خاصنئون

 وڏي وزير سميت جنهن کي چاهيو گرفتار ڪري وٺو: آصف زرداري

احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ نيب جي ٽيم  پاران آصف علي زرداري کي پيش ڪيو ويو. هن موقعي تي آصف علي زرداري ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته حڪومت مراد علي شاهه سميت جنهن کي به گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي ته ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري. اسان کي پروڊڪشن آرڊر جي به ضرورت نه آهي. مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان جيل ۾ آهيان ان ڪري مولانا فضل الرحمان سان ڌرڻي ۾ شرڪت جو فيصلو مان نٿو ڪري سگهان اهو فيصلو بلاول صاحب ڪري سگهي ٿو.