نئون

 ڀارت مذاڪرات جو پيغام موڪليو ويو: پرڏيهي وزير

وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران چيو ويو آهي ته ڀارت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ پيغام موڪليو آهي. حلف برداري تقريب کانپوءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آفيس پهچندي پنهنجون ذميواريون سنڀاليون. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نئين خارجا پاليسي صحيح طرف ويندي. نيئن حڪومت پاڪستان جي عزت ۽ وقار کي سامهون رکي اڳيان وڌندي. خارجا پاليسي تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪجهه قوتون ملڪ کي عالمي اڪيلائپ ڏانهن ڌڪينديون رهيون آهن اسان ان کي اڪيلائپ مان ڪڍنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي پاران ڪالهه خط مليو آهي جنهن ۾ هن عمران خان کي نئين حڪومت ٺاهڻ لاءِ مبارڪون ڏنيون آهن ۽ ڳالهين ڪرڻ لاءِ آڇ ڪئي آهي. ڀارت ۽ پاڪستان ايٽمي ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي حقيقت پسندي کي نظر ۾ رکندي اڳيان وڌڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ اعتماد جي گهٽتائي آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪنداسين. آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري تي اچڻو آهي هن سان به ملڪي مفادن مطابق ڳالهائبو. افغانستان ۽ پاڪستان کي هڪٻئي جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پهريون دورو افغانستان جو ڪرڻ چاهيان ٿو. ان لاءِ افغانستان جي پرڏيهي وزير سان رابطو ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ افغانستان لاءِ به پيغام کڻي وڃڻ  چاهيان ٿو ته ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي سان گڏجي هلڻ جي ضرورت آهي.