بلاگنئون

درست پاليسيون ئي ملڪ مان غربت ختم ڪري سگهن ٿيون

پاڪستان بيشمار دولت سان مالامال آهي، پر پوءِ به ماڻهو غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن. قدرتي وسيلن جي فراواني کان علاوه، بيشمار ٻيا خزانا به آهن. پوءِ ڇا سبب آهي جو پاڪستان تي ڏينهون ڏينهن قرض جو بار وڌي رهيو آهي؟ جيڪڏهن اسان اصل سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته اسان وٽ ڪرپشن جو عذاب تمام گهڻو وڌي ويو آهي. سون، ڪوئلي وغيره کان علاوه، پاڪستان ۾ سمنڊ، زرخيز زمينون ۽ قيمتي جبل موجود آهن. جيڪڏهن انهن وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ها ته پاڪستان ۾ غربت جو وجود ناممڪن ٿي سگهي ٿو. ٻي ڳالهه اها آهي ته امير ماڻهن وٽ بيشمار دولت آهي. غربت ۽ دولت جي وچ ۾ فرق ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. وڌندڙ فرق ماڻهن ۾ پريشاني پيدا ڪري رهيو آهي ۽ هيءَ پريشاني ڪنهن به وقت وڏو ممڻ مچائي سگهي ٿي.

هڪ عام ماڻهو ڏينهن رات محنت ڪري ٿو، پر ڏکئي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ڇاڪاڻ ته کيس ايترو معاوضو ملي ٿو جو هو مشڪل سان پنهنجي زندگي گذاري سگهي ٿو. ٻئي طرف، امير ماڻهن جا اثاثا مسلسل وڌي رهيا آهن. مزدور کي پورو معاوضو نٿو ملي ۽ غريب ماڻهو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته سندس لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي. ڇو ته انصاف جا ادارا ايترا ته ڏکيا ٿي ويا آهن جو غريب جي ان تائين رسائي مشڪل ٿيو پوي ۽ امير پنهنجي ملڪيت سبب ظلم کان آجو ٿيو وڃي. ڪنهن دوست بهترين تجزيو ڪيو ته ووٽ ڏيندڙ کي ملڪ جي اسپتالن ۾ ڪابه سهولت ڪانهي، ملڪ جي اسڪولن ۾ تعليم ڪانهي، ملڪ ۾ کيس مهانگائي بيروزگاري ۽ بدامنيءَ جي باهه ۾ ساڙيو وڃي ٿو. جڏهن ته ووٽ وٺندڙ عياشي سان زندگي گذاري ٿو، هو پرڏيهه ۾ پنهنجو علاج ڪرائي ٿو، پنهنجي اولاد کي پرڏيهه ۾ پڙهائي ٿو، وٽس پرسڪون زندگي گذارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ٿا، کيس وڏي سيڪيورٽي ڏني وڃي ٿي. مطلب ته ووٽ ڏيندڙ ۽ ووٽ وٺندڙ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. جڏهن ته اصولن عوام ووٽ ان ڪري ڏيندو آهي ته کيس اهي سڀ سهولتون ملن جيڪي سندس بنيادي حق آهن، پر هتي سڀ ڪم ابتا هجڻ ڪري غريب ڏينهون ڏينهن غريب ۽ امير ڏينهون ڏينهن امير ٿيندو پيو وڃي. امير لاءِ پاڪستان جا خزانا استعمال ٿي رهيا آهن، پر ان جا فائدا غريبن تائين نه پيا پهچن. ڇا پاڪستان جي خزانن تي صرف اشرافيه جو حق آهي؟ غريب ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهن ۽ امير ماڻهو عيش عشرت واري زندگي گذاري رهيا آهن. هتي اميرن ۽ غريبن جي زندگين ۾ وڏو فرق آهي ۽ هي فرق ڪرپشن جي ڪري آهي. پاڪستان ۾ ڪيترائي ئي قيمتي ڌاتو ملن ٿا جيڪڏهن انهن ڌاتن کي بهتر استعمال ڪيو وڃي ته پاڪستان قرض ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو. اسان جو ملڪ جبل، ريگستان، سمنڊ ۽ ميداني خزانن سان ڀريل آهي. اهي خزانا پاڪستان جي قسمت کي بلند ترين سطح تي وٺي وڃي سگهن ٿا. بجليءَ جو مسئلو، جيڪو هڪ سنگين رخ اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن حڪومت آئي پي پيز جي بدران پاڻ ئي بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪري ته عوام گهٽ قيمت تي بجلي حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ مهانگي بجليءَ کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر جڏهن مهانگي ٻارڻ مان پيدا ٿيل بجلي خريد ڪئي ويندي آهي ته ان جو بار امير کان وڌيڪ غريب تي پوندو آهي. ڇو ته امير بل جمع ڪرائڻ کان آجو آهي، پر غريب جهوپڙيءَ ۾ هڪ بلب ٻارڻ جو بل هزارين رپيا ڀري ٿو. سرڪار کي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ متبادل ذريعن کي به استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ائين سڄو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. بجلي موجوده وقت جي هڪ اهم ضرورت آهي ۽ ان کان سواءِ رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي بجلي زراعت، پاڻيءَ سميت هر شيءِ ۾ لازمي بڻجي چڪي آهي. ملڪ جا ڪارخانا، ملون توڙي عوام، سڀ بجليءَ جا مقروض آهن. ان جو هڪ سبب بجليءَ جي اگهن جو آسمان تي چڙهڻ آهي. بجلي جي ھڪ سئو يونٽ کان ھڪ يونٽ به بل وڌي ٿو ته اسان کان ٻه سئو يونٽ يعني 99 يونٽن جي اھا رقم ورتي وڃي ٿي جيڪي بجليءَ جا يونٽ اسان ٻاريا ئي ناھن. اڃان ظلم کي ڪھڙا سڱ ٿيندا آهن؟ ان لاءِ تجويز اها آهي ته عوام کي سستي بجلي فراهم ڪري هڪ وڏو معاشي بحران حل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ موجود سڀني خزانن کي جيڪڏهن ملڪ جي فائدي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته اهو ناممڪن آهي ته پاڪستان بي مثال ترقي حاصل نه ڪري. ملڪ هلائڻ بهاني قرض حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون وينديون آهن ۽ قرض ڏيندڙن جون شرطون به قبول ڪيون وينديون آهن. جيتوڻيڪ اهي شرطون تمام گهڻيون نقصانڪار آهن. انهن شرطن مان سڀ کان اهم اهو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي آهي. ان کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي شرطون لاڳو ڪيون ويون آهن جيڪي پڻ ناقابل برداشت آهن. جيڪڏهن ملڪ اندر خوشحالي آڻڻ چاهيو ٿا ته پهريون ڪم قرض کان نجات حاصل ڪرڻ آهي. ان کان علاوه، ملڪ ۾ ميرٽ سسٽم پڻ قائم ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ پاڪستان ترقي نه ڪري سگهندو. ڪرپشن تي به ضابطو آڻڻ حڪومت جي ذميواريءَ ۾ شامل آهي. ٻي صورت ۾ اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهندو. پاڻيءَ کي ذخيرو ڊيمن ذريعي ڪري سگهجي ٿو، پر ان لاءِ شرط اهو آهي ته سڀني صوبن کي اعتماد ۾ وٺجي ۽ سياست يا دوکي واري پاليسيءَ کان پاڪ هجي. ماضي قريب ۾ ڊيم صرف هڪ صوبي کي خوشحال ڪرڻ لاءِ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهنڪري ٽي صوبا سراپا احتجاج رهيا ۽ آخر ڪجهه وقت لاءِ اها اسڪيم روڪي وئي، پر ياد رکو بدنيتيءَ تي ٻڌل اهڙا فيصلا ملڪ مان غربت جو خاتمو نه ٿا آڻي سگهن. هن وقت ملڪ تمام ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ اسان کي انهن مسئلن کي پاڻ حل ڪرڻو پوندو، ٻيو ٻاهريون ڪو به نه ايندو. ان لاءِ خاص طور تي نوجوان نسل کي پاڻ ئي اٿڻو پوندو، ٻي صورت ۾ مستقبل تمام خراب ۽ اونداهو هوندو. سموري قوم کي متحد ٿي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن موجود سڀني قيمتي خزانن مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. پاڪستان ٻين سببن جي ڪري به مصيبت ۾ آهي ۽ انهن مان هڪ ملڪن سان وڻج واپار به آهي. اسان گهٽ قيمتن تي ڪيتريون ئي شيون حاصل ڪري سگهون ٿا، پر پابندين جي ڪري، اسان کي ڪجهه اهڙن ملڪن سان وڻج واپار ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار آهي. هن وقت صحت ۽ تعليم سميت هر شعبو متاثر ٿيو آهي. ملڪ ڏينهون ڏينهن مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻو آهي ته ان لاءِ مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪرڻي پوندي. قومي خزاني کي قومي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو. پاڪستان کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ پاليسيون ملڪ جي مفاد ۾ ٺاهڻيون پونديون، جيڪي پرڏيهي پاليسيون پاڪستان جي سالميت کي متاثر ڪري رهيون آهن، (جنهن ۾ معيشت به شامل آهي) انهن کان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. پرڏيهي پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ڪوئلو، لوهه ۽ قيمتي معدنيات موجود آهن، پر عوام کي انهن جا فائدا نه ملي رهيا آهن، جيڪو افسوس جوڳو آهي. گئس به موجود آهي، جيڪڏهن گئس جي ڪا کوٽ آهي ته اها مناسب قيمت تي حاصل ڪري سگهجي ٿي. انهن ملڪن يا ادارن سان وڻج واپار ڪرڻ گهرجي جيڪي ملڪ لاءِ فائديمند آهن. پاڪستان ايٽمي طاقت هجڻ جي ڪري دفاع جي لحاظ کان به مضبوط آهي ۽ وسيلن جي وسيع ذخيرن جي ڪري معيشت جي لحاظ کان به مضبوط آهي. جيڪڏهن درست پاليسيون ٺاهيون وڃن ته پاڪستان، جيڪو هن وقت قرضن تي هلي رهيو آهي، قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن پراڻيون پاليسيون هلنديون رهيون ته اسان بدترين غلاميءَ جي ور چڙهي وينداسين. ڇو ته غربت وڏي گار آهي ۽ اها غربت آسماني مسئلو نه، پر زميني مسئلو آهي ۽ اسان کي ئي حل ڪرڻو آهي.