نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن جو ڪيترن ئي ڏينهن کان شديد انتظار هو. ڇو ته 50 ڏينهن لڳاتار نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن 12 ڏينهن جي موڪل ملندي آهي ته انهيءَ ويل ايئن محسوس ٿيندو آهي جيئن ڪنهن ڦاسيءَ جي انتظار ۾ ويهي ڏهاڙا ڳڻيندڙ قيديءَ کي آزاديءَ جو پروانو ملي ويو هجي، ها واقعي به آزاديءَ ۽ غلاميءَ ۾ ڏينهن ۽ رات، سج ۽ چنڊ، موت ۽ زندگيءَ جيترو فرق آهي، پر پوءِ به خبر ناهي ته ڇو ماڻهو آزاديءَ بجاءِ غلاميءَ کي ترجيح ڏين ٿا، ڪاش اسان قبيلا پرست نه پر هڪ قوم هجون ها ته اڄ آزاد هجون ها، مگر هتي ته هڪ قوم جا ڪيترائي رهبر آهن جن جا نظريا، آئين ۽ منشور به جدا جدا آهن جن جو هاڻي ڳنڍجڻ به ناممڪن آهي. سو 28.04.2024 آچر تي موڪل ملي ته بائيڪ جي ٽيوننگ ڪرايم ڇو ته سومر 29.04.2024 تي صبح جو سوير بدين جو پروگرام رٿيل هو، جنهن جو اطلاع زاهد حسين راڄو کي ڏئي ڇڏيو هئم، ٻيو ته نمره به عيدالفطر کان اڳ ڳوٺ ويل هئي. ڇو ته سندس نائنٿ جا ساليانه پيپر هئا سو اتي اڳواٽ پيپرن جي تياري ڪرڻي هئس.
سير ۽ تفريح به هڪ عجيب نشو آهي جيئن موالين کي مختلف نشو ٿيندو آهي يا وري ڪي جوا يا وري ڪي شراب جا هيراڪ هوندا آهن تيئن ئي گهمڻ ڦرڻ جا شوقين به وقت بوقت مختلف ماڳن، مڪانن، ڪوٽن، قلعن ۽ تاريخي جاين يا ڍنڍن جي سير لاءِ نڪري پوندا آهن. هاڻي ته ماڻهو قبرستانن ۽ مزارن تي به سير ۽ تفريح خاطر ويندا آهن. جڏهن ته قبرستان عبرت جو مقام ۽ اوليائن جا مزار فيض حاصل ڪرڻ جي جاءِ آهن، پر افسوس جو اڄڪلھ انهن هنڌن تي به پيار، محبت ۽ عياشي ٿي هلي. ڇو ته ادب ۽ احترام ناهي رهيو.
اسان به حسب معمول ۽ حسب روايت صبح جو ڇهين وڳي ڪڻڪ جون ٻه مانيون ۽ پاڻيءَ جي بوتل پارسل ڪري گهر کان موڪلاڻي ڪئيسين. هن وقت روشن صبح جو پهر هو، روڊ تي ٽريفڪ روان دوان هئي، اسان به چڪرا ڳوٺ کان نڪري ڪورنگي، لانڍي، دائود چورنگي، قائد آباد، چوڪنڊي مقبرا، رزاق آباد، پورٽ قاسم موڙ، اسٽيل مل چورنگي، اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد کان اڳتي وڌياسين ته بائيڪ جو پويون ٽائر پنڪچر ٿي پيو. يا الله خير ڪجانءِ هي ڇا ٿي ويو، ايئن ته اڳي ڪڏهن ناهي ٿيو، پر خير آهي لوها گهوڙا آهن سو خراب ٿي سگهن ٿا. هلندي هلندي ماڻهو به بيمار ٿيو ٿا پون ته مريو به ٿا پون، وري به شڪر جو ويجهو ئي پمپ تي پنڪچر وارو ملي ويو، جتان پنڪچر کي ٺهرائي اتان ئي گاڏي ۾ 2000 جو پيٽرول 06 ليٽر ۽ ڪجھ پوائنٽس مليو، وري الله کي ياد ڪري ڪاٺوڙ وارو رستو ڪراس ڪري سسئي ٽول پلازه کان اڳتي گهگهر ڦاٽڪ (هتي ڪراچي ۽ ٺٽي جون حدون ملن ٿيون) ڌاٻيجي، گهارو ۽ گجو کان اڳتي مڪلي باءِ پاس کان وڌي وڃي دولھ دريا خان پل تي بريڪ ڏنوسين.
هن کان پهريان به دولھ دريا خان پل (هتي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جون حدون ملن ٿيون) تي اسان سير ۽ تفريح خاطر اچي چڪا آهيون ۽ هتي ڪجھ وقت گذاري وري واپسي ڪندا آهيون، سو پل جي وچ تي بائيڪ بيهاري درياهه جي وڊيو ڀريسين، پراڻي پل تان هاڻي ٽريفڪ جي آمد و رفت بند آهي ۽ نئين پل جنهن جو افتتاح سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه صاحب ڪيو هو، ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي. درياهه ۾ پاڻي نه هئڻ جي برابر آهي، مهاڻا ٻيڙين وسيلي مڇي ماري رهيا آهن، اتي جيڪا ڪوسٽ گارڊ چيڪ پوسٽ آهي، اتي پلو مڇي وڪري لاءِ موجود هو، درياهه منجهان هوا جي زور تي واري ايئن پئي اڏامي جيئن ٿر جي ڀٽن جي واري اڏامندي آهي يا وري ڪو مٽيءَ جو طوفان هلندو آهي. ڇو ته درياهه ۾ پاڻيءَ جو زور برساتين منجھ يا ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ ايندو آهي نه ته باقي سمنڊ جو پاڻي هتان جي زمينن کي کائيندو ۽ تباهه ڪندو رهندو آهي. ڇو ته مٺو پاڻي نه هجڻ سبب سمنڊ جو کارو پاڻي ذرخيز زمينن کي به بنجر ڪندو آهي تڏهن ته طاس معاهدي مطابق سمنڊ کي سڄو سال درياهه جو مٺو پاڻي ملڻ گهرجي، پر افسوس جو ورهاڱي بعد سڀ ڪجھ ورهائجي ويو ايتري قدر جو سنڌي قوم به قبيلن منجھ ورهائجي ختم ٿي وئي ۽ ايئن وڃي سکڻا نعرا ۽ احتجاج ئي باقي رهيا آهن. مذمت زنده آهي مزاحمت مري وئي آهي، اڳواڻ آهن، پر انقلاب ڪونهي ڪو، افسوس جو هاڻي سنڌ ۽ سنڌي قوم مري رهي آهي.
دولھ دريا خان پل تي ٿورو وقت ترسي اڳتي روانا ٿياسين. ڇو ته اسان کي بدين ته وڃڻو هو، پر ان وچ ۾ سفر وڏو ڪرڻو هو، پل کان وڌي اسان سجاول (سجاول سنڌ جو ضلعو آهي، اِن جو گاديءَ جو هنڌ سجاول شهر آهي، هن ضلعي جي پيدائش آڪٽوبر 2013 ۾ ٿي، ان کان پهريان سجاول ٺٽي ضلعي جو هڪ تعلقو هو، ھن ضلعي جي پنجن تعلقن ۾ 37 يونين ڪائونسلون، 336 روينيو کاتي جا منظور ڪيل ڳوٺ، 3221 مختلف ننڍڙيون آباديون آهن) شهر ۾ داخل ٿياسين (باءِ پاس وارو رستو بدين ۽ مٺي طرف وڃي ٿو جڏهن ته وچ ۾ ننڍا ننڍا ڪيترائي شهر آهن، سجاول کان ئي هڪ رستو صوفي شهيد شاهه عنايت ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري طرف وڃي ٿو) سجاول شهر منجهان پڪوڙا ۽ برياني (منهنجي گهر واري سفر دوران خاص ڪري برياني شوق سان کائيندي آهي) خريد ڪري حضرت شاهه يقيق رح جي مزار جي پڇا ڪندي چوهڙ جمالي ويندڙ روڊ تي چڙهياسين. ڇو ته هيءَ مزار چوهڙ جمالي کان ٿورڙو اڳتي آهي ۽ هي اسان جو پهريون چڪر هو، اسان کي به ڪافي عرصي کان وٺي سڪ هئي ته هن بزرگ جو به ديدار ۽ درشن ڪجي ڇو ته سنڌ ۾ نه ڄاڻ ڪيترا ئي مزار آهن، جي پنهنجي پنهنجي علائقي جون نهايت ئي مشهور درگاهون آهن، اسان جي سنڌ ۾ تعليمي ادارا تباهه آهن، پر مزار ۽ درگاهون آباد آهن، اسپتالن کان وڌيڪ مريضن ۽ بيمارين جو تعداد هنن بزرگن جي مزارن تي موجود آهي ۽ ايئن ئي فقيرن جو به سوايو انگ اوهان کي پنندي نظر ايندو افسوس.
سجاول شهر کان نڪري هلياسين ته بک پنهنجا آثار ڏيکارڻ شروع ڪيا ان ڪري ئي رستي ۾ لغاري فارم تي ڪاٺ ۽ بانس جي لڪڙن سان ٺهيل رنگارنگي هوٽل تي ماني کاڌيسين ۽ چانهن پيتي سين، سچ ته سفر جو ٿڪ ئي لهي ويو، واهه واهه زبردست چانهن ۽ صفائي به بهترين هئي. هوٽل واري ملاح سان ڪجھ گپ شپ ڪري يادگار وڊيو ڀري، چانهن جو بل ادا ڪري وري اڳتي روانا ٿياسين، رستي ۾ اسان کي هڪ وڏي عمر جو کٻڙ جو وڻ نظر آيو جنهن کي ڪيترائي پڙ ٻڌل هئا، افسوس آهي اسان جي اٻوجھ عوام تي جيڪي اڄ جي جديد دور ۾ به عقيدن جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن.
چوهڙ شهر کان ٿورو پهريان هڪ اسٽاپ تي پوئين ٽائر ۾ ڪوڪو لڳڻ سبب وري ٽائر پنڪچر ٿي پيو، وري به شڪر ٿيو جو آبادي هئي نه ته ڏاڍو پريشان ۽ خوار ٿيڻو پوي ها، اتان بائيڪ ۾ نئون ٽيوب وجهرائي سفر بخير تحت چوهڙ ۾ پهتاسين (چوهڙ جمالي ٺٽي ضلعي جي تعلقي شاهبندر ۾ هڪ وڏو شهر شمار ڪيو وڃي ٿو، شاهبندر شهر جي ڦِٽڻ کانپوءِ اتان جا گهڻا ماڻهو، واپاري ۽ هنرمند لڏي چوهڙ جماليءَ ۾ اچي آباد ٿيا. هن وقت هي سٺي آباديءَ وارو شهر آهي، هتي چانورن ۽ گيھ جو واپار هلندو آهي، هن شهر کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي، هتي پهريائين 1904ع ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو، ان کانپوءِ هن وقت گرلس مڊل اسڪول ۽ بوائز هاءِ اسڪول قائم آهن. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هتي سدائين ٻوڏ جو ڊپ رهندو هو، هتان ستاهه واهه درياءَ مان نڪري 35 ميل کن علائقي کي سيراب ڪندو سير پکار ذريعي سمنڊ ۾ پوندو هو، سکر بئراج کانپوءِ هن طرف پاڻي گهٽ اچي ٿو جنهن ڪري ستاهه واهه جو پيٽ مس ٿو ڀرجي. چوهڙ جماليءَ ڀرسان مشهور درويش ابن شاهه جي نالي سان ٽڪر آهن، جن مان هڪڙي ٽڪر تي ابن شاهه جي تربت به اڏيل آهي. ان کان علاوه ٽڪر تي ڪيهرن ڄامن جا به قبا موجود آهن. هن شهر جو مشهور اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نقاد هيرو شيوڪاڻي الهاس نگر (ڀارت) ۾ رهي ٿو، ڪجھ سال پهريان هن شهر منجهان ادبي رسالو عقيق شايع ٿيندو هو جنهن ۾ هن فقير جي شاعري کي شايع ٿيڻ جو اعزاز مليل آهي) هتان هڪ رستو شاهبندر طرف ۽ ٻيو رستو لاڏيون ۽ ڇڇ جهان خان ڏانهن وڃي ٿو، اهي شهر به ڪافي مشهور شهر آهن. چوهڙ کان اڳتي “ڪچي پڪي” واري اسٽاپ کان ساڄي طرف مڙياسين ته سامهون ئي حضرت شاهه يقيق رح جي مزار نظر آئي، سو هڪ هوٽل تي 50 رپين ۾ گاڏي پارڪ ڪئي سين، ٻين مزارن وانگر هتي به فقيرن جا ميڙ هئا، افسوس جو شاهوڪار سنڌ جا وارث ايئن مزارن، شهرن ۽ رستن تي اوهان کي هٿ ٽنگي پنندي نظر ايندا، باقي مان پنهنجي سر مزارن تي رکيل چندي جي پيتين ۾ پئسا وجهڻ بجاءِ مزار کان ٻاهر ويٺل ڪنهن ضرورتمند کي ڏئي ڇڏيندو آهيان.
حضرت شاهه يقيق رح بابت مختصر ڄاڻ: هي بزرگ شاهه عقيق ڇهين صدي هجري/ٻارهين صدي عيسويءَ ڌاري بخارا ۾ ڄائو، ٻن سالن جي عمر ۾ پنهنجي مائٽن سان گڏ پهرين هندستان ۽ پوءِ اُچ شريف ۾ وڃي رهيو. پاڻ اُچ جي سيد جلال الدين بخاري سرخ پوش جي اولاد مان هو، اُچ کانپوءِ حضرت خواجه معين الدين چشتيءَ (1236-1142) جي حڪم سان ٺٽي ۾ دين جي تبليغ لاءِ اچي رهيو، ٽن سالن کانپوءِ سندس والد ۽ والده وفات ڪري ويا. ان کانپوءِ هيءُ ٻن ڀائرن ۽ ڀينرن سان رهڻ لڳو جتي وڌيڪ تعليم پرايائين. شاهه يقيق مختلف مزارن تي فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ويندو رهيو، هن مئين عثمان کان به درس ورتو. 18 سالن جي عمر ۾ سندس شادي سندس استاد مئين عثمان جي ڌيءَ سان ٿي، جنهن وقت سندس نڪاح پئي پڙهيو ويو ته وچ ۾ ڀر واري ڳوٺان هڪ بيواهه عورت فرياد کڻي آئي ته ڌاڙيل منهنجي پٽ کي اغوا ڪري ويا آهن ۽ اڌ رات تائين وڏي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو اٿن، ٻي صورت ۾ منهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيندا. فريادي عورت کي شاهه يقيق جي ڀائرن ۽ دوستن سمجهائي واپس موڪلڻ پئي چاهيو، پر فريادي عورت واپس ويندي چيو ته توهان ڀلي شاديءَ جون خوشيون ملهايو، مان ماتم ڪرڻ وڃان ٿي، شاهه يقيق اهو ٻڌي حق جو نعرو هڻي اٿي کڙو ٿيو ۽ فريادڻ سان گڏجي هليو ويو ۽ ڌاڙيلن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب سندس شهادت 854 هجري (1450ع) جي شروع ۾ ٿي، سندس مقبرو چوهڙ جمالي ضلعي ٺٽي ۾ آهي، جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي ۽ ٻارهوئي اتي عقيدت مندن جا ميڙ لڳا پيا هوندا آهن.
حسب نسب/شجرو: اصغر علي (شاہه يقيق) بن شريف بن عبدالله بن عبدالحمد بن عبدالمجد بن علي اصغر بن محمود بن جلال الدين بن الموئد بن جعفر بن مُحۡمّد بن محمود بن احمد بن علي بن جعفر بن مُحۡمّد تقي بن علي رضا بن موسيٰ ڪاظم بن جعفر صادق بن زين العابدين بن حسن بن علي بن ابي طالب سان ملي ٿو. مون سنڌ جي اڪثر ولين ۽ اوليائن جو شجرو پڙهيو آهي جيڪو حضرت علي عليه السلام سان ملي ٿو، سو انهيءَ ۾ ڪيتري صداقت آهي سا ته خبر رب ڪريم کي. ڇو ته ايئن به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي اٻوجھ ۽ سادي قوم کي اهڙي شجري تحت عقيدن جي ڄار ۾ ڦاسائي هتي جا گادي نشين ڪاروبار کي ڄمايو ويٺا آهن. ڇو ته سنڌ ۾ مزار ۽ درگاهون به هڪ ڪاروبار ئي آهن، پر جي مزارن تان پيتي سسٽم ختم ڪيو وڃي ۽ عورتن جي اچڻ تي تاحيات بندش وڌي وڃي ته شايد گادي نشينن کان ڪير به ڌاڳا ڦيڻا نه وٺندو.
هتي جي بازار ننڍڙي آهي، پر ضرورت جا سڀ دڪان موجود آهن. هوٽلن (هتي ان وقت هر هوٽل تي انڊيا جون فلمون هلي رهيون هيون ڄڻ ته ڪي سئنيما هال هجن، افسوس جو ماڻهو روزگار ڇڏي اڄ به هوٽلن تي ويهي قيمتي وقت جو قتل ٿا ڪن خبر ناهي انهن ۾ شعور ڪڏهن ايندو) ۽ مسافر خانن جي اڪثريت آهي. ڇو ته هن درگاهه تي خاص ڪري ڪراچي جو عوام وڏي انگ ۾ اچي ٿو، مزار جي مهڙ واري گيٽ تي گلن، پڙن ۽ رانديڪن جا ڪافي دڪان آهن. هي مزار اوقاف کاتي جي ماتحت آهي، هن درگاهه جي ڀرسان ئي ٿوري فاصلي تي حضرت جيلاني بابا جو مزار پڻ آهي. اسان به اندر وڃي قل پڙهي دعا گهري. چوڌاري نظر گهمايم ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ نظر آيون، جيڪي اتان گادي نشينن کان ڌاڳا ڦيڻا وٺي رهيون هيون، هن بزرگ جو نالو ڪٿي شاهه عقيق ته ڪٿي شاهه يقيق لکيل هو. مک گيٽ تي هر عام و خاص جي ڄاڻ ۾ اضافي خاطر روحاني سرجن جو لفظ به واضح ۽ نمايان طور تي لکيل هو ته جيئن هرڪو آساني سان ڏسي ۽ پڙهي سگهي. مان به سنڌ جون نه ڄاڻ ڪيترا ئي مزار ۽ درگاهون گهمي چڪو آهيان، پر ڪٿي به ڪو سردار، پير، مير، وڏيرو، قوم پرست، سياستدان، ايم اين اي، ايم پي اي، مولوي، مفتي ۽ ذاڪر وغيره کي ڌاڳو ڦيڻو وٺندي، ست راتيون يا چار راتيون ٽڪندي نه ڏٺو اٿم ها بس عام ماڻهن جا ٽولا ٻارين ٻچين لٿل هوندا آهن، خبر ناهي ته ايئن ڇو آهي، پر لڳي ٿو ته عام ماڻهن جو پيرن تي پڪو عقيدو ۽ ويساهه آهي. جڏهن ته مٿين ليول وارا هر عقيدي کان آجا ۽ آزاد آهن، باسون به غريب باسين ته ڍور به غريب ئي ڪهن. جڏهن ته اميرن کي درگاهن جا گادي نشين خود ڀليڪار ڪري خاطر تواضع ڪري روانو ڪندا آهن. مطلب ته جتي ڪٿي ٻٽي پاليسي زنده باد آهي.