ارم محبوب ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات
همسري: هن وقت اِي-مئگزينن جي حيثيت کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟
ارم محبوب: انٽرنيٽ سڄي دنيا کي هٿ جي تري تي آڻي ڇڏيو آهي جنهنڪري هر شيءِ جا ماپا ۽ معيار هڪدم تبديل ٿي رهيا آهن، گهرن ۾ سٿيل ڪتابن سان لائبريريون گهڻي ڀاڱي شوپيس نظر اچڻ لڳيون آهن. هاڻي هڪ ڪلڪ سان سمارٽ فون ۽ انٽرنيٽ جي مدد سان توهان جي سمارٽ فون يا ليپ ٽاپ تي سڄي دنيا ظاهر ٿيو پوي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن دنيا جهان جا مئگزين اِي-مئگزينن جي صورت ۾ اسان جي هٿ ۾ اچيو ٿا وڃن ته اها حقيقت مڃڻي پوندي ته هارڊ ڪاپي ۾ هجن يا اِي-ميگ هجن ٻنهي جو ڪردار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. جتي انٽرنيٽ جي سهولت موجود ناهي اتي يقينن هارڊ ڪاپي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، پر جتي جتي انٽرنيٽ موجود آهي اتي آن لائين مئگزين خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندو؟
ارم محبوب: گذريل ڪورونا وائرس جي وبا واري صورتحال ۾ ڪيترائي ڪاروبار بند ٿي ويا، مارڪيٽون بند هيون ۽ لاڪ ڊائون واري صورتحال ڪٿي نه ڪٿي اڃان به برقرار آهي، ان صورت ۾ همسري ڪم بند ڪرڻ بجاءِ آن لائين ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ ساڳي آب و تاب سان پنهنجو سفر جاري رکندو پيو اچي. گيٽ اپ کان وٺي مواد جي معيار ۾ اڳ کان اڳرو آهي جيڪا اسان جي سڄي ٽيم جي ڪاميابي آهي. فرق صرف ايترو آهي ته اِي-ميگ جي صورت ۾ ماڻهن کي قبول ڪرڻ ۾ ٿورو وقت ضرور لڳندو ڇو ته گهڻائيءَ ۾ اڄ به ماڻهو هارڊ ڪاپي پڙهڻ چاهين ٿا. بهرحال ان هوندي به سوشل ميڊيا تي همسري پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ انشاءَ الله اڳيان وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندو.
همسري: پنهنجي هن ڇهن سالن جي اشاعتي سفر کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟
ارم محبوب: همسريءَ جو ڇهن سالن جو سفر محنت، همت ۽ حوصلي جو سفر آهي. جيڪڏهن ان ۾ محنت، جستجو ۽ حوصلو نه هجي ها ته سڀ ڪجهه هوا ٿي وڃي ها. همسري قدم قدم تي محبتون ۽ منزلون ماڻيون آهن، جيڪو محض ماسين ۽ چاچين جو مئگزين ٿي ناهي اڀريو، پر سنڌي ٻوليءَ جي هڪ عالمي معيار جو مئگزين ٿي پاڻ مڃرايو آهي. هارڊ ڪاپي جي صورت ۾ توهان وٽ محدود ليکڪ ۽ پڙهندڙ هوندا آهن، پر اِي-مئگزين پاڪستان جون سرحدون پار ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ زاهده ۽ همسري جي سڄي سٿ کانسواءِ انهن سڀني مانائتن تخليقڪارن جو به وڏو حصو آهي جن اسان کي مان ڏنو ۽ هن مئگزين ۾ اسان سان گڏ هميشه شامل رهيا آهن.
همسري: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
ارم محبوب: همسري پڙهو، ان ۾ لکو ۽ پاڻ کي explore ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. همسري انهن سڀني جو مئگزين آهي جيڪي ان کي پنهنجو سمجهي پڙهن ۽ لکن ٿا ۽ يوٽيوب تي ڏسن ۽ ٻڌن ٿا.

