هاري اهو شخص آهي جيڪو زراعت ۾ مصروف آهي ۽ زمين اندر فصل پوکي ان اپائي ٿو، ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ جانورن کي پالي ٿو. هي اصطلاح عام طور تي انهن ماڻهن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو، جيڪي فصل باغ ۾ پوکيندا آهن يا ڪڪڙيون ۽ چوپايو مال پاليندا آهن. هڪ هاري زراعت جي ميدان ۾ ڪم ڪري ٿو. ڀاڄيون، اناج ۽ ميوا پوکي ٿو. کير ۽ گوشت لاءِ جانور پالي ٿو. بيضن ۽ گوشت لاءِ ڪڪڙ پالي ٿو. هارين جي مسئلن کي حل ڪرڻ موجوده وقت جي اهم ضرورت آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٻه ڀيرا زرعي سڌارا ڪيا ويا جنهن موجب پهريون ڀيرو صدر جنرل ايوب خان جي دور ۾ 1959ع ۾ زرعي سڌارا ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ وڏو قدم هئا جنهن جاگيرن تي مالڪاڻو حق ختم ڪري انهن کي رياست جي ملڪيت ۽ انهن تي حڪومت جي اختيارن جو حصو بڻايو ويو ۽ جنهن سان جاگيرداري نظام کي ڌڪ ته ضرور رسيو، پر اهي زرعي سڌارا هن نظام کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. ڇو ته 1959ع وارن زرعي سڌارن کانپوءِ به گهربل مقصد اڃا پوريءَ ريت حاصل نه ٿيا هئا ۽ انهيءَ عرصي ۾ شهري آباديءَ ۾ اهو شعور اچي چڪو هو ته عوامي استحصال ۽ سماجي خرابين جو ذميوار جاگيرداري آهي، جنهن ڪري ملڪ جي 80 سيڪڙو آبادي متاثر هئي ۽ شهري آباديءَ طرفان زرعي سڌارا ڪرڻ بابت مسلسل مطالبا وڌي رهيا هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي پهرين دور ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ مارچ 1972ع ۾ زرعي سڌارن جو قانون پارليامينٽ مان منظور ٿيو ۽ انهيءَ قانون موجب ملڪ ۾ زرعي سڌارا ڪيا ويا ۽ زرعي زمينن جي وڌ ۾ وڌ حد مقرر ڪئي وئي ۽ ان موجب آبادگارن ۽ بي زمين هارين ۾ زمينون ورهايون ويون ۽ انهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا.