نئون

ڪاروباري ماڻهن کي قرض ڏيندڙ فقير سان ملڻ پسند ڪندئو

انڊيا جو پپو ڪمار جيڪو هڪ پيشيور فقير آهي، هن ڪيترن ئي ننڍن ڪاروباري ماڻهن کي لکن جا قرض پڻ ڏنا آهن. فقير جو لفظ زبان تي  اچڻ سان اهو خيال اچي ٿو ته اهڙو شخص جيڪو پنهنجا ڏک ٻڌائي پنت جا پئسا وٺي پر ڪڏهن به نه ٻڌو آهي ته ڪو اهڙو فقير هجي جيڪو ڪروڙ پتي هجي ۽ اهو ماڻهن کي لکن جا قرض ڏيندو هجي. انڊيا جي شهر پٽنا جو فقير پپو ڪمار جيڪو ڪيترن ئي سالن کان پنت جي پئسن تي نه صرف پلجي رهيو آهي پر هن ته ڪروڙن جي دولت به ڪمائي ورتي آهي ۽ هن جي دولت جو ڪاٿو ٻڌايو پيو وڃي ته اهو هڪ ڪروڙ ۽ 25 لک  تائين آهي. ايترا پئسا هجڻ باوجود به هو پنڻ جو پيشو نه پيو ڇڏي. پپو جيڪو پيدائشي معذور نه  آهي هو ته پڙهيل لکيل نوجوان آهي، هڪ حادثي ۾ ٻانهن ضايع ٿي وئي جنهن بعد  هن جو پيءُ به گذاري ويو ۽ هن جي مائٽن هن کان لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي. جنهن کانپوءِ هن پنڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي هو هڪ خوشحال پينو فقير آهي.