بلاگنئون

سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل دهشتگردي

اڪثر ايجادون سٺي مقصد لاءِ هونديون آهن، پر غلط سوچ رکڻ وارا ماڻهو اهڙين ايجادن جو غلط استعمال ڪري ان ايجاد کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ ان جو صحيح استعمال ڪندڙ ماڻهن لاءِ به پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويندا آهن. ايئن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ايجاد به انسان جي ڀلائي لاءِ ئي ڪئي وئي آهي، پر ٿيو ايئن آهي ته انهن ٻنهي ايجادن ۽ اوزارن کي فساد ۽ دهشتگرديءَ لاءِ به استعمال ڪيو پيو وڃي.
سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا هڪ طوفان وانگي پکڙيل آهي. ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ نئين نئين ايجاد آهي ۽ انهيءَ جو نتيجو به نئون آهي، زندگيءَ جي هر شعبي ۾ انهيءَ نظام انسانيت جي مدد ڪئي آهي. تعليم کان وٺي صحت تائين، صنعت کان وٺي زراعت تائين، پر هتي اسين ڳالهه ڪري رهيا آهيون سوشل ميڊيا جي ۽ ان سان لاڳاپيل ڊجيٽل دهشتگرديءَ جي. انهيءَ ايجاد ۽ اوزار جي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اها عام ماڻهو جي هٿ وس ۾ آهي. سوشل ميڊيا جي دهشتگردي سڄي دنيا ۾ مختلف طريقن سان استعمال ٿي رهي آهي ۽ انسان ذات کي نقصان پهچائي رهي آهي. اسان جي ملڪ ۾ جتي پڙهيل لکيل ماڻهن جو انگ تمام گهٽ آهي ۽ جيڪي ماڻهو خود کي تعليم يافته چون ٿا انهن جي تربيت ۾ ڪافي کوٽ آهي ان ڪري انهن جي هٿ ور چڙهيل سوشل ميڊيا سماج کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. حد اها آهي جو سول سروس ۾ چونڊيل، ملازمت ۾ اعليٰ آفيسر جي طور تي خدمتون ادا ڪندڙ ۽ موجوده وقت ۾ سياسي مبصر اوريا مقبول جان کي لاهور ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن ملڪ جي اعليٰ عدالت جي ججن تي سوشل ميڊيا جي ذريعي الزام لڳائي کين ڌمڪيون ڏنيون ويون. سوشل ميڊيا تي ويهي ملڪ جي پاڙن کي کوکلو ڪندڙن متعلق آرمي چيف جناب عاصم منير چيو ته عوام کي سوشل ميڊيا ۾ غلط خبرن، الزام تراشي ۽ فتني کان پري رکڻ رياست جي ذميداري آهي. ائين به ٿي رهيو آهي ته ڊجيٽل دهشتگرديءَ جي ذريعي پاڪستان جي سڀني اعليٰ ادارن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. پنهنجي ئي ملڪ ۾ ويهي ۽ پنهنجي ادارن جي خلاف غلط ۽ من گهڙت ڳالهيون ڪندڙ ماڻهن جو احتساب ضروري آهي. اوريا مقبول جان جي گرفتاريءَ کي صحافتي برادري ۽ سڌ سماءَ جي ذريعن لاءِ هڪ پيغام آهي ته اهي سوشل ميڊيا جو استعمال تعميري مقصدن لاءِ ڪن. سوشل ميڊيا کي ڊجيٽل دهشتگرديءَ واري هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي. جنهن جو نقصان سڌو سنئون انهن نوجوانن کي ٿي رهيو آهي، جيڪي هن ملڪ لاءِ انٽرنيٽ تي ڪم ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن سان پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. ڇو ته سائبر ڪرائيم جي وڌڻ جي ڪري ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سهولت متاثر ٿي آهي ۽ ان جو مثبت استعمال ڪندڙ نوجوان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ اها حقيقت آهي ته اهڙيون سماجي ۽ سياسي قوتون آهن جن سوشل ميڊيا کي ڄڻ دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جيڪا هڪ سياسي جماعت آهي، انهيءَ لاءِ ملڪ جي گهڻن ماڻهن جو اها خيال آهي ته اها سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري رهي آهي. 9 مئي وارو واقعو ان جو ثبوت آهي ۽ ڪجهه قوتون آهن جن ڄڻ پنهنجي ئي ملڪ ۾ پنهنجن ادارن جي سامهون بيهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سرڪار کي اهو حق آهي ته انهيءَ ڊجيٽل دهشتگرديءَ کي روڪي ۽ نوجوانن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙي تربيت ڏني وڃي ته اهي سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ڪري ڪيئن پنهنجو مستقبل سڌاري سگهن ٿا. هن وقت سوشل ميڊيا جو فساد اسان جي ملڪ سان گڏ سڄي دنيا جو مسئلو آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نوجوانن جي تربيت ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. تازو برطانيه ۾ جيڪي نسلي فساد ٿيا آهن تن متعلق برطانيه جي تازو چونڊيل وزيراعظم انهن فسادن کي خانا جنگي قرار ڏنو آهي. 29 جولاءِ 2024ع تي ٽن ڇوڪرين جي قتل کانپوءِ شروع ٿيل فساد برطانيه جي تاريخ ۾ پنهنجو الڳ مثال رکن ٿا، ڇو ته اهي فساد سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي ڪري مقامي ۽ مسلمان برطانوين جي وچ ۾ برپا ٿي پيا.
جڏهن سوشل ميڊيا تي اها افواهه پکيڙي وئي ته حملي آور مسلمان آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ هو پيدا ئي برطانيه ۾ ٿيو هو ۽ هن جي والدين جو تعلق آفريڪا جي ملڪ روانڊا سان آهي، پر سوشل ميڊيا ۾ انهيءَ کي مسلمان ڪري پيش ڪيو ويو ۽ ملڪ نسلي فساد جي ور چڙهي ويو. وقت اچي ويو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ۽ انهن قانونن کي ذميداري ۽ طاقت سان لاڳو ڪيو وڃي، جنهن جو فائدو انهن نوجوانن کي ٿيندو جيڪي ان جو مثبت استعمال ڪن ٿا، جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته غلط سوچ رکڻ وارا ماڻهو سوشل ميڊيا جي دهشتگرديءَ جو فائدو وٺي ملڪ کي ڪو وڏو نقصان پهچائي سگهن ٿا.