واضح رهي ته پاڪستان هن وقت انهن ٻن ملڪن مان هڪ ملڪ آهي، جن ۾ اڃان تائين پوليو جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي. جنهن ۾ افغانستان کانپوءِ پاڪستان شامل آهي. 2025ع ۾ هيستائين پاڪستان ۾ ڪل 30 پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ هي پروگرام بين الاقوامي ادارن ۽ ملڪن جي مدد سان هلي رهيو آهي، جن ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، يونيسيف جو گڏيل قومن جو ٻارن جو فنڊ، بل ۽ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن، اسلامڪ ڊولپمينٽ بينڪ، روٽري انٽرنيشنل ۽ جاپان جي حڪومت سان هڪ گڏيل گلوبل پوليو اريڊيڪيشن انيشيئيٽو تحت هي پروگرام هلي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو نه ٿيڻ جا ڪيترائي سبب آهن. جنهن جي ڪري هي پروگرام تمام طويل عرصي کان جاري هجڻ باوجود اڃان تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي. هن پروگرام ۾ ڪيترائي مسئلا سامهون آهن، جنهن جي ڪري هي پروگرام اڃان تائين مڪمل خاتمي وارا نتيجا نه ڏئي سگهيو آهي. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ رڪاوٽ غلط فهميون ۽ هڪ خاص طبقي جو مذهب جي آڙ ۾ ذهنن ۾ خدشا پيدا ڪرڻ آهي. اها هڪ وڏي پروپيگنڊا مهم آهي جيڪا هن پروگرام کي ناڪام ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ انهن ساڳين علائقن ۾ ٽيمن کي حفاظتي ۽ سيڪيورٽي جا مسئلا به سامهون اچن ٿا، جنهن جي ڪري انهن علائقن ۾ جتي مذهبي انتها پسندي وارو رجحان موجود آهي، اتي ٽيمن کي جسماني طور تي نقصان پهچايو وڃي ٿو يا ٽارگيٽ ڪرڻ جو خطرو موجود هوندو آهي.
ان کانسواءِ ڪجهه انتظامي خاميون پڻ موجود آهي. جنهن جي ڪري هن پروگرام جو نتيجو مڪمل طور تي حاصل نه ٿي سگهيو آهي. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ويڪسين جي ڪولڊ چين مطلب ته ويڪسين کي تمام ٿڌي يا گهربل درجه حرارت تي رکڻ ضروري هوندو آهي، جيڪو بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جي مسئلن سبب متاثر ٿئي ٿو ۽ پنهنجي افاديت وڃائي ويهي ٿو. ان کان علاوه پاڪستان انهن ملڪن مان هڪ آهي جتي شهري آبادين سان گڏوگڏ ڪچين آبادين ۾ هڪ اهڙو طبقو رهي ٿو جن کي سخت ماحولياتي گدلاڻ ۾ رهڻو پوي ٿو. اسان پنهنجي ملڪ ۾ اڃان تائين ماڻهن جي اندر صفائي ۽ سٿرائي سان رهڻ جو احساس پيدا نه ڪري سگهيا آهيون، جنهن سان اسان جي سماج جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ ان صفائي سٿرائي جي خراب صورتحال جي ڪري ڪيترائي علائقا پوليو جي پکيڙ جو سبب بڻجن ٿا. ضروري آهي ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون صفائي ۽ سٿرائي ۽ سيويج جو صحيح نيڪال ڪرڻ لاءِ مستقل حل ڪڍن. ان کان علاوه پاڪستان گڏيل آباديءَ وارو ملڪ آهي. في الوقت پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جو اچڻ بند آهي، پر ان کان اڳ افغانستان مان ماڻهو کليل ڇوٽ ذريعي اچي وڃي سگهيا ٿي ۽ وائرس هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ٿي رهيو هو.
ان سڄي صورتحال کي بين الاقوامي ادارا ۽ ڊونر ملڪ تمام ويجهڙائي کان ڏسي ۽ صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ پاڪستان جي مستقل مدد ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ هينئر جاپان پاران جاپان جي سفارتخاني وسيلي 3.5 ملين آمريڪي ڊالر جي گرانٽ جو تازو اعلان ڪيو ويو آهي. اها گرانٽ پوليو کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ويڪسين جي خريداري جي لاءِ ڏني وئي آهي ته جيئن هن ويڪسين جو ڊوز گهربل ٻارن کي ملي سگهي. ان کان علاوه هن امداد جو مقصد اهو آهي ته 2026ع ۾ ٿيندڙ قومي ويڪسينيشن مهمن ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي دوا پياري وڃي. جاپان اهو فنڊ يونيسيف جي ذريعي فراهم ڪندو، جيڪو ويڪسين خريد ڪرڻ ۽ پهچائڻ ۾ مدد ڪندو. جاپان جي سفير ان مدد کي پاڪستان جي صحت جي ترجيحن لاءِ سندن ڊگهي مدي واري عزم جي تصديق قرار ڏنو آهي. ڇو ته ٻارن جي بيماري کان حفاظت ڪرڻ ڪنهن به قوم جي مستقبل جي اهم سيڙپ آهي. ياد رهي ته جاپان 1996ع کان وٺي پاڪستان کي پوليو پروگرام لاءِ مسلسل مدد ڏئي رهيو آهي، پر اسان جي پنهنجي انتظامي ۽ سيڪيورٽي جي مسئلن سان گڏوگڏ افغان مهاجرن جو ڪيمپن کان کلي عام ٻاهر سڄي ملڪ ۾ ڦرڻ هن بيماريءَ جي نه ختم ٿيڻ جو به وڏو سبب رهيو آهي. اميد آهي ته پاڪستان جاپان جي ڏنل هن امداد کي بامقصد طور تي استعمال ڪري صحيح انتظامي طريقي سان ان جي ٽرانسپورٽيشن ڪري، مهم هلائڻ کان اڳ پنهنجي مذهبي رهنمائن کان هن پروگرام جي حمايت لاءِ اڳ پنهنجون فتوائون جاري ڪرائي، ان جي تشهير ڪندو ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته هي ڦڙا اسلامي عقيدي جي خلاف نه بلڪه اسلام جي تعليمات مطابق پياريا پيا وڃن ته جيئن هي پروگرام ڪاميابيءَ سان هلي سگهي ۽ ڪوبه ٻار ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي.