بين الاقوامي خبرون ڏيندڙ اداري ‘رائيٽرز’ ۽ ‘اي ايف پي’ مطابق قطر، غزه جنگ بنديءَ ۾ هڪ اهم ٽياڪڙ جي حيثيت سان حصو وٺي رهيو هو. قطري حڪام چيو آهي ته اسرائيلي حملن نار واري ملڪ ۾ رهائش پذير حماس جي سياسي بيورو جي رهائشي هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو، جتي تنظيم جا اعليٰ اڳوڻ رهيل هئا. اهو حملو ڪنهن به ملڪ جي سالميت ۽ خود مختياريءَ مٿان هڪ وڏو حملو آهي، خاص ڪري ان ملڪ تي جيڪو ملڪ آمريڪا ۽ اسرائيل جي مفادن سان گڏ بيٺل هجي ۽ انهن سان ڀرپور سهڪار ڪندو هجي.
قطر عرب ملڪن مان اهو ملڪ آهي جنهن جي پرڏيهي پاليسي هميشه متوازن رهي آهي جتي هو هڪطرف اسلامي تحريڪن جهڙوڪ: (حماس، اخوان المسلمين) جي پٺڀرائي ڪندو رهيو آهي ته ٻئي پاسي مغربي ملڪن خاص طور تي آمريڪا ۽ برطانيه جو به ساٿي رهيو آهي. 2003ع کان هيستائين قطر، آمريڪا جو ساٿي بڻجي خطي ۾ آمريڪي مفادن کي تحفظ ڏئي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا کيس دفاع جون ڪجهه سهولتون آڇي ٿو.
قطر ۾ العديد ايئربيس آمريڪا جي سڀ کان وڏي فوجي اڏن مان هڪ آهي. جڏهن 2003 ۾ آمريڪا عراق تي حملو ڪيو ته اهو فوجي اڏو علائقي مان آپريشن لاءِ استعمال ڪيو ويو. اڄ به اتي هزارين آمريڪي فوجي موجود آهن. 2011 ۾ جڏهن نيٽو، برطانيه ۽ فرانس گڏجي ليبيا ۾ معمر قذافي جي خلاف هوائي حملا شروع ڪيا ته قطر انهن جي حمايت ڪئي. نه رڳو لفظي حمايت، پر قطر جنگي جهاز به موڪليا، مخالفن کي پئسا، هٿيار ۽ ميڊيا ڪوريج فراهم ڪئي ۽ نيٽو جي ان مهم ۾ قطر به فوجي شموليت اختيار ڪئي.
شام ۾ 2011 کان 2017 تائين بشارالاسد خلاف مغربي ملڪن ۽ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (GCC) جيڪو هڪ علاقائي، اقتصادي ۽ سياسي اتحاد آهي جيڪو 1981ع ۾ قائم ٿيو هو. هن جو هڪ وڏو مقصد هو مخالفن کي مدد ڏيڻ. قطر شامي مخالف گروهن جي مالي مدد ڪئي. آمريڪا ۽ ترڪيه سان گڏجي ڪجهه باغي گروهن جي مدد ۾ حصو ورتو. طالبان ۽ آمريڪا جو معاهدو به دوحا ۾ ٿيو، طالبان سان ڳالهين ذريعي آمريڪا کي افغانستان مان نڪرڻ جو رستو مليو. ائين چئي سگهجي ٿو ته قطر هڪ ثالثي ملڪ طور آمريڪي سفارتڪاري جي مدد ڪئي.
روس تي جڏهن پابندي لڳائي وئي ته يورپ کي توانائي فراهم نه ڪندو ته قطر يورپ لاءِ ايل اين جي جو وڏو معاهدو ڪري يورپ جي مدد ڪئي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته قطر جي پاليسي ۾ هميشه لچڪ نمايان رهي آهي. قطر جي اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ به 9 سيپٽمبر 2025 تي قطر جي گاديءَ جي هنڌ دوحا ۾ اسرائيل جي هوائي حملي هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي ۽ هڪ ڀيرو وري نار وارن ملڪن کي پنهنجي پرڏيهي پاليسين تي غور ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪيو آهي.
اسرائيلين 9 سيپٽمبر 2025 تي دوحا ۾ حماس جي سياسي اڳواڻن تي هوائي حملو ڪيو اهو حملو حماس جي سينيئر اڳواڻن جي ميٽنگ دوران ڪيو ويو. جڏهن هو هڪ آمريڪا طرفان فراهم ڪيل سيز فائر تجويز تي غور ڪرڻ لاءِ اتي گڏ ٿيا هئا. حملي دوران حماس جا ڪجهه وچولي درجي ۽ هيٺئين درجي جا اڳواڻ جن جو تعداد 5 ٻڌايو وڃي ٿو جن ۾ خليل الحيا جو پٽ ۽ سندس آفيس جو سربراهه سهيل الهندي شامل هئا. ان کان علاوه قطر جي سيڪيورٽي فورس جو هڪ اهلڪار پڻ حملي ۾ مارجي ويو.
قطر ان حملي تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. هن حملي کي عرب علاقائي سلامتيءَ جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي هڪ ڏوهه يا دهشتگردي چيو آهي. ڪيترائي بين الاقوامي ادرا جهڙوڪ: اقوام متحده، يورپي يونين ۽ ڪيترائي ملڪ جن ۾ ترڪيه، مصر، سعودي عرب، متحده عرب امارات، ايران، برطانيه ۽ پاڪستان هن حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. آمريڪا جو موقف اهو آهي ته حملي کان ٿوري دير اڳ وائٽ هائوس کي خبردار ڪيو ويو، پر آمريڪي فوج ان ۾ سڌي سنئين شامل نه آهي.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن آمريڪا طرفان هڪ نئون سيز فائر جو مسودو پيش ڪيو ويو هو جيڪو قطر ۽ مصر جي ثالثي سان گڏجي حماس جي اڳواڻن جي اڳيان پيش ڪيو ويو هو ۽ اهو معاهدو گڏيل آمريڪي اسرائيلي مشوري سان تيار ٿيو هو، پر اسرائيل پاران ان کي اڃان منظور نه ڪيو ويو هو. ايئن لڳي رهيو آهي ته اسرائيل حماس جي اڳواڻن جي گڏجڻ کي هڪ تمام قيمتي موقعو سمجهي هٿن مان وڃڻ نه ڏنو آهي ۽ هن هڪ ئي وقت دوحا ۾ حماس جي گڏيل اعليٰ قيادت کي ٽارگيٽ ڪري پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ شايد اهو حملو اسرائيل طرفان حماس جي مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ به ڪيو ويو آهي ته جڏهن توهان اسان سان ڳالهيون ٻولهيون ڪيو ٿا ته اسان جي مٿان وڌيڪ دٻاءُ نه وجهو.
دشمن کي ڪمزور ڪرڻ طاقتور جي نفسيات هوندي آهي. هن وقت اسرائيل جيڪو حماس جي رهنمائن جو هڪ وڏو ويري آهي، حماس جي قيادت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ڪوبه وار خالي وڃڻ نه پيو ڏئي، پر ان سان اهو ضرور ٿيندو ته قطر جو پنهنجي دوست ملڪ آمريڪا تان ڀروسو ضرور گهٽجي ويندو، چاهي اهو ان جو اظهار جلدي ڪري يا دير سان، پر هاڻي قطر يقينن مستقبل ۾ پنهنجي دفاع لاءِ آمريڪا تي مڪمل انحصار نه ڪندو. اها تبديلي ائين به ناهي ته هڪ رات ۾ ٿي ويندي، پر وقت ٻڌائيندو ته قطر پنهنجي خود مختياريءَ ڏانهن قدم ضرور وڌائيندو. هاڻي هو پنهنجي بقا جي لاءِ ضرور ڪو نئون رستو اختيار ڪندو.
هن وقت ڏٺو وڃي ته قطر جي فوج ۾ تقريبن 12 هزار فعال اهلڪار موجود آهن. قطر وٽ ڪا وڏي اسلحي جي صنعت به ناهي، پر اهو ناممڪن به ناهي ته هو مستقبل ۾ اسلحو تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. هن وقت به قطر جا خود مختياريءَ ڏانهن ڪيترائي قدم کنيل آهن جنهن ۾ دفاعي صنعت ۾ سيڙپڪاري، فوجي ڀرتي ۽ تربيت، نون اتحادين جي ڳولها. قطر هن وقت ترڪيه سان دفاعي لاڳاپا گهرا ڪيا آهن. چين ۽ روس سان به سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ تي سوچ هلي رهي آهي. اهي سڀ قدم ڏيکارين ٿا ته قطر آمريڪا کان علاوه به پنهنجي لاءِ نوان دوست ۽ ساٿي ٺاهي رهيو آهي، پر قطر ايترو جلدي آمريڪا جي حصار مان به نٿو نڪري سگهي. ان جي لاءِ هن کي هڪ ڊگهي وقت ۽ حڪمت عملي جي ضرورت پوندي.