اسٽريٽ ڪرائيم ۽ پاڻيءَ جي مسئلي خلاف مراد علي شاهه جا قدم
وزيراعليٰ سنڌ جو عهدو ٻيهر سنڀالڻ بعد مراد علي شاهه پاران آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي کي حڪم نامون جاري ڪندي چيو ته ڪراچي اندر اسٽريٽ ڪرائيم کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن خاص طور تي عيد جي ڏينهن تي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ جوڳي حڪمت عملي جوڙي وڃي. ٻئي طرف وزيراعليٰ پاران پاڻي جي مسئلي تي اريگيشن جي سيڪريٽري کان پاڻي جي کوٽ بابت رپورٽ گهري ورتي ۽ ڪراچي واٽر بورڊ کي چيو ته ڪراچي اندر پاڻي جي سپلاءِ کي ممڪن بڻايو وڃي. وزيراعليٰ هن قسم جا حڪم ناما پاڻي ۽ امن امان جي ٻن مختلف ميٽنگن ۾ جاري ڪيا. هن چيو ته امن امان جو مسئلو حل ڪرڻ هن جي پهرين ترجيح هوندي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي اڳوڻي دور ۾ کنيل امن امان وارن قدمن کي اسٽريٽ ڪرائيم ذريعي وڏو هاڃو رسي رهيو آهي جنهن خلاف جوڳا قدم کنيا ويندا. پاڻي جي معاملي بابت هن کي ٻڌايو ويو ته خريف جي پوکائي وارن ڏينهن ۾ 60 سيڪڙو آبادگارن کي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو پوي. ان موقعي تي اريگيشن جي سيڪريٽري جمال شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته 15 جولاءِ کان صوبي اندر پاڻي جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته سکر ۾ پاڻي جو وهڪرو 198770 ڪيوسڪَ ۽ ڪوٽڙي ۾ 51840 ڪيوسڪَ رهيو. جنهن تي وڏي وزير هن کي چيو ته لاڙڪاڻي، دادو، بدين ۽ ٺٽي ۾ به پاڻي جي صورتحال کي بهتر بڻائي پڇڙي وارن آبادگارن کي سهولت فراهم ڪئي وڃي. پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري سعيد مڱريو پاران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ اندر 220 واٽر اسڪيمون آهن جنهن مان 66 مڪمل آهن ۽ 26 ايڊوانس اسٽيج تي آهن.

