نديم ۽ سليم گهاٽا دوست هئا. اهي ٻئي اسڪول مان گهر وڃي رهيا هئا ته نديم جي نظر هڪ ڀت تي لڳل ڦاٽل پراڻي پوسٽر تي پئي، جنهن تي فقط ايتري تحرير بچي هئي ته “محنت جو ڦل تمام مٺو ٿيندو آهي.” هيءَ تحرير پڙهي نديم سليم کي چيو: “هي محنت جو ڦل ڪٿان ملندو آهي؟”
هن جي ڳالهه ٻڌي سليم حيرت مان ڏسندي کيس چيو: “ڇا توکي خبر ناهي ته هي ڪٿان ملندو آهي؟” نديم وڏي معصوميت سان جواب ڏنو: “ناهي، ڇا تو ڪڏهن اهو ڦل کاڌو آهي؟”
اهو ٻڌندي ئي سليم شرارتي انداز ۾ چيو: “ها ها، مون ته ڪيترائي ڀيرا کاڌو آهي. هي اڇي رنگ جو تمام مزيدار ۽ مٺو ٿيندو آهي، پر هي ڏاڍي مشڪل سان ملندو آهي.”
“چڱو، پر ڇو؟” نديم چيو ته سليم مرڪي پيو.
پوءِ هن چيو: “ڇو ته ان جا وڻ تمام گهٽ ٿيندا آهن ۽ هي هر ڪنهن کي وڻ تي لڳل نظر به ناهي ايندو. هي ڦل يا ميوو… ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هڪ اڌ فرد کي ئي نظر ايندو آهي، جنهن کي به هن ڦل جي ضرورت هوندي آهي، اهو صبح سويل ڪنهن به باغ ۾ وڃي ويهي رهندو آهي ۽ وڻن کي ڏسندو رهندو آهي. پوءِ جڏهن کيس محنت جو ڦل يا ميوو… نظر ايندو آهي ته جلدي سان ٽوڙي وٺندو آهي.”
نديم پنهنجي دوست سليم جي ڳالهه ٻڌي چيو: “مون هي ڦل يا ميوو… ڪڏهن به ناهي کاڌو، مان سڀاڻي ئي باغ ۾ وڃي ويهي رهندس.”
هن جي ڳالهه ٻڌي سليم دل ئي دل ۾ کليو.
ٻئي ڏينهن نديم اسڪول وڃڻ بجاءِ هڪ باغ ۾ وڃي ويهي رهيو ۽ وڻن کي ڏسڻ لڳو. ھوڏانھن اسڪول ۾ جڏهن سليم ڏٺو ته نديم ناهي آيو ته هن اسڪول جي ٻين ڇوڪرن کي نديم جي نه اچڻ جو سبب ٻڌائيندي ڪالهه وارو سڄو واقعو ٻڌايو ته سڀئي ڇوڪرا موڪل کانپوءِ باغ ۾ پهچي ويا، اهي نديم کي تنگ ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي آيا هئا.