ٻارن جو صفحو: دل جو شهر
سالار کي سائنس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق ۽ ذوق هوندو هو. هو هر وقت ڪتابن ۾ گم رهندو هو يا وري پنهنجي استاد کان عجيب عجيب سوال پڇندو هو.
هڪ ڏينهن، جڏهن اسڪول ۾ سائنس ٽيچر دماغ جي موضوع تي پڙهائي رهيو هو ته سالار اوچتو هٿ مٿي ڪري سوال ڪيو: “سر! ڇا دماغ ئي جسم جو سڀ کان اهم حصو آهي؟”
استاد مرڪيو… ۽ پوءِ چيائين: “سالار! دماغ به نھايت اهم آهي، پر جيڪڏهن دل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته دماغ به ڪجھ نه ڪري سگهندو!”
سالار حيران ٿي ويو. ڇو ته هن اڳ ۾ ڪڏهن دل بابت ايترو نه پڙهيو هو نه ڪي ٻڌو هو.
استاد وضاحت ڪندي ٻڌايو: “دل اسان جي بدن لاءِ بالڪل ائين آهي، جيئن هڪ شهر ۾ بجليءَ جو پاور پلانٽ هوندو آهي. جيڪڏهن پاور پلانٽ ڪم نه ڪري ته شهر ۾ روشني ئي نه هوندي، ڪارخانا هلڻ بند ٿي ويندا، بجليءَ بنا ڄڻ ته زندگي بيهجي ويندي آهي.”
سالار کي اهو مثال ڏاڍو وڻيو. ساڳئي رات، جڏهن هو پنهنجي هنڌ تي ليٽيو ته کيس دل بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش جاڳي پئي. هو ڪتاب کولڻ وارو ئي هو ته اوچتو اکين آڏو روشني ڇانئجي وئي ۽ هن محسوس ڪيو ته هو ڪنهن نئينءَ دنيا ۾ پهچي ويو آهي!
سالار حيران ٿي چوڌاري ڏٺو… هو هڪ عجيب ۽ زنده شهر ۾ بيٺو هو، جيڪو ڳاڙهي روشنيءَ ۾ ٻڏل هو. هي شهر عام شهرن کان بلڪل مختلف ۽ منفرد لڳي رهيو هو. چوڌاري وڏا وڏا پائپ هئا، جن مان وهندڙ ڪنهن شيءِ جون نهرون جاري هيون. شهر جي گهٽين ۾ ننڍڙا ڳاڙها ۽ نيرا ماڻهو ڊوڙي رهيا هئا، جيڪي مسلسل پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا هئا.
اوچتو، هڪ ننڍڙي روبوٽ جهڙي مخلوق سالار جي سامهون اچي بيٺي. ان جي جسم تي ڳاڙها ۽ اڇا نقطا هئا ۽ هو تيز چمڪي رهيو هو.
“ڀليڪار ٿي ڪجي! تون دل جي شهر ۾ آهين!” روبوٽ چيو.
سالار حيران ٿي پڇيو: “دل جو شهر؟ مان هتي ڪيئن پهتس؟”
روبوٽ کلندي وراڻيو: “مان ريڊ سيل آهيان، تون هتي دل بابت سکڻ لاءِ آيو آهين. اچ ته مان توکي دل جو شهر گهمايان!”
سالار خوش ٿي ريڊ سيل جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳو. روبوٽ کيس هڪ وڏي عمارت ڏيکاريندي چيو: “هيRight Atrium آهي. هتي جسم مان واپس ايندڙ رت اچي ٿو، جيڪو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان ڀريل هوندو آهي.”
سالار ڏٺو ته نيري رنگ جا ماڻهو (جنهن جو مطلب هو ته انهن جي رت ۾ آڪسيجن گهٽ آهي) هن جاءِ تي جمع ٿي رهيا هئا.
ريڊ سيل اڳيان وڌيRight Ventricle ڏيکاريو، جيڪو هڪ وڏي پمپ وانگر نظر آيو ٿي.
“هتي مان رت کي ڦڦڙن ڏانهن موڪليان ٿو، جتي اهو آڪسيجن حاصل ڪندو.” ريڊ سيل ٻڌايو.
سالار ڏٺو ته اهي نيرا ماڻهو هڪ وڏي سرنگھ مان وڃي رهيا هئا، جتي سندن جسم تي آڪسيجن جا چمڪندڙ بلب ظاهر ٿي رهيا هئا ۽ پوءِ اهي ڳاڙها ٿي ويا.
“هاڻ تونLeft Atrium ۾ آيو آهين.” ريڊ سيل اڳتي وڌندي چيو.
هتي هاڻ ڳاڙهي رنگ جا ماڻهو موجود هئا، جن جو مطلب هو ته سندن رت آڪسيجن سان ڀريل آهي.
پوءِ ريڊ سيل کيسLeft Ventricle ڏيکاريو، جتان رت کي تيزيءَ سان سڄي جسم ڏانهن اماڻيو پئي ويو.
سالار حيران ٿي ويو: “هي ته بلڪل مشين وانگر ڪم ڪري رهيو آهي!”
ريڊ سيل کلندي چيو: “ها، پر هي قدرت جي بهترين مشين آهي، جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي ڪم ڪندي رهي ٿي.”
سالار کي دل جي ڌڙڪڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو تجسس ٿيو.
“دل ايڏو تيزيءَ سان ڪيئن ڌڙڪندي رهي ٿي؟” هن پڇيو.
ريڊ سيل وضاحت ڪندي چيو: “دل جي اندر هڪ ننڍڙو بجليءَ جو مرڪز هوندو آهي، جنهن کي ‘سينوئٽريل نوڊ'(SA Node) چيو ويندو آهي. اهو بجليءَ جو سگنل پيدا ڪري دل کي ڌڙڪائيندو آهي. سمجهه ته هي شهر جو پاور پلانٽ آهي، جيڪو سمورن حصن کي توانائي ڏئي ٿو.”
سالار هاڻي سمجهي ويو ته دل رڳو هڪ عضوو نه، پر هڪ مڪمل ڪارخانو آهي، جيڪو رت کي پمپ ڪري جسم جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين تائين پهچائي ٿو.
دل کي صحتمند ڪيئن رکجي؟ سالار کي هاڻ سمجھ ۾ آيو ته دل جي صحتمندي تمام ضروري آهي.
سالار کي هاڻي سمجھ ۾ اچي چڪو هو ته دل ڪيئن ڪم ڪري ٿي؟ پر هن کي اڃان به هڪڙو سوال تنگ ڪري رهيو هو.
“ريڊ سيل! مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته جيڪڏهن هي شهر تمام گهڻو محنتي آهي ته اهو ڪڏهن آرام به ته ڪندو هوندو؟”
ريڊ سيل ٿورو کلندي وراڻيو: “نه، هي شهر لڳاتار ڪم ڪندو رهي ٿو. جيڪڏهن دل هڪ سيڪنڊ لاءِ به بيهجي وڃي ته جسم ۾ هر شيءِ بيهجي ويندي!”
سالار اهو ٻڌي حيران ٿي ويو.
“پر دل ڪمزور ٿي سگهي ٿي؟” ريڊ سيل سنجيده ٿيندي چيو: “ها، جيڪڏهن تون دل جو خيال نه رکندين. جيڪڏهن غير صحتمند کاڌو کائيندين، گهڻيون چٽ پٽيون يا تريل شيون استعمال ڪندين، ورزش نه ڪندين يا گهڻي دٻاءُ هيٺ رهندين ته دل ڪمزور ٿي سگهي ٿي.”
سالار دلچسپيءَ سان ٻڌندو رهيو. ريڊ سيل کيس ڪجھ ضروري هدايتون ڏنيون:
ورزش ڪر! روزانو تيز هلڻ، راند ڪرڻ يا سائيڪل هلائڻ سان دل مضبوط رهي ٿي.
صحتمند کاڌو کاءُ! تازا ميوا، سبزيون ۽ گهٽ چرٻي وارو کاڌو کائو.
پاڻي گهڻو پيئو! پاڻي رت کي صاف، بهتر ۽ وهندڙ رکي ٿو.
دٻاءُ کان بچو! گهڻو پريشان ٿيڻ دل لاءِ چڱو نه آهي.
گهڻو مٺاڻ ۽ گهڻو لوڻ نه کائو! لوڻ جو وڌيڪ واهپو رت جي نالين تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿو، جيڪو دل لاءِ نقصانڪار آهي.


سالار کي سائنس بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق ۽ ذوق هوندو هو. هو هر وقت ڪتابن ۾ گم رهندو هو يا وري پنهنجي استاد کان عجيب عجيب سوال پڇندو هو.