آهي جڏهن ايران جهڙي رياست کي دٻايو وڃي ٿو ته سوال پاڻمرادو اڀري ٿو ته ان کانپوءِ اڳيون نمبر ڪنهن جو آهي ۽ هن سوال کان اکيون ٻوٽي ويهڻ سياسي سادگي هوندي. ايران جي چوڌاري باهه ٻري رهي آهي ۽ ان باهه جي روشني ۾ انڊيا کي نئون دفاعي چهرو ڏنو پيو وڃي. اسرائيل سان آئرن ڊوم جهڙي نظام بابت ڳالهيون رڳو هٿيارن جي خريداري نه، پر هڪ علامتي اعلان آهي ته انڊيا کي خطي ۾ ڍال ڏني پئي وڃي ۽ جڏهن هڪ رياست کي ڍال ملي ٿي ته لازمي طور ڪنهن ٻئي کي نشانو بڻايو ويندو آهي. هتي نظرون پاڻمرادو پاڪستان ڏانهن وڃن ٿيون ڇو ته پاڪستان ئي اهو ملڪ آهي جيڪو جاگرافيائي نظرياتي ۽ فوجي لحاظ کان هن سڄي ترتيب ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. آمريڪا ۽ ايران جي ڇڪتاڻ ۾ صرف ايٽمي پروگرام يا علاقائي اثر رسوخ جو سوال نه آهي هتي پيغام اهو آهي ته جيڪو به مغربي حڪمت عملي کان ٻاهر نڪرندو ان کي مرحليوار دٻايو ويندو. پهرين معاشي پابنديون پوءِ سفارتي اڪيلائي پوءِ محدود فوجي ڪارروائي ۽ آخر ۾ اندروني انتشار جڏهن ايران هن چڪر مان گذري رهيو آهي ته پاڪستان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هن ماڊل کي ڪٿي ٻئي هنڌ به ورجائي سگهجي ٿو.

انڊيا ۽ آمريڪا جا تازا دفاعي لاڳاپا خطي جي توازن کي نئين رخ ۾ وٺي وڃن ٿا جڏهن اهو چيو وڃي ٿو ته ڪنهن هڪ تي حملو ٻئي تي حملو تصور ٿيندو ته اهو صرف قانوني جملو نه، پر نفسياتي جنگ جو اعلان هوندو آهي ان جو مقصد دشمن کي اڳواٽ ئي شڪ ۾ مبتلا ڪرڻ آهي ته جنگ جي قيمت اڪيلي نه هوندي اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي ٿي ته ان کي صرف ٻه طرفي تڪرار سمجهڻ وڏي غلطي هوندي. هتي سڀ کان اهم عنصر افغانستان آهي پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ رڳو سرحدي مسئلو نه رهي آهي اهو اندروني سيڪيورٽي ليڪ بڻجي چڪو آهي، ٽي ٽي پي جو مسئلو ريفيوجي جو دٻاءُ ۽ سرحدي علائقن ۾ بيچيني رياست جي توجهه کي ورهائي ڇڏين ٿا. جڏهن هڪ ملڪ اندروني طور مصروف ٿي وڃي ٿو ته ٻاهرين محاذ تي ان جي حڪمت عملي ڪمزور ٿي وڃي ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سلطنتون تڏهن ٽٽنديون آهن جڏهن انهن کي هڪ ئي وقت ڪيترن محاذن تي وڙهڻو پوي. بلوچستان ۾ عليحدگي پسند تشدد هجي يا ٻين علائقن ۾ انتشار اهي سڀئي الڳ الڳ واقعا نه، پر هائبرڊ وار فيئر جو حصو ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ هٿيارن سان گڏ بيانيي سان به جنگ وڙهي وڃي ٿي دشمن کي ميدان ۾ شڪست ڏيڻ کان اڳ ذهني طور ٿڪايو وڃي ٿو ۽ رياست کي پنهنجي ئي ماڻهن آڏو دفاعي پوزيشن ۾ آندو وڃي ٿو. هندوتوا ۽ صيهونيت جو فڪري ميلان به هتي اهم آهي ڪشمير ۽ فلسطين کي هڪ ئي سيڪيورٽي لينس مان ڏسڻ جو مطلب اهو آهي ته مزاحمت کي دهشتگردي ۽ قبضن کي دفاع سڏيو وڃي، اهڙي بيانيي سان عالمي راءِ کي پنهنجي حق ۾ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. انڊيا جو پاڻ کي ڏکڻ ايشيا جو اسرائيل بڻائڻ وارو خواب صرف فوجي طاقت نه، پر اخلاقي جواز به گهري ٿو. آئرن ڊوم کي ناقابلِ شڪست نظام طور پيش ڪرڻ حقيقت کان وڌيڪ دعويٰ آهي غزا جي جنگين مان دنيا ڏٺو ته ميزائل ڊفينس ڪٿي ڪم ڪيو ۽ ڪٿي نه ڪيو مڪمل تحفظ جو تصور ميدان ۾ ڪڏهن به مڪمل نه رهيو آهي. ڇو ته هر دفاع جي سامهون نئون حملو جنم وٺندو آهي اصل سوال اهو آهي ته ڇا اهڙي ٽيڪنالاجي سياسي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي جواب واضح آهي نه! پاڪستان لاءِ اصل خطرو ميزائل نه آهن نه اسرائيلي جهاز ۽ نه ئي ڪو واحد دفاعي نظام اصل خطرو آهي. گهڻ محاذي دٻاءُ ۽ اندروني عدم استحڪام جڏهن هڪ ئي وقت سفارتي، فوجي، معاشي ۽ سماجي محاذ کلي وڃن ٿا ته فيصلا ڪرڻ ڏکيا ٿي وڃن ٿا ۽ اسٽريٽيجڪ مونجهارو پيدا ٿئي ٿو.

هاڻي اهم سوال تي واپس اچجي ته ڇا ايران کانپوءِ اڳيون نمبر پاڪستان جو آهي؟ جيڪڏهن جاگرافيائي اهميت اسلامي سڃاڻپ ايٽمي حيثيت ۽ چين سان لاڳاپن کي ڏٺو وڃي ته پاڪستان يقينن ايندڙ مرحلي ۾ دٻاءُ هيٺ آڻي سگهجي ٿو. سڌي جنگ شايد ممڪن نه هجي، پر اندروني مصروفيت وڌائي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ مڪمل طور ممڪن آهي. پاڪستان هڪ تسليم ٿيل ايٽمي طاقت آهي ان حقيقت سبب مڪمل جنگ جا دروازا بند آهن، پر غير يقيني جا رستا کليل آهن. جيڪڏهن علائقي ۾ توازن بگڙيو ته محدود تڪرار به وڏي جنگ ۾ بدلجي سگهي ٿو ۽ اهڙي صورتحال ٽين عالمي جنگ جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. ان ڪري پاڪستان لاءِ وقت جو اهم تقاضو آهي ته جذباتي نعرا ڇڏي واضح ترجيحن سان اڳتي وڌي اندروني اتحاد کي مضبوط ڪري سرحدي پاليسي کي حقيقت پسند بڻائي ۽ سفارتي محاذ تي توازن پيدا ڪري ايران مان سبق اهو آهي ته اڪيلائي سڀ کان وڏو خطرو آهي. آخر ۾ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته ايران تي باهه وسائڻ انڊيا کي ڍال ڏيڻ ۽ پاڪستان کي اندروني جنگ ۾ ڦاسائڻ ڪو اتفاق نه، پر ترتيب ڏنل حڪمت عملي آهي. هن حڪمت عملي جو جواب رڳو هٿيارن سان نه، پر قومي شعور سياسي پختگي ۽ گڏيل ارادي سان ڏنو وڃي. ڇو ته قومون تڏهن بچنديون آهن جڏهن هو خطرن کي وقت سر سڃاڻينديون آهن.