“اڙي اھو به ته ان گهرَ ڏانھن آيو آھي جتان مون ٻيا پوپٽ پڪڙيا آھن. ھي ڪيئن رھجي ويو؟” ماڻهوءَ ھڪ لٺ کڻندي چيو. ان لٺ جي ھڪ پاسي ڪپڙي جي ڳوٿري ٻڌل ھئي، ھو ان لٺ سان پوپٽ پڪڙيندو ھو.
“ان گهر ۾ ڏاڍا گلاب جا گل آھن، ھي پوپٽ به ڳاڙھو آھي، ڪنھن گل تي ويھندو ته ڏسڻ ۾ ٿورئي ايندو” ڇوڪري چيو. “ھا ڳالهه صحيح پيو ڪرين، ھن جي رنگ کيس بچايو ھو، پر ھاڻي نه بچندو.” اھو چئي ماڻهوءَ لٺ اُڀِي ڪئي ۽ پتڪوءَ ڏانھن وڌيو. ان کان اڳ جو ھو پتڪوءَ تائين پھچي ھا پتڪو اڳتي وڌي پلاسٽڪ جي بوتل روڊ تي ڪيرائي ڇڏي، بوتل جو ڍڪُ کُلي ويو ۽ پتڪوءَ جا سڀ دوست آزاد ٿي ويا. “صُفحي (ڪمري) جي ھوا دانَ ڏانھن اُڏامو.” پتڪوءَ رڙ ڪئي ۽ تيزيءَ سان گهر جي ڀت ڏانھن اڏامڻ لڳو. ھن جا دوست به ھن جي ڪڍَ اڏامڻ لڳا. اُنَ ماڻهوءَ ڏاڍيون دانھون ڪيون، پر ننڍڙا پوپٽ ڀت تائين پھچي ويا. ڀت ٽپي ھو اندر آيا ۽ گلن ڏانھن وڃڻ بدران صفحن (ڪمرن) جي ڀتين ۾ ٺھيل ھوا دانن ڏانھن اڏامڻ لڳا. اتي پھچي ھو سڀ انهن ھوا دانن مان اندر وڃي لڪي ويا. پِتڪوءَ ڏاھپ کان ڪم وٺي پنھنجن دوستن کي بچائي ورتو ھو. جي ھو سڀ گلن ۾ وڃي لڪن ھا ته پڪَ سان اھو ماڻهو کين ٻيھرَ پڪڙي وٺي ھا. ٿوري دير کانپوءِ ھنن جا ماءُ پيءُ به موٽي آيا، انهن کي جڏھن ان ڳالهه جي ڄاڻَ پئي تہه سڀ پتڪوءَ جي ڏاھپَ تي کيس شاباس ڏيڻ لڳا. پتڪوءَ جا ماءُ پيءُ ته ڏاڍا سرھا ھئا ته پتڪوءَ پنھنجي حياتي خطري ۾ وجهي پنھنجي دوستن کي بچايو ھو. “تنھنجا رنگَ ته سڀني کان سھڻا آھن پتڪو” پتڪوءَ جي ماءُ کيس مِٺي ڏيندي چيو. “پرَ منھنجو ته رڳو ھڪ رنگ آھي امان، ڳاڙھو” پتڪوءَ چيو.
“ھڪ رنگ ڳاڙھو ۽ ٻيا رنگ تنھنجي دوستيءَ جا آھن، تون پنھنجي انهن دوستن جي مدد ڪئي جيڪي سدائين توتي کلندا آھن. ان کان وڌيڪ ٻيا ڪھڙا رنگ ھوندا، تنھنجا رنگ تہ تنھنجي دوستن جي رنگن کان به گهڻا ۽ وڌيڪ سھڻا آھن.” پتڪوءَ جي ماءُ مرڪندي چيو.
“تنھنجي ڳاڙھي رنگ تنھنجِي ۽ تنھنجي اَخلاق جي رنگن تنھنجي دوستن جي حياتي بچائي ڇڏي. تون ھڪ رنگ برنگي پوپٽ آھين.” پنھنجي پيءُ جي ڳالهه ٻڌي پتڪوءَ ٽھڪ ڏنو ۽ اڏامندو دوستن سان کيڏڻَ ھليو ويو.