ايڊيٽوريل

“ڏيئاري” اونداهيءَ کي مات ڏيندڙ روشنين جو تهوار

            مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو مختلف ڏينهن تي پنهنجا قومي تهوار ملهائي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن ۽ انهن تهوارن ملهائڻ جي پٺيان ڪو نه ڪو فلسفو به ضرور هوندو آهي. ساڳئي طرح سان دنيا ۾ هندو مذهب سان تعلق رکندڙ ڪروڙين ماڻهو هر سال ڏيئاري جو هي ڏڻ ڏاڍي پيار محبت ۽ خوشيءَ سان ملهائيندا آهن. هي روشنين ۽ خوشين جو ڏڻ جنهن جون جاگرافيائي حدون ننڍي کنڊ سان لاڳاپيل آهن، پر دنيا ۾ جتي جتي هندو مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهن ٿا، اتي هن ڏڻ کي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏڻ جو تعلق قديم هندو فيسٽيول سان آهي. جيڪو روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ ۾ هڪ جنگ جو فيصلو ڪندڙ نتيجو آهي. هي ڏڻ بدي ۽ نيڪي، شعور ۽ جهالت جو اظهار پڻ آهي. ڏياري جو اصل قصو هندو ميٿالاجي (ڪٿا) رامائڻ مان ملي ٿو. جنهن ۾ رام ڀڳوان جيڪو ايوڌيا جي راجا جو پٽ ۽ ولي عهد هو، پنهنجي پيءَ جي وچن پاڙڻ خاطر چوڏنهن سال پنهنجي مرضيءَ سان ڏيهه نيڪالي ڪاٽي بنواس ۾ رهي واپس اچي ٿو. انهن چوڏنهن سالن ۾ هو راوڻ کي جيڪو هڪ شيطان صفت بادشاهه آهي شڪست ڏئي سوڀ ماڻي پنهنجي ملڪ موٽي اچي ٿو. ايوڌيا جا ماڻهو رام جي واپسي جي خوشيءَ ۾ ڏيئا ٻاري کيس ڀليڪار چون ٿا. جيڪو هڪ قسم جي محبت ۽ خوشيءَ جو اظهار آهي ته اونداهيءَ جو دور ختم ٿيو ۽ روشنيءَ جو دور شروع ٿيو.

            هن ڏڻ جو ملهائڻ صرف ڪنهن واقعي جي ياد نه بلڪه هي ڏڻ هڪڙي فلسفي تي ٻڌل تصور کي بيان ڪري ٿو ته اونداهي هميشه رهڻي ناهي. اونداهي کي هڪڙي ڏينهن ختم ٿيڻو آهي ۽ نااميديءَ کي ختم ڪري اميد جا ڏيئا هميشه روشن ڪرڻا آهن. ان کان علاوه هن ڏڻ جي ذريعي اسان کي اها تعليم به ملي ٿي ته سچ ۽ چڱائيءَ جي هميشه جيت ٿيندي آهي، شيطاني عمل پوءِ کڻي ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، ان کي ختم ٿيڻو آهي. انصاف ۽ چڱائي هميشه سوڀارا ٿيندا آهن. نه صرف ايترو، پر هي ڏڻ جنهن تي هزارين ڏيئا ٻاريا وڃن ٿا ۽ روشني جي ذريعي هر ماڻهو اهو اظهار ڪري ٿو ته روشني ئي هر ذهن کي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍي ڪاميابيءَ جي دڳ تي آڻي سگهي ٿي. ان جي لاءِ اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته شعور تعليم سان ايندو ۽ اونداهي جهالت آهي ۽ جهالت کي اسان کي پنهنجي شعور سان ختم ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ڏيئاري جي پيغام کي اڄ اسان هن وقت جي حالتن سان ڀيٽينداسين ته اسانکي اهوئي پيغام ٿو ملي ته هن وقت دنيا ۾ جتي به جهالت جي اونداهي آهي، جتي به انتهاپسندي جي اونداهي آهي، جتي به جهيڙا جهڳڙا آهن، جتي به ماڻهن جي دلين اندر کوٽ ۽ نفرت پيدا ٿيل آهي ۽ انهن جي اندر رواداريءَ جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ان کي صرف ساڃاهه، شعور ۽ روشنيءَ سان ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو ئي پنهنجي ذهنن کي روشنيءَ سان منور ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي ۽ اها ئي ترقي پسند سوچ ۽ ترقي پسند تعليم هن ڏڻ جي ذريعي انسان ذات کي ملي ٿي. هن ڏڻ تي ماڻهو ڏيئا ٻاري يا ميڻ بتيون ٻاري پنهنجن گهرن کي روشن ڪندا آهن، پنهنجن گهرن کي سينگاريندا آهن ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪندا آهن ته اسان اونداهيءَ سان وڙهندا رهنداسين. اسان ٻين جي مذهبن کي مان ڏينداسين، اسان ٻين جي ڪلچر جو احترام ڪنداسين ۽ اسان ٻين ماڻهن جي نقطهءِ نظر ۾ اختلاف کي قبول ڪنداسين ۽ انهيءَ جي عزت ۽ احترام ڪنداسين. ڏيئاريءَ جو پيغام روشنين سان ڀرپور پيغام آهي، جيڪو اسان کي ان ڳالهه جي يادگيري ڏياري ٿو ته اونداهيءَ جا لمحا ۽ نااميدي جا لمحا ٿوري وقت جي لاءِ هوندا آهن. اسان کي ڪڏهن به نااميد ٿي هڪڙي جاءِ تي ويهڻو نه آهي ۽ نه ئي انهن نااميديءَ وارن لمحن ۾ اسان کي مايوس ٿيڻو آهي. بلڪه اسان کي ان ڳالهه جو يقين هجڻ گهرجي ته جتي ڪاري رات آهي اتي صبح جي روشنيءَ جو چِٽو امڪان آهي، اسان کي صرف انتظار ڪرڻو آهي.

            انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هي ڏڻ هندو مذهب کي مڃڻ وارن جو هڪ مذهبي تهوار آهي، پر هي هڪ اهڙو تهوار آهي جنهن کي پوري عالم ۾ هر مذهب سان تعلق رکندڙ، هر ڪلچر سان تعلق رکندڙ ماڻهو ملهائي سگهي ٿو ۽ هندن جي خوشين ۾ شامل ٿي پنهنجن ذهنن کي به روشن ڪري سگهي ٿو. اسان پنهنجن سڀني هندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي هن روشنين سان ڀرپور تهوار جون واڌايون ڏيون ٿا ۽ ان ڳالهه جي اميد ڪريون ٿا ته هن تهوار وانگر جنهن ۾ صرف روشني ئي روشني پکڙيل هوندي آهي. اسان جون زندگيون به ائين روشني سان منور رهن ۽ اسانجي اوسي پاسي پکڙيل اونداهي مات کائي وڃي.