ايڊيٽوريلنئون

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿي ويو

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو 80 هون اجلاس 23 سيپٽمبر 2025ع کان 30 سيپٽمبر 2025ع تائين شروع ٿي چڪو آهي. هن اجلاس جو موضوع “Better together: 80 years and more for peace, development and human rights” آهي. هن اجلاس ۾ 193 ميمبر ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن.

پهرين ڏينهن تي گڏيل قومن جي اجلاس کي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جو ادارو صرف نالي جو رهجي ويو آهي، هن پنهنجو ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي ۽ هن اداري وٽ صلاحيت آهي، پر ان کي استعمال نٿو ڪري. ان سان گڏ صدر ٽرمپ ان ڳالهه جو بار بار ذڪر ڪيو ته هن دنيا ۾ ٿيندڙ جنگيون ختم ڪرايون آهن ۽ کيس امن جو نوبيل انعام ملڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته کيس ٻين به ڪيترين ئي شين لاءِ نوبيل انعام ملڻ گهرجي.

شرط اهو آهي ته انعام انصاف سان ڏنا وڃن. سندس چوڻ هو ته نوبيل ڪاميٽي انصاف سان ڪم نٿي ڪري. صدر ٽرمپ چيو ته هن 7 جنگيون ختم ڪرايون آهن ان جي بنياد تي کيس نوبيل امن انعام ملڻ گهرجي. سندس چوڻ مطابق کيس اهو انعام ان ڪري ملڻ گهرجي ته هن لکين ماڻهن کي مرڻ کان بچايو آهي. هن گڏيل قومن تي تنقيد ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي اداري امن جي لاءِ ڪي به خاص ڪوششون نه ڪيون، پر ٽرمپ پنهنجي ذات جي لاءِ تمام وڏيون دعوائون ڪيون.

فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ٽرمپ جي نوبيل امن بابت ڳالهه تي سخت احتياط ۽ شرط رکندي جواب ڏنو آهي ۽ هن چيو آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ واقعي نوبيل امن انعام چاهي ٿو ته کيس غزه جي جنگ ختم ڪرائڻ لازمي آهي. ميڪرون جو چوڻ آهي ته آمريڪا وٽ اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي. جنهن جي ڪري اها ذميداري ٽرمپ جي آهي ته هو جنگ بند ڪرائي ۽ نوبيل امن انعام تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ٽرمپ هن تڪرار کي ختم ڪرائي.

ميڪرون اها به ڳالهه ڪئي ته فرانس ۽ ٻيا ملڪ اسرائيل کي هٿيار فراهم نٿا ڪن، جيڪي غزه ۾ جنگ کي هٿي ڏين ٿا. تنهنڪري انهن وٽ دٻاءُ وجهڻ واري قوت به نه آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس جيڪو هر سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ ٿيندو آهي ۽ ان ۾ دنيا جا سڀئي ميمبر ملڪ شريڪ ٿي عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهن. هن سال جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه واري جنگ ۽ وچ اوڀر ۾ امن امان قائم رکڻ اهم موضوع آهي. غزه ۾ جاري تشدد ۽ جنگ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.

عالمي اڳواڻن امن لاءِ فوري جنگ بندي، انساني امداد جي رسائي ۽ انساني حقن جي بحاليءَ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي قرارداد ۾ غزه ۾ مدد پهچائڻ ۽ جنگ بند ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي. ان کان علاوه ٻن رياستن جي حل کي ٻيهر فعال ڪرڻ، فلسطين جي قومي حقن کي تسليم ڪرڻ ۽ خطي ۾ مستقل امن لاءِ ڪوششون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي. هن اجلاس جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته جيئن هر سال ٿيندڙ دنيا ۾ جيڪي به تبديليون اچن ٿيون چاهي اهي ماحولياتي هجن يا امن جو ڪو مسئلو هجي يا هٿيارن جي مارڪيٽ ۾ اضافو جيڪو غير قانوني طريقي سان ڪو ملڪ ڪري رهيو هجي يا عالمي معيشت ۾ ڪابه رڪاوٽ پيدا ٿئي ٿي، انساني الميه جيڪي ڪنهن به صورت ۾ جنم وٺن ٿا يا ڪنهن به نئين ٽيڪنالاجي جي استعمال جا فائدا ۽ نقصان انهن جو جائزو وٺڻ هوندو آهي.

هن اجلاس ۾ جتي غزه جيڪو هينئر سڄي دنيا جي لاءِ هڪڙو زخم بڻيل آهي ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه موسمياتي تبديلين سبب جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن ۽ جيڪي ملڪ انهن تبديلين کي منهن ڏيئي رهيا آهن انهن کي حل ڪرڻ ۽ انهن جي پاليسين ٺاهڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ٿينديون. ان کان علاوه عالمي معيشت جي بهتري، غربت جي خاتمي، تعليم، صحت ۽ انساني ترقي جي منصبون تي پڻ هميشه وانگر ڳالهيون ڪيون وينديون، پر انهن تي عمل ڪرڻ اڃان شايد پري آهي.

محمود عباس جيڪو فلسطين جو رياستي صدر ۽ فلسطيني اٿارٽي جو اڳواڻ آهي ان حماس بابت خاص موقف اختيار ڪندي چيو ته حماس جو فلسطين جي حڪومت ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته حماس ۽ ٻين گروپن کي پنهنجا هٿيار فلسطيني اٿارٽي کي ڏيڻ گهرجن، ڇو ته اهي هڪ متحد رياست چاهين ٿا، جنهن ۾ هٿيار قانون جي دائري ۾ هجن. هڪ قانوني نظام هجي ۽ هڪ جائز سيڪيورٽي فورس هجي. سندس چوڻ هو ته حماس کي غزه ۾ پنهنجي هٿيارن کي ڇڏي فلسطيني اٿارٽي کي انتظامي ذميواري ڏيڻ گهرجي ته جيئن هڪ قانوني ۽ پرامن فلسطيني رياست قائم ڪري سگهجي.

حماس جو موقف فلسطيني اٿارٽي کان مختلف آهي. هن تنظيم جي حمايت ڪندڙن ۾ خاص ڪري غزه جا ماڻهو شامل آهن، جيڪي حماس کي پنهنجي لاءِ ضروري سمجهن ٿا. بهرحال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ هڪ تمام خوش آئند ڳالهه اها ٿي آهي ته هن اجلاس ۾ گهڻائي ۾ ملڪن فلسطين ۽ اسرائيل جي ٻه رياستي حل کي تسليم ڪيو آهي ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي پنجن ميمبرن مان چئن ميمبرن فلسطين کي تسليم ڪري ورتو آهي، جن ۾ چين، روس، فرانس ۽ برطانيه شامل آهن. هاڻي صرف آمريڪا ئي اهو واحد پاور آهي جيڪو جيڪڏهن فلسطين کي آزاد رياست طور تسليم ڪري ته اسرائيل کي پير پٺتي ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو.