نيويارڪ جي ھڪڙي نالي واري يونيورسٽيءَ جي مذھبي تعليمات جي شعبي ۾ ھڪڙو ھوشيار شاگرد، ڪن سالن کان تعليم پرائي رھيو ھو. پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگريءَ ۾، ٿورو وقت وڃي بچيو ھئس. يونيورسٽيءَ جي ڊين کيس صلاح ڏني ته جيڪڏھن سندَ وٺڻ کان پھرين ھو پرڻجي ته مستقبل ۾ سندس ترقيءَ جا موقعا گھڻا نڪري ايندا. انھيءَ شاگرد جو نالو فرينڪل ھو. سندس عمر، ستاويھ ورھيه ھئي. ڪتابي ڪيڙو ھو، جنھن ڪري کيس سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ ويساند نه ھئي. ديني علمن منجھ کوڙ سارو عبور حاصل ڪري چڪو ھو، ليڪن انفرادي توڙي اجتماعي ميل جول رکڻ ۾ پوئتي ھو. جڏھن ڊين کيس پرڻي جو مشورو ڏنو ته سندس اڳيان انڌو کوھ ھو. ھو نيويارڪ جي مٿانھين علائقي جي ھڪڙي جھوني عمارت جي چوٿين ماڙ تي رھندو ھو. کيس خيال آيو ته ان مقصد لاءِ اخبارن ۽ رسالن جو سھارو وٺجي. انھيءَ اپرانڌ ۾ سندس نظر، ھڪڙي اخبار جي حصي تي پئي، جيڪو ٻه-سٽو ھو. اھو ’ضرورت رشته‘ جو اشتھار ھو، جنھن ۾ مئريج بيورو جي مالڪ سالزمن، ھر ڪنھن جي لاءِ موزون رشتن جو بندوبست ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي. ھن، پنھنجي اشتھار ۾ ڪو به ٽيليفون نمبر نه ڏنو ھو. صرف ايڊريس ڏني ھئائين ته رابطو خط پٽ ذريعي ڪيو وڃي. فرينڪل، پنھنجي باري ۾ ضروري ڄاڻ، جھڙوڪ؛ سندس حيثيت، تعليم، ڪمائي، اميدون، رتبو ڪھڙو آهي ۽ ڊگري وٺڻ ۾ آخري منزل تي آهي وغيره، موڪلي ڇڏي. ھفتي کانپوءِ، سندس خط جو جواب آيو. ميريج بيورو جي سالزمن، کيس پاڻ وٽ گھرايو ھو ته روبرو ملاقات ٿي سگھي ۽ سندس پسند مطابق، رشتو ڳولهي سگھجي.