ڪهاڻيوننئون

ٻارن جو صفحو: محنت جو ڦل

نديم ۽ سليم گهاٽا دوست هئا. اهي ٻئي اسڪول مان گهر وڃي رهيا هئا ته نديم جي نظر هڪ ڀت تي لڳل ڦاٽل پراڻي پوسٽر تي پئي، جنهن تي فقط ايتري تحرير بچي هئي ته “محنت جو ڦل تمام مٺو ٿيندو آهي.” هيءَ تحرير پڙهي نديم سليم کي چيو: “هي محنت جو ڦل ڪٿان ملندو آهي؟”

هن جي ڳالهه ٻڌي سليم حيرت مان ڏسندي کيس چيو: “ڇا توکي خبر ناهي ته هي ڪٿان ملندو آهي؟” نديم وڏي معصوميت سان جواب ڏنو: “ناهي، ڇا تو ڪڏهن اهو ڦل کاڌو آهي؟”

اهو ٻڌندي ئي سليم شرارتي انداز ۾ چيو: “ها ها، مون ته ڪيترائي ڀيرا کاڌو آهي. هي اڇي رنگ جو تمام مزيدار ۽ مٺو ٿيندو آهي، پر هي ڏاڍي مشڪل سان ملندو آهي.”

“چڱو، پر ڇو؟” نديم چيو ته سليم مرڪي پيو.

پوءِ هن چيو: “ڇو ته ان جا وڻ تمام گهٽ ٿيندا آهن ۽ هي هر ڪنهن کي وڻ تي لڳل نظر به ناهي ايندو. هي ڦل يا ميوو… ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هڪ اڌ فرد کي ئي نظر ايندو آهي، جنهن کي به هن ڦل جي ضرورت هوندي آهي، اهو صبح سويل ڪنهن به باغ ۾ وڃي ويهي رهندو آهي ۽ وڻن کي ڏسندو رهندو آهي. پوءِ جڏهن کيس محنت جو ڦل يا ميوو… نظر ايندو آهي ته جلدي سان ٽوڙي وٺندو آهي.”

نديم پنهنجي دوست سليم جي ڳالهه ٻڌي چيو: “مون هي ڦل يا ميوو… ڪڏهن به ناهي کاڌو، مان سڀاڻي ئي باغ ۾ وڃي ويهي رهندس.”

هن جي ڳالهه ٻڌي سليم دل ئي دل ۾ کليو.

ٻئي ڏينهن نديم اسڪول وڃڻ بجاءِ هڪ باغ ۾ وڃي ويهي رهيو ۽ وڻن کي ڏسڻ لڳو. ھوڏانھن اسڪول ۾ جڏهن سليم ڏٺو ته نديم ناهي آيو ته هن اسڪول جي ٻين ڇوڪرن کي نديم جي نه اچڻ جو سبب ٻڌائيندي ڪالهه وارو سڄو واقعو ٻڌايو ته سڀئي ڇوڪرا موڪل کانپوءِ باغ ۾ پهچي ويا، اهي نديم کي تنگ ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي آيا هئا.

ھوڏانھن باغ ۾ غريب نديم کي جڏهن اڇي ڦل يا ميوي… جو انتظار ڪندي ڪندي منجهند ٿي وئي ته باغ جو مالهي جيڪو کيس صبح کان باغ ۾ ويٺل ڏسي رهيو هو، سو سندس ويجهو آيو ۽ کانئس پڇيو: “پٽ، تون صبح کان هتي ڇو ويٺو آهين؟”

مالهي جي ڳالهه ٻڌي نديم وڻن تان نظر هٽائي ۽ مالهي کي ڏسندي چيو: “مالهي بابا! مان محنت جي ڦل جو انتظار ڪري رهيو آهيان.”

مالهي حيرت سان چيو: “محنت جو ڦل…! ڇا مطلب؟” اهو ٻڌي نديم مالهي کي ڪالهه وارو سڄو واقعو ٻڌائي ڇڏيو ته سليم کيس ڇا چيو هو.

مالهي نديم جي ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳو ۽ چيائين: “پٽ! محنت جو ڪوبه ميوو ڪنهن به وڻ تي ناهي لڳندو، پر هي ته عقل جي باغ ۾ لڳندو آهي.”

نديم هڪدم چيو: “۽ اهو عقل جو باغ ڪٿي آهي؟”

ان تي مالهي کِليو ۽ پوءِ وڏي پيار سان نديم جي مٿي تي هٿ رکي کيس سمجهائيندي چيو: “پٽ! اچ، مان توکي سمجهايان ٿو، ڏس جڏهن تون سڄو ڏينهن محنت سان پڙهين ٿو ۽ پوءِ امتحان ۾ پاس ٿئين ٿو ته ان کي چئبو ته تنهنجي محنت جو ميوو ملي ويو.”

مالهي جي ڳالهه ٻڌي نديم شرمسار ٿي اٿيو ئي هو ته سندس نظر سليم تي پئي جيڪو هڪ طرف بيٺل ٻين ڇوڪرن سان گڏ مالهي جون ڳالهيون ٻڌي کلندو رهيو، ساڳئي وقت سڀني ڇوڪرن نديم تي ٺٺولي ڪرڻ شروع ڪري ڏني. نديم شرم کان پاڻي پاڻي ٿي رهيو هو، سندس شرمندگي ڏسي مالهي ڇوڪرن کي سمجهايو: “ڏسو پٽ! جنهن مذاق سان ڪنهن جو نقصان ٿئي يا ڪنهن جو دل ٽٽي، اهڙو مذاق ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي. اڄ اوهان جي ڪري هي ٻار اسڪول ناهي ويو ۽ سندس پڙهائي جو هرج ٿيو آهي، هاڻي اوهين هن کان معافي گهرو ۽ اڄ جو سڄو ڪم کيس ٻڌايو ته جيئن هي گهر وڃي سڄو ڪم پورو ڪري سگهي.”

مالهي جي ڳالهه ٻڌي سڀئي ڇوڪرا کلندي کلندي چپ ٿي ويا ۽ پوءِ هنن اڳتي وڌي نديم کان معافي گهري.

***