اَڪو جاسوسَ روئڻ وارو ئي ھو جو کيس ياد اچي ويو ته ان مھل ھُو عقيل احمد نه، پر اَڪو جاسوس آھي. سو ھن روئڻ جو ارادو مٽائي ماٺ ميٺ ۾ ورانڊي ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
ڏھن ورھين جو عقيل احمد عرف اڪو جاسوس پنجين درجي جو شاگرد ھو. اڄ ڪلهه جيئن ته گرمين جون موڪلون ھيون سو ھن موڪلن لاءِ مليل اسڪول جو ڪم اُڪلائڻَ سان گڏ، جاسوس ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ھو.
اڪو جاسوس کي ٿَڦ ھڻڻ وارو سندس ٻارھون درجو پڙھندڙ ڀاءُ نبيل احمد ھو، جيڪو پنھنجي ڪلاس جو ھوشيار شاگرد ھو. اڪو جاسوس جو نِڀاڳ ھو جو ھُو پڙھڻ ۾ پورو سارو ۽ ڏِنگائپ ڏيکارڻ ۾ ھوشيار ھو. سدائين اُبتيون سُبتيون حرڪتون ڪري ڪڏھن “دڙڪا” ته ڪڏھن “ڪُٽڪا” پيو کائيندو ھو. ان ڪري گهر توڙي اسڪول ۾ ھن جو نالو مڙيوئي ڪجهه خراب ھو. جڏھن ته نبيل کي سڀ ڪو ڀائيندو ھو ۽ کيس ھڪ سلڇڻو ٻار سمجهيو ويندو ھو.
نبيل ڪتاب پڙھڻ جو شوقين هو ۽ گهڻي ڀاڱي جاسوسي ناول پڙھندو ھو. ڪڏھن سٺي موڊ ۾ ھوندو ھو ته جاسوسي ناولن جون ڪھاڻيون عقيل کي به ٻڌائيندو ھو. اھي ڪھاڻيون ٻڌي ئي عقيل، ھاڻوڪين موڪلن ۾ جاسوس ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ھو. اڪو جاسوس، ھن جو ڳجهو نالو ھو. اھو نالو ھن ان ڪري رکيو ھو ته جيئن ڪير کيس سڃاڻي، ڏوھه جي جاچ ۾ رنڊڪ نه وجهي.
جاسوس ٿيڻ جي فيصلي کان، پنج منٽ پوءِ ئي کيس ھڪ ڪيس ملي ويو ھو.
اھو سوچيندي، اڪو جاسوس جيئن ئي اڱڻ ڏانھن نھاريو ته سندس واڇ ئي گودي ٿي وئي. ٽئي ڪاٺيون گم ھيون. اَڪو جاسوس پنھنجون اکيون مَھٽي ٻيھر اڱڻ ڏانھن ڏٺو، پر ڪاٺيون اتي ڪو نه ھيون. اھي گم ٿي چڪيون ھيون. ھن اک ٽيٽ ڪري، نبيل ڏانھن نھاريو ۽ بنا ڪو کڙڪو ڪرڻ جي ڪرسيءَ تان لھي، بانبڙا پائيندو ورانڊي جي ان پاسي وڌڻ لڳو جتان پوءِ اڱڻ شروع ٿيندو ھو. اتي پھچي ھن چڱي نموني چڪاسيو، پر کيس ٽئي ڪاٺيون ڏسڻ ۾ ڪو نه آيون.
“چور وڏو ڪو سياڻو آھي. منھنجي ھوندي ڪاٺيون کڻي ويو ۽ مون کي کُڙڪ ئي ڪا نه پئي.” اڪو جاسوس، اڱڻ جي پَٽ ڏانھن چِتائي نھاريندي پاڻ سان ڳالهايو.
“تون نه سُڌرندين.” نبيل جو آواز آيو. ھن اڪو جاسوس کي ڪنڌ کان سوگهو ڪيو ۽ ھڪ ڀيرو وري اڪو جاسوس کي ٿڦ ھڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر ان کان اڳ جو نبيل جي ٿڦ، اڪو جاسوس کي ڏينھن جو تارا ڏيکاري ھا. ٻاھريون در کڙڪڻ جو آواز آيو.