ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: اَڪُو جاسوس

اَڪُو جاسوس نِٽھڻ اُسَ ۾ بيٺو ھو.

سندس ھڪ ھٿ ۾ ڪنھن وڻ جون ٽي ننڍيون ۽ بنا پَنن واريون سنهڙيون ٽاريون (چَھا) ھيون.

اڃان ھو انهن ڪاٺين تي غور ۽ فڪر ڪري ئي رھيو ھو جو کيس مٿي ۾ ھڪ ٿَڦ اچي لڳي.

“ھل اندر اُسَ ۾ بيٺو ڇا ٿو ڪرين؟” ٿڦ ھڻڻ واري، اَڪو جاسوس کي ٻانھن کان سُڪَ ڪري، گهليندي چيو.

اَڪو جاسوسَ روئڻ وارو ئي ھو جو کيس ياد اچي ويو ته ان مھل ھُو عقيل احمد نه، پر اَڪو جاسوس آھي. سو ھن روئڻ جو ارادو مٽائي ماٺ ميٺ ۾ ورانڊي ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

ڏھن ورھين جو عقيل احمد عرف اڪو جاسوس پنجين درجي جو شاگرد ھو. اڄ ڪلهه جيئن ته گرمين جون موڪلون ھيون سو ھن موڪلن لاءِ مليل اسڪول جو ڪم اُڪلائڻَ سان گڏ، جاسوس ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ھو.

اڪو جاسوس کي ٿَڦ ھڻڻ وارو سندس ٻارھون درجو پڙھندڙ ڀاءُ نبيل احمد ھو، جيڪو پنھنجي ڪلاس جو ھوشيار شاگرد ھو. اڪو جاسوس جو نِڀاڳ ھو جو ھُو پڙھڻ ۾ پورو سارو ۽ ڏِنگائپ ڏيکارڻ ۾ ھوشيار ھو. سدائين اُبتيون سُبتيون حرڪتون ڪري ڪڏھن “دڙڪا” ته ڪڏھن “ڪُٽڪا” پيو کائيندو ھو. ان ڪري گهر توڙي اسڪول ۾ ھن جو نالو مڙيوئي ڪجهه خراب ھو. جڏھن ته نبيل کي سڀ ڪو ڀائيندو ھو ۽ کيس ھڪ سلڇڻو ٻار سمجهيو ويندو ھو.

نبيل ڪتاب پڙھڻ جو شوقين هو ۽ گهڻي ڀاڱي جاسوسي ناول پڙھندو ھو. ڪڏھن سٺي موڊ ۾ ھوندو ھو ته جاسوسي ناولن جون ڪھاڻيون عقيل کي به ٻڌائيندو ھو. اھي ڪھاڻيون ٻڌي ئي عقيل، ھاڻوڪين موڪلن ۾ جاسوس ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ھو. اڪو جاسوس، ھن جو ڳجهو نالو ھو. اھو نالو ھن ان ڪري رکيو ھو ته جيئن ڪير کيس سڃاڻي، ڏوھه جي جاچ ۾ رنڊڪ نه وجهي.

جاسوس ٿيڻ جي فيصلي کان، پنج منٽ پوءِ ئي کيس ھڪ ڪيس ملي ويو ھو.

ھن کي پنھنجي گهر جي ٽن صفن (ڪمرن) مان وچئين صفي مان اھي ٽي سنهيون، ننڍيون ۽ سُڪل ڪاٺيون ھٿ آيون ھيون.

“ھي ڪاٺيون ھن صفي ۾ ڪيئن آيون؟” اڪو جاسوس، کٽ تي پيل ٽن ڪاٺين کي کڻندي سوچيو.

سندس پيءُ نوڪريءَ تي ويل ھو. جڏھن ته سندس امڙ، وڏي ڀيڻ طيبه ۽ ننڍڙو ڀاءُ جميل پاڙي ۾ ئي رھندڙ نانيءَ جي گهر ويا ھئا.

گهر ۾ رڳو نبيل ۽ اڪو جاسوس ھئا. اتي بيٺي بيٺي اڪو جاسوس، پنھنجي دماغ کي گهوڙي وانگر سڄي گهر ۾ ڊوڙائڻ لڳو. اڱڻ، ورانڊو، رڌڻو، وھنجڻ جاءِ، ڏاڪڻ ۽ ڇت. سڄي گهر جو ذھني چڪر ڏيڻ کانپوءِ به کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته آخر اھي ٽي سنهڙيون، ننڍڙيون ۽ سڪل ڪاٺيون وچئين صفي ۾ ڪيئن آيون؟

“ڪا انڌاري به ڪو نه آئي جو چئجي ته ھوا ۾ اڏامي اھي ڪاٺيون اندر پھتيون آھن. ڪو مھمان به ناھي آيو. ڪو اھڙو سامان به ناھي گهرايو ويو جو ان مان اھي ڪاٺيون نڪتيون ھجن. پوءِ نيٺ به اھي ڪيئن آيون؟” اڪو جاسوس پنھنجو پاڻ سان ڳالهائيندي ٻاھر اڱڻ ۾ آيو ھو ۽ اتي ڪاٺيون ھٿ ۾ جهلي سوچي رھيو ھو جو کيس نبيل دڙڪا ڏئي اندر ورانڊي ۾ وٺي آيو ھو. ڪاٺيون اڱڻ جي پٽَ تي ڪري پيون ھيون.

ان مھل نبيل ٽي ويءَ تي ڪا پراڻي ڪرڪيٽ ميچ ڏسي رھيو ھو ۽ گڏ ئي ھڪ جاسوسي ناول پڻ پڙھي رھيو ھو.

اڪو جاسوس، نبيل جي کٽ جي سيرانديءَ واري پاسي کان ڪرسيءَ تي ويھي رھيو. اتان اڱڻ ۾ پٽ تي پيل ڪاٺيون چِٽيون ڏسڻ ۾ پئي آيون.

ھن ڪنھن مھل ٽي ويءَ ڏانھن ته ڪنھن مھل ڪاٺين ڏانھن پئي ڏٺو.

“شاندار شاٽ.” نبيل رڙ ڪري چيو ۽ ناول پاسي کان رکي تاڙيون وڄائڻ لڳو. ھڪ ته اڪو جاسوس کي اھا خبر ڪا نه پوندي ھئي ته نبيل ھڪ ئي وقت ٻه ڪم ڪيئن پيو ڪري؟

جڏھن لڳندو ھو ته نبيل، ناول ٿو پڙھي ان مھل سندس رڙ ٻڌڻ ۾ ايندي ھئي ته “واھَه جي وڪيٽ ورتي اٿائين” ۽ جنھن مھل اڪو جاسوس کي پڪ ھوندي ھئي ته نبيل جو ڌيان ٽي ويءَ ڏانھن آھي تڏھن ئي ھُو دانھن ڪندو ھو ته “واھَ جو ڪتاب آھي يار زبردست.”

ھڪ ڀيري اڪو جاسوس، نبيل جي مٿي واري پاسي کان بيھي اھا جاچ لھڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي ھئي ته آخر نبيل ھڪ ئي وقت ٻه ڪم ڪيئن ٿو ڪري. ويچاري اڪو جاسوس جي بدقسمتي جو ان مھل کيس نِڇَ اچي وئي ۽ ھن جي نڪ مان نڪتل سِنگهَه، نبيل جي ڪلهي تي اچي پئي. نبيل جي دانھن ڏيڻ تي، اڪو جاسوس جي امڙ کيس ٺاھوڪي مارَ ڏني ھئي.

ھاڻي اڪو جاسوس اھو فيصلو ڪيو ھو ته ڪاٺين وارو ڪيس ختم ٿيڻ کان پوءِ ھُو نبيل وارو ڪيس کڻندو ۽ اھو راز ڳولهي لھندو ته نبيل ھڪ ئي وقت ٻه ڪم ڪيئن ٿو ڪري؟

اھو سوچيندي، اڪو جاسوس جيئن ئي اڱڻ ڏانھن نھاريو ته سندس واڇ ئي گودي ٿي وئي. ٽئي ڪاٺيون گم ھيون. اَڪو جاسوس پنھنجون اکيون مَھٽي ٻيھر اڱڻ ڏانھن ڏٺو، پر ڪاٺيون اتي ڪو نه ھيون. اھي گم ٿي چڪيون ھيون. ھن اک ٽيٽ ڪري، نبيل ڏانھن نھاريو ۽ بنا ڪو کڙڪو ڪرڻ جي ڪرسيءَ تان لھي، بانبڙا پائيندو ورانڊي جي ان پاسي وڌڻ لڳو جتان پوءِ اڱڻ شروع ٿيندو ھو. اتي پھچي ھن چڱي نموني چڪاسيو، پر کيس ٽئي ڪاٺيون ڏسڻ ۾ ڪو نه آيون.

“چور وڏو ڪو سياڻو آھي. منھنجي ھوندي ڪاٺيون کڻي ويو ۽ مون کي کُڙڪ ئي ڪا نه پئي.” اڪو جاسوس، اڱڻ جي پَٽ ڏانھن چِتائي نھاريندي پاڻ سان ڳالهايو.

“تون نه سُڌرندين.” نبيل جو آواز آيو. ھن اڪو جاسوس کي ڪنڌ کان سوگهو ڪيو ۽ ھڪ ڀيرو وري اڪو جاسوس کي ٿڦ ھڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر ان کان اڳ جو نبيل جي ٿڦ، اڪو جاسوس کي ڏينھن جو تارا ڏيکاري ھا. ٻاھريون در کڙڪڻ جو آواز آيو.

“امان اچي وئي.” اڪو جاسوس نعرو ھنيو ۽ موقعو ڏسي، نبيل جي ناولن واري جاسوسن جيان جَهٽڪو ڏئي پنھنجو ڪنڌ ڇڏايو ۽ ٻه ٽي بولاٽيون ڏيندو ٻاھر اڱڻ ۾ پھچي ويو.

“اَئِي…” اڪو جاسوس کان دانھن نڪري وئي جو اڱڻ جو پَٽُ، جُونِ جي اُسَ ۾ تپيل ھو. پوءِ به ھن ھمت ڪئي ۽ پنھنجي چَڍي سنڀاليندو در کولڻ لاءِ پھچي ويو.

در تي امڙ، ادي ۽ جميل ھئا. اڪو جاسوس سرھو ٿي ويو جو نبيل جي ٿَڦ لڳڻ کان بچي ويو. باقي امڙ جا دڙڪا، اھي ته اڪو جاسوس گُهرِي کائيندو ھو.

ٻئي ڏينھن اھو ڏسي اڪو جاسوس، اَچرج ۾ وٺجي ويو ته سَنهيون، نَنڍيون ۽ سُڪل ڪاٺيون، ھڪ ڀيرو ٻيھر ساڳئي صُفي ۾ پيل ھيون. اڄ انهن جو انگ ٻه ھو.

“اڄ ڇا به ٿئي، مان ڪاٺيون اسان جي گهر ۾ رکڻ واري ڏوھاريءَ کي ضرور سوگهو ڪندس.” اڪو جاسوس، نراڙ تي گهنج آڻي سوچيو ۽ نبيل کان لِڪي، اھي ڪاٺيون اڱڻ جي پَٽَ تي رکي آيو ۽ ورانڊي ۾ اچي ساڳي جاءِ تي ويھي، اڱڻ ڏانھن نھارڻ لڳو.

اڄ نبيل رڳو جاسوسي ناول پئي پڙھيو. ٽي وي بند ھئي.

“واھه واھه ڇا ته ناول جي ڪھاڻي آھي.”

نبيل وڏي دانھن ڪري چيو. ھن جي رڙ تي اڱڻ ۾ داڻو ڳولهيندڙ پاريھر ڇرڪ ڀري اڏامي ويو.

“ادا مون کي به ٻڌاءِ.” اڪو جاسوس منٿ ڪرڻ واري انداز ۾ چيو.

“جيڪڏھن تون مون کي سموسو کارائين ته پوءِ توکي ضرور ٻڌائيندس.” نبيل ھن کي ڪتاب ڏيکاريندي چيو.

“پر مون وٽ پئسا ڪونهن.” اڪو جاسوس ٺُپ نھڪار ڪيو.

“امان وڏيءَ جي گهر وڃڻ کان اڳ ۾ امڙ جيڪي ويھه ڏنا ھيئي، اھي ڪيڏانھن ڪيئي؟” نبيل اُٿِي، اڪو جاسوس جا وارَ سُڪ ڪندي پڇيو.

“پر، ويھن ۾ ته رڳو ھڪ سموسو ملندو ادا.” اڪو جاسوس پنھنجا وار ڇڏائڻ جي ڪندي چيو.

“اسان ٻنهي ۾ نبيل ڪير آ؟” نبيل، ھن جي وارن کي ڇڪيندي پڇيو.

“تون ادا.” اڪو جاسوس ڪِنجهندي وراڻيو.

“وڏو ڪير آ؟” نبيل ساڳي نموني پڇيو.

“تون ادا.” اڪو جاسوس، لاچاريءَ وچان چيو.

“ڪھاڻي ڪير ٻڌائيندو؟” نبيل کي رحم نه آيو.

“تون ادا.” اڪو جاسوس وراڻيو.

“پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته سموسو ڪير کائيندو؟”

نبيل ٽھڪ ڏئي پڇيو.

“تون ادا.” اڪو جاسوس، چپ ڀيڪوڙي چيو.

“ته پوءِ ڀڄندو نظر اچ. ھَل…ھَل.” نبيل ھن جا وار ڇڏيندي چيو.

ان مھل به اڪو جاسوس کي رڳو چڍي پاتل ھئي. جنھن جي اڳين، سوڙھي گيدي ۾ ويھين جو نوٽ رکيل ھو. نبيل جي ظلم کان بچڻ لاءِ اڪو جاسوس جيئن جو تيئن ٻاھرين در ڏانھن وڌيو ۽ ڊڪندو گهٽيءَ ۾ ھليو آيو.

گهٽيءَ جي مُنڍَ تي ئي ھڪ گهوراڙو چاچو رحمت، وڏي ڇَٻيءَ ۾ آندل سموسا ۽ پڪوڙا کپائيندو ھو. ان جي کَٽي چَٽڻي اڪو جاسوس کي ڏاڍي وڻندي ھئي. توڙي جو ھڪ ڀيري اڪو جاسوس جي دوست شيراز، اڪو جاسوس کي ڪن ۾ ڀُڻڪو ڪندي ٻڌايو ھو ته “چاچو رحمت پنھنجي چِيچَ نڪ ۾ وِجهي پوءِ وري چٽڻيءَ کي ان سِنگهن ھاڻِي چيچ سان گڏائيندو آھي.” پر اڪو جاسوس شيراز جي ان ڀُڻڪي کي ھڪ ڪن مان ٻُڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيو ھو.

ان مھل، ڏينھن جا يارھن پئي ٿيا. ڏاڍي گرمي ھئي. تيز اُس جي ڪري، ڪنھن ڪنھن مھل لڳندڙ ھوا جا جهوٽا به ڄڻ ته ساڙي رھيا ھئا. ڊگهي گهٽيءَ ۾ تڪڙو تڪڙو ھلندو اڪو جاسوس، سموسي واري وٽ پھتو. سموسو وٺي ھن ان تي جام چٽڻي وجهرائي ۽ اھا چٽڻي چِيچ سان چٽيندو واپس گهر ڏانھن ھلڻ لڳو.

جنھن مھل ھو در وٽ پھتو ته پاڻ مرادو ھن جي نِھار صفي وارن جارن (روشن دانن/ھوا دانن) ڏانھن کڄي وئي. اھي ٽي گول جارا ھئا. جيڪي ٻنهي پاسن ڏانھن کُليل ھئا. وچين جاري ۾ اڪو جاسوسَ، ڪاٺيون ڏٺيون جيڪي ترت ئي ڪنھن اندر، صُفي ڏانھن ڇِڪي ورتيون.

“چور اسان جي گهر ۾ آھي، نه ڇڏيندوسانس.” اڪو جاسوس جوش وچان سوچيو. انھيءَ جوش ۾ ھنَ پنھنجي چيچ سموسي تي گهمائي وات بدران نَڪ جي ناسَ ۾ وِجهي ڇڏي ۽ چَپ چَٽيندو در کڙڪائڻ لڳو.

نبيل جي در کوليندي ئي ھن سموسو نبيل کي ڏنو ۽ تڪڙ ۾ ورانڊي ڏانھن وڌيو. ھن ڏٺو ته پٽَ تي پيل ڪاٺيون به پنھنجي جاءِ تي ڪو نه ھيون.

“نه ويندي چور جا پٽَ.” ھن ڏاڍيان چيو ۽ وچين صفي ڏانھن ڊوڙيو.

نبيل ھن ڏانھن اچرج وچان نھاريو ۽ وات ڦاڙي اڌ سموسو کائي ويو.

اڪو جاسوس جوش مان ڊڪندو وچين صفي ۾ پھتو ۽ بنا دير ڪرڻ جي بلب جو بٽڻ آن ڪيائين. صفي ۾ سُھائي پکڙجي وئي.

“مون کي ڄاڻ آھي ته تون ھتي ئي آھين. اجهو ٿو توکي ڳولهي لھان چور ڪنھن جاءِ جا.” اڪو جاسوس رڙ ڪئي ۽ کٽ جي ھيٺان جاچڻ لڳو، پر چور اتي ڪو نه ھو. ھن ڪپڙن واري ڪٻٽ ۽ اديءَ جي سينگار واري ميز جي پٺيان به ليئا پاتا، پر چور اتي به ڏسڻ ۾ ڪو نه آيس.

“لڳي ٿو ڀڄي ويو.” ھن پنھنجو پاڻ سان ڳالهايو.

“ڪير ڀڄي ويو؟” صفي جي درَ وٽان نبيل جو آواز آيو. ھُو اچرج مان اڪو جاسوس ڏانھن ڏسي رھيو ھو. سندس چپن تي چٽڻي لڳل ھئي.

“چور ادا چور.” اڪو جاسوس وراڻيو.

“ڪھڙو چور؟” نبيل ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسندي پڇيو.

“اھوئي چور ادا، جيڪو روز ھن صفي ۾ سنهڙيون، ننڍڙيون سڪل ڪاٺيون رکي وڃي ٿو. ڪلهه مان ان بابت ئي جاچ ڪري رھيو ھئس جو تو مون کي ٿڦ ھنئي ھئي. جي اڄ تون مون کي سموسو وٺڻ لاءِ نه موڪلين ھا ته ھن مھل تائين مان چور کي سوگهو ڪري ڇڏيان ھا.” اڪو جاسوس ڏاڍي ڏک وچان چيو.

“پر توکي اھا خبر ڪيئن پئي ته ڪو چور ڪاٺيون کڻي ھن صفي ۾ ايندو آھي؟ مون ته ڪنھن کي ايندي ڪو نه ڏٺو ھو.” نبيل پڇيو.

“ادا چور دروازي مان اچي ته توکي ڏسڻ ۾ اچي ني. چور ته ان جاري مان ٽَپي ايندو آھي.” اڪو جاسوس جاري ڏانھن ڏسندي ٻڌايو.

نبيل به جاري ڏانھن ڏٺو ۽ ٽھڪ ڏئي کلي پيو.

“تون کلين پيو ادا. توڙي جو جاسوسي ڪتاب تون ٿو پڙھين، پر چور پڪڙڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ مون کي ٿي ڪرڻي پئي. اھا کلڻ جي نه، پر روئڻ جي ڳالهه آھي ادا.” اڪو جاسوس، افسوس وچان مٿو لوڏيندي چيو.

“ھيڏانھن اچ ته توکي چور ڏيکاريان.” نبيل چيو.

“چور ته ڀڄي ويو، پر مان سڀاڻي ضرور کيس پڪڙيندس.” اڪو جاسوس چيو.

“ھيڏي اچ جاسوس صاحب.” نبيل اڳتي وڌي، اڪو جاسوس کي سندس بغلن وٽان سُڪ ڪيو ۽ کيس مٿي کڻي پنھنجي کاٻي ڪُلهي تي ويھاري ڇڏيو.

“ھاڻي ڏس جاري ڏانھن.” نبيل چيو.

اڪو جاسوس جاري ڏانھن ڏٺو ۽ سندس وات پَٽجي ويو. چور سندس آڏو جاري ۾ ويٺو ھو.

“پاريھرَ.” اڪو جاسوس جي وات مان نڪتو.

“ھا پاريھرَ، جيڪي جاري ۾ پنھنجو آکيرو ٺاھڻ لاءِ تيليون ۽ ڪَک پَن پيا ڪَٺا ڪن، پر ھيڏانھن به جارو کُليل ھُئڻ ڪري ڪاٺيون ھيٺ اچي پئي ڪريون ۽ تنھنجي ليکي ته ڪو ماڻهو پيو صفي ۾ اچي.” نبيل کلندي چيو ۽ اڪو جاسوس کي ڪلهي تان ھيٺ لاھي ڇڏيو.

“ته اصل ڳالهه اھا آھي.” اڪو جاسوس صدمي ۾ اچي ويو. ھُو پنھنجي پھرين ڪيس ۾ ئي فيل ٿي ويو ھو.

“ڏک نه ڪر منھنجا ڀاءُ. جڏھن تون وڏو ٿئين ته پوءِ اھي ڪم ڪجانءِ. ھن مھل تنھنجو ڪم پڙھڻ ڏانھن ڌيان ڏيڻ آھي. جاسوسي ڪرڻ نه. بابا اچي ته ان کان پُڇي جاري کي ڪا ٽيڪ ڏيون ٿا ته جيئن پاريھرَ آکيرو ٺاھي سگهن.” نبيل، اڪو جاسوس کي سمجهائيندي چيو.

“ٺيڪ آ ادا.” اڪو جاسوس ڪنڌ جهڪائيندي چيو.

“پر ھڪ ڳالهه ته ٻُڌاءِ. تنھنجي نڪ تي اھا پيلي شيءِ ڪھڙي لڳل آھي؟. نبيل ھن جي آڏو بيھندي پڇيو.

“اھا ته تو واري سموسي جي چَٽڻي آھي. مان سموسو وٺي چيچ سان چٽڻي چَٽيندو پئي آيس. شايد اھا ئي چيچ نڪ ۾ گهمائي ھوندي.” اڪو جاسوس ھٿ جي پُٺِ سان نڪ اُگهندي چيو.

“نڀاڳا” نبيل مُنھن ڪِنو ڪندي دانھن ڪئي ۽ اڪو جاسوس کي ٿڦ ھڻڻ جي ڪئي.

ان مھل ئي درُ کڙڪڻ جو آواز آيو.

“امان اچي وئي.” اڪو جاسوس نعرو ھڻڻ نموني چيو ۽ گُهتَ ھڻي، نبيل جي ٻنهي ٽنگن جي وچ مان نڪري، ٺينگ ٽَپا ڏيندو در ڏانھن ڀَڄڻ لڳو.

***