ڪهاڻيوننئون

آمريڪي ڪهاڻي: جادوئي گندڙو

نيويارڪ جي ھڪڙي نالي واري يونيورسٽيءَ جي مذھبي تعليمات جي شعبي ۾ ھڪڙو ھوشيار شاگرد، ڪن سالن کان تعليم پرائي رھيو ھو. پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگريءَ ۾، ٿورو وقت وڃي بچيو ھئس. يونيورسٽيءَ جي ڊين کيس صلاح ڏني ته جيڪڏھن سندَ وٺڻ کان پھرين ھو پرڻجي ته مستقبل ۾ سندس ترقيءَ جا موقعا گھڻا نڪري ايندا. انھيءَ شاگرد جو نالو فرينڪل ھو. سندس عمر، ستاويھ ورھيه ھئي. ڪتابي ڪيڙو ھو، جنھن ڪري کيس سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ ويساند نه ھئي. ديني علمن منجھ کوڙ سارو عبور حاصل ڪري چڪو ھو، ليڪن انفرادي توڙي اجتماعي ميل جول رکڻ ۾ پوئتي ھو. جڏھن ڊين کيس پرڻي جو مشورو ڏنو ته سندس اڳيان انڌو کوھ ھو. ھو نيويارڪ جي مٿانھين علائقي جي ھڪڙي جھوني عمارت جي چوٿين ماڙ تي رھندو ھو. کيس خيال آيو ته ان مقصد لاءِ اخبارن ۽ رسالن جو سھارو وٺجي. انھيءَ اپرانڌ ۾ سندس نظر، ھڪڙي اخبار جي حصي تي پئي، جيڪو ٻه-سٽو ھو. اھو ’ضرورت رشته‘ جو اشتھار ھو، جنھن ۾ مئريج بيورو جي مالڪ سالزمن، ھر ڪنھن جي لاءِ موزون رشتن جو بندوبست ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي. ھن، پنھنجي اشتھار ۾ ڪو به ٽيليفون نمبر نه ڏنو ھو. صرف ايڊريس ڏني ھئائين ته رابطو خط پٽ ذريعي ڪيو وڃي. فرينڪل، پنھنجي باري ۾ ضروري ڄاڻ، جھڙوڪ؛ سندس حيثيت، تعليم، ڪمائي، اميدون، رتبو ڪھڙو آهي ۽ ڊگري وٺڻ ۾ آخري منزل تي آهي وغيره، موڪلي ڇڏي. ھفتي کانپوءِ، سندس خط جو جواب آيو. ميريج بيورو جي سالزمن، کيس پاڻ وٽ گھرايو ھو ته روبرو ملاقات ٿي سگھي ۽ سندس پسند مطابق، رشتو ڳولهي سگھجي.

فرينڪل، ملاقات جي مقرر ڪيل ڏھاڙي تي سالزمن وٽ سندس ٻڌايل پتي تي پھچي ويو. سالزمن شھر جي پسگردائيءَ واري علائقي ۾ ھڪڙي جھريل عمارت جي ھڪڙي ڪمري ۾ رھيل ھو. جنھن فرينڪل کي، انھيءَ عمارت جي لابيءَ منجھ ويھاريو. شڪل منجھان ھو تجربيڪار ۽ بظاھر ھڪڙو ٺيڪ ٺاڪ شخص لڳي رھيو ھو. کيس ڪاري رنگ جو اوور ڪوٽ پاتل ھو، جيڪو ڏاڍو سوڙھو ھئس. سندس ڪپڙن منجھان، مڇيءَ جي کِکَ جي ڌپ پئي آئي. سندس ڏند، جيتوڻيڪ ڀڳل ھئا، تنھن ھوندي به ھو ڪِنو نه پئي لڳو. ھو گفتار جو غازي ھو ۽ ھر ڳالھ جو جواب، وٽس ٺھيل ھو. پوئين پنجويھن سالن کان، ان ئي ڌنڌي سان لڳل ھو. سندس چواڻي، وٽس ھر قسم جا سَڱُ آھن. انٽرويو جي منڍ ۾، فرينڪل ٻڌايو ته سندس پيءُ ماءُ جو پرڻو مئريج بيورو معرفت ٿيو ھو. ليڪن ان پرڻي سان پڻس کي نه ڪو مالي فائدو پھتو ھو ۽ نه ئي سماجي حيثيت ۾ ڪو واڌارو آيو ھئس. ليڪن ٻنھي ۾، سنگت ضرور پيدا ٿي ھئي. ماڻس، پڻس تي ساھ صدقو پئي ڪندي ھئي. ٻئي ساڻس ۽ ھيءُ به ساڻن محبت ڪندو ھو.

تعارفي ڳالھ ٻولھ کانپوءِ، سالزمن کيس پنھنجي ڪمري ۾ وٺي ويو.

ڪمري جي ھڪڙي حصي ۾ ھڪ الماري، ميز ۽ ڪرسيون رکيل ھيون جن جي وچ ۾ پردو لڙڪيل ھو. فرينڪل کي ڪمري جي دريءَ ويجھو ويھاريائين، جنھن سان ٻاھريون نظارو به ڪري سگھجي پيو. ميز تي فائلَ ۽ ضرورت رشته وارن جون تصويرن جا لفافا پيا ھئا. فائلن منجھ انھن رشتن جا سمورا تفصيل بيان ٿيل ھئا. فيبروريءَ جا آخري ڏھاڙا ھئا. سياري جي موسم، موڪلاڻيءَ تي ھئي. ھن دريءَ منجھان ٻاھر ڏٺو. ھن پڙھائيءَ دوران ڪڏھن به آسمان ڏانھن نه ڏٺو ھو. ان وقت شام لڙڻ واري ھئي ۽ جڏھن ھن نيري آسمان ڏانھن نظر ڪئي ته کيس چنڊ، تارا ۽ اڏامندڙ ڪڪر نظر آيا. کيس سرھائي محسوس ٿي. ھو اھڙن قدرتي نظارن کان محروم رھيو ھو.

سالزمن، فائل کڻي کڻي، منجھن ڏنل تفصيل پڙھندو رھيو. رکي رکي پنھنجي عينڪ جي مٿان، فرينڪل ڏانھن ڏٺائين به پئي، جنھن منجھان کيس ذھانت، سنجيدگي، تدبر ۽ علمي-پڻو نظر پئي آيو. فرينڪل، سھڻو جوان ھو. سالزمن جڏھن عينڪ منجھان فرينڪل جو جائزو وتو پئي ته کيس مونجھارو پئي ٿيو. نيٺ سالزمن، ڇنڊي ڇاڻي ڪجھ فائل ڌار ڪري رکيا ۽ چيائينس ته وٽس بي انت سَڱَ آھن. ھن چند مايون چونڊ ڪيون آھن، جيڪي مذھبي عالم لاءِ ڀليون ثابت ٿي سگھنديون. گڏوگڏ ھن ھڪڙو انڪشاف اھو به ڪيو ته اھڙا سَڱَ، جيڪي ھو غير موزون ٿو سمجھي يا جن لاءِ جوڙُ جِسُ ملي نٿو سگھي، سي ھڪڙي گندڙي ۾ رکيا آھن. ھو ان کي جادوئي گندڙو سڏيندو آهي، جنھن مان مراد اھا آھي ته اھڙن سَڱَن جو ڪو به مستقبل ڪونھي.

فرينڪل، جڏھن سالزمن کي، کيس عالم جي لفظ سان مخاطب ڪندي ٻڌو ته ڏاڍي لڄ محسوس ٿيس. ھن پاڻ کي ڪنھن به لحاظ کان عالم نه پئي سمجھيو. بلڪه ھو محض ھڪڙو طالب علم ھو. سندس ته اڃان پي ايڇ ڊي به مڪمل نه ٿي ھئي. کيس پنھنجي انھيءَ ڳالھ تي پڇتاءُ محسوس ٿيو ته ھن پنھنجي باري ۾ وڌاءُ ڪيو ھو ۽ اھڙيون خصوصيتون به لکيون ھيون، جيڪي ھن ۾ ھيون ئي نه.

فرينڪل پڇيس ته جن ماين جا فائل چونڊيا ويا آھن، ڇا ھو انھن جون تصويرون ڏسي سگھي ٿو؟ لانئون لھڻ لاءِ، اول خاندان جي مالي حيثيت، ڏاج ڏيوڻ جا معاملا، گھوٽ جا معاملا ۽ انھن سڀني کانپوءِ ئي ايندو آهي تصوير جو وارو. سالزمن، اوور ڪوٽ جا بٽڻ کوليندي ھڪڙو فائل کنيو ۽ ان جا تفصيل پڙھڻ لڳو؛ ”ھيءُ فائل، ھڪڙي بيواهه سوفيءَ جو آهي. سندس عمر چوويھ سال آهي. سالُ پھرين، سندس مڙس مري ويو آهي. ري اولادڻ آهي. ھاءِ اسڪول کانپوءِ، ٻه سال ڪاليج ۾ پڙھي آهي. پيءُ پراپرٽي ڊيلر اٿس، جنھن ڏاجي ۾ اٺ ھزار ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. سندس ماءُ جي حسب نسب ۾ گھڻا ماڻھو پڙھڻ پڙھائڻ جي شعبي سان واڳيل آھن. سندس مائٽن ۾ ھڪڙي مشھور اداڪاره پڻ آھي، جيڪا نيويارڪ جي خوشحال علائقي سيڪنڊ اوينيو ۾ رھندي آهي.“

فرينڪل، کيس حيرانيءَ سان ڏٺو ۽ پڇيائينس؛ ”ڇا اوھان بيواهه چيو؟“

”عالم سڳورا! بيواهه جو مطلب اھو نه ھوندو آهي ته ڪا اھا سڙيل ڳريل يا بيڪار شيءِ ھوندي آهي. اھا ڇوڪري مشڪل سان چار يا پنج مھينا ئي پنھنجي مڙس سان رھي ھوندي. اھو بيمار ماڻھو ھو. نيٺ ھن به کيس ڪيترو چوڙيو ماڻيو ھوندو؟ ان ڇوڪريءَ بيمار شخص سان پرڻجي، غلطي ڪئي.“ سالزمن وضاحت ڪئي.

”ڪنھن بيواهه سان پرڻجڻ جو مون ڪڏھن تصور به ناھي ڪيو.“ فرينڪل، پنھنجي حتمي راءِ ڏنس.

”تون ناتجربيڪار آھين. ھڪ اھڙي عورت جيڪا صحتمند، سھڻي ۽ نوجوان ھجي، تنھن سان پرڻجڻ ڏاڍو ڀلو رھندو. اھڙيون عورتون، سڄي عمر ٿورائتيون رھنديون آھن. جيڪڏھن مان ھاڻي ڪنھن سان شادي ڪيان ته اھڙي ئي ڇوڪريءَ سان ڪندس.“ سالزمن، ان سَڱَ جي زوردار نموني حمايت ڪئي.

فرينڪل، ان ڳالھ تي غور ڪيو ۽ نھڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيائين.

سالزمن، ٻيو فائل کنيو؛ ”ھن خاتون جو نالو جيني آهي. ھاءِ اسڪول ٽيچر جي طور تي پڪي نوڪري اٿس. وٽس پئسو ڏوڪڙ جام آهي. نئين ماڊل جي سٺي ڪار ھلائيندي آهي. سالُ، پيرس ۾ به رھي آهي. پيءُ ڏندن جو ڊاڪٽر اٿس ۽ پوئين پنجٽيھن سالن کان ان ئي پيشي سان واڳيل آھي. ھيءَ مائي، اھڙي مرد سان پرڻجڻ ٿي چاھي، جيڪو ھنرمند ھجي. جنھن جون سموريون ريتون رسمون، آمريڪي ھجن. مان ذاتي طور تي کيس سڃاڻان. وڏي ذھين ڇوڪري آهي، جيڪا پالڪين ۾ پلي آهي ۽ ڳالھيون شاندار ڪندي آهي. پنج ته ٻوليون ڄاڻندي آهي ۽ ھر موضوع تي ڀرپور نموني ڳالھائي سگھندي آهي. منھنجي صلاح آهي ته اوھان ھن کي ڏسي وٺو. اوھان ساڻس ڪتابن، ادب، ثقافت ۽ ڪنھن به ٻئي معاملي تي معيار واري ڳالھ ٻولھ ڪري سگھو ٿا.“

”تو سندس عمر نه ٻڌائي؟“ فرينڪل پڇيس.

”ٻٽيھ سال!“ سالزمن جواب ڏنس.

”منھنجي حساب سان اھا اڻ سونھندڙ آهي… عمر، وڏي اٿس..“ فرينڪل، پنھنجي راءِ ڏني.

سالزمن، ٽھڪ ڏئي پڇيس؛ ”تنھنجي عمر گھڻي آهي؟“

”ستاويھ سال.“ فرينڪل ورندي ڏنس.

”پوءِ عمرين ۾ ڪھڙو وڏو فرق آهي؟ پنجن سالن جو ته آھي! مون واري زال، مون کان ست سال وڏي آهي ته پوءِ مون کي کانئس ڪا پريشاني ٿي آهي؟ نه! ھرگز نه! جيڪڏھن ڪنھن ارب پتيءَ جي ڌيءَ جي عمر ايتري ھجي ھا ته پوءِ ان کان انڪار ڪرين ھا؟“ سالزمن پڇيس.

”يقينن، ھا ئي ڪيان ھا.“ فرينڪل موٽ ۾ چيس.

فرينڪل جي نھڪر کي سالزمن، ھا ئي سمجھيو ۽ ڳالھ کي جاري رکندي چيائين؛ ”پنجن سالن جو تفاوت ڪو تفاوت ڪونھي. مان پنھنجي تجربي مان توکي پڪ ٿو ڏياريان ته تون اگر ھڪڙو ھفتو به ساڻس رھندين ته عمر جو فرق وسري ويندئي. پنج سال وڏو ھجڻ جو مطلب آهي ته ھوءَ وڌيڪ تجربيڪار آهي ۽ وڌيڪ لطف ڏيندي، ڇو جو کيس گھڻي ڄاڻ آهي. ھن پنھنجي ڄمار، اجائي نه وڃائي آهي. پل پل ڀرپور طريقي سان گھاريو اٿائين ۽ ھيءَ تولاءِ ڏاڍي ڀلي رھندي.“ سالزمن، فائدا ڳڻائيندي چيس.

”ڪھڙو سبجيڪٽ پڙھائيندي آهي؟“ فرينڪل پڇيس.

”ٻوليون! جڏھن ساڻس فرانسيسيءَ ۾ ڳالھائيندين ته محسوس ٿيندئي ته تنھنجي ڪنن ۾ موسيقي، رنگ پئي رَچائي. مان پويان پنجويھ سال، انھيءَ پيشي سان لاڳاپيل ھئس. منھنجي عمر پنجاھ سال آهي. مان دل من سان، کيس تولاءِ پسند ٿو ڪريان. مون تي اعتبار ڪر. مان سچ ٿو چوانءِ!“ سالزمن منطق پيش ڪيس.

”ٻئي فائل ۾ ڇا آھي؟“ فرينڪل پڇيس.

سالزمن، ڪلھا لوڏيا؛ ”ھيءُ فائل رُٿِ جو آھي، جيڪا بي اي آنرز جي شاگردياڻي آهي. سندس عمر اوڻويھ سال آهي. سندس پيءُ پندرھن ھزار ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اھو ڊاڪٽر آهي ۽ معدي جو اسپيشلسٽ آهي. پريڪٽس، ڀلي اٿس. ڇوڪريءَ جي ڀيڻويي کي ڪپڙي جي مل آهي. امير ماڻھو آھن.“ سالزمن، اتي کيس ائين ڏٺو ڄڻ ھڪڙو تُرپ جو پتو ھجي، جنھن سان کٽڻ جي پڪ ھجي.

فرينڪل، دلچسپي وٺندي پڇيس؛ ”ڇا سندس عمر تو اوڻويھ سال ٻڌائي آهي؟“

”اھا ئي لکيل آهي.“ سالزمن پڙھي، ٻڌايس.

”وڻندڙ ۽ سھڻي به آھي؟“ فرينڪل پڇيس.

سالزمن، آڱريون چمندي چيس؛ ”ننڍڙي گُڏڙي ته آھي. مان اڄ ئي سندس پيءُ سان رابطو ٿو ڪريان. تون پاڻ ڏسي وٺ ته سونھن ڇا ته شيءِ ٿيندي آهي؟“

فرينڪل کي، ان ڳالھ تي يقين نه بيٺو. تصديق ڪرڻ لاءِ پڇيائينس؛ ”توکي يقين آھي ته اوڻيھن سالن جي آهي؟“

”مون کي پوري پڪ آهي. پڻس سندس ڄم جي تاريخ جو سرٽيفڪيٽ تو آڏو اچي پيش ڪندو.“ سالزمن چيس.

”توکي اھا به پڪ آهي ته انھيءَ ڇوڪريءَ ۾ ذھني يا جسماني عيب ڪونھي؟“ فرينڪل پڇيس.

”ڪير ٿو چوي؛ ان ڇوڪريءَ ۾ ڪو عيب آهي؟“ سالزمن پڇيس.

”مان ان ڳالھ تي حيران آھيان ته ايتري ننڍڙي عمر جي ڇوڪري جيڪا سھڻي به ھجي، امير خاندان جي به ھجي، سا مئريج بيورو ۾ شادي ڪرڻ لاءِ ڇا لاءِ رابطو ڪندي. جڏھن ته ان عمر ۾ کيس کوڙ سارا موزون رشتا ملي سگھن ٿا؟“ فرينڪل پڇيس.

سالزمن جي چھري تي ڀرپور قسم جي مرڪ ڦھلجي وئي. ان به مون سان ائين ئي رابطو ڪيو ھو، جيئن تو مون سان ڪيو آهي. دراصل رابطو، ان نه پر سندس پيءُ ڪيو ھو. ان سندس لاءِ ڀلو وَرُ ڳولڻ پئي چاھيو. اھا ھڪڙي عمدي شادي ھوندي. ھڪڙي الڙ ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪري، جڏھن پاڻ-ھُرتو ڪو رشتو جاچيندي، سو جذباتي ھوندو. پرڻي کانپوءِ حقيقت ان جي ابتڙ ٿي پوندي. ان ۾ ٺڳجي پوڻ جو عنصر به ٿي سگھي ٿو.“ سالزمن پنھنجي ڳالھ ۾ وزن پيدا ڪندي چيس؛ ”ان کان علاوه، ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ کي آسانيءَ سان پنھنجي رنگ ۾ رڱي سگھجي ٿو.“

”ڇا تون نٿو سمجھين ته ان عمر ۾ محبت، مڙني کان اھم تصور ڪئي ويندي آهي ۽ باقي ٻيون سڀ جو سڀ شيون پوئتي ڇڏيون وينديون آھن؟ ھڪڙو ماڻھو، پنھنجي محبت ماڻڻ لاءِ، دنيا به تياڳي ڇڏيندو آهي.“ فرينڪل چيس.

”محبت، پاڻيءَ جو ڦوٽو آهي. حقيقي محبت فقط ھڪڙي صحيح شخص سان ئي ٿي سگھي ٿي، ان کان اڳي ڪڏھن به نه.“ سالزمن، پنھنجو ٽھڪ مشڪل سان روڪيندي، چيس.

فرينڪل پڇيس؛ ”جسماني صحت ڪيئن اٿس؟“

”بلڪل ٺيڪ! ليڪن کاٻي ٽنگ ۾ ٿورو مَنڊُ اٿس. ٻالڪپڻ ۾ پوليو ٿيو ھئس. جيڪڏھن غور نه ڪجي ته لَکا ئي نٿي پوي.“

اھو ٻڌي، فرينڪل بيزاريءَ واري حالت ۾ اٿي، دريءَ وٽ وڃي بيٺو ۽ پاڻ کي گھٽ وڌ چوڻ لڳو ته مئريج بيورو جو سھارو وٺڻ جو ڇو سوچيم. ھن نھڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

”ڇو نَھَ؟“ سالزمن پڇيس.

”معدي جي ڊاڪٽرن کان نفرت ايندي آهي.“ فرينڪل، ورندي ڏنس.

”تنھنجي ان ڳالھ سان ڪھڙي غرض ته پڻس معدي جو ڊاڪٽر آهي. جڏھن تنھنجي ھن ڇوڪريءَ سان شادي ٿيندي ته توکي ان جي پيءُ جي ڪھڙي ضرورت پوندي؟ اھو جمعي جمعاڻي پيو ايندو.“

ڳالھ جنھن رخ ۾ چُري پئي ھئي، سو حساس به ھو ته شرمناڪ پڻ. انھيءَ ڪري فرينڪل تيش ۾ اچي ڳالھ وچ ۾ ڪٽي، واپس موٽي آيو. انھيءَ ڪيفيت سندس ننڊ ڦٽائي ڇڏي ھئي. ايندڙ ٻن ڏينھن تائين ڏاڍو پريشان ھو. ان ڳالھ جو ذميوار سالزمن کي ئي سمجھي رھيو ھو، جنھن سندس خواھشن توڙي ضرورتن کي نظر ۾ نه رکيو ھو ۽ نامناسب رشتا پيش ڪيا ھئا. ھن اھو به سوچيو ته سالزمن کي جواب ڏئي، ڪنھن ڀلي مئريج بيورو سان رابطو رکجي. سوچيندو رھيو، ليڪن ڪنھن نتيجي تي نه پھچي سگھيو. ٻئي ڏينھن سندس دروازو کڙڪيو. دروازو کوليائين ته پريشان حال، ڏرا ڏنل اکين ۽ لٿل چھري سان سالزمن بيٺو ھو. اخلاقي گھرجن تحت کيس اندر ويھاريائين.

سالزمن مئل مرڪ سان چيس؛ ”ڊاڪٽر! مان اوھان لاءِ خوشخبري کڻي آيو آھيان. مان ماسترياڻيءَ جي پيءُ وٽ سندس ڌيءَ جي عمر جي تصديق ڪرڻ لاءِ ويو ھئس ته ان ٻڌايو ته حقيقت ۾ ان ڇوڪريءَ جي عمر اوڻٽيھ سال آهي، ٻٽيھ نه. اھو تفاوت ته نه ھئڻ جي برابر آهي.“

”مون توکي ڪيترا ڀيرا چيو آھي ته مون کي ڊاڪٽر نه چوندو ڪر. مان اڃان شاگرد آھيان.“ فرينڪل چيس.

”اوھان جون سموريون تڪليفون دور ٿي وينديون. ان رشتي کي ڏسي وٺو. اھو اوھان لاءِ ڏاڍو موزون رھندو.“ سالزمن زور ڀريس.

”مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏي. مون کي ھاڻ ان موضوع سان ڪابه دلچسپي ناھي رھي.“ فرينڪل جان ڇڏائيندي چيس.

”اوھان جي شاديءَ تي سڄي دنيا خوشيءَ مان نچندي.“ سالزمن، ڳالھ اڳتي چوري.

”مون تي رحم ڪر.. وڌيڪ نه.“ فرينڪل وچ ۾ ڪٽيندي چيس؛ ”ان کان پھرين جو تون ان رشتي جي باري ۾ اڃان وڌيڪ ٻڌائين، مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي.“

سالزمن، ھٿ ۾ پڪڙيل لفافي مان تريل مڇي ڪڍي ۽ اھا کائڻ شروع ڪيائين. کائڻ کانپوءِ، ان جا ڪنڊا ٻيھر لفافي ۾ وڌائين ۽ پڇيائينس؛ ”چانھ ملي ويندي؟“

فرينڪل، چانھ ٺاھي کيس ڏنس.

”توکي ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ جو رشتو ٻڌايان؟“ سالزمن پڇيس.

”نه!“ فرينڪل ورندي ڏنس.

”ھا ته پوءِ ھاءِ اسڪول جي ماسترياڻيءَ جي باري ۾ ڪھڙي راءِ آهي؟ اھا اوڻٽيھن سالن جي آهي، سندس پيءُ سندس ڄم سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو آهي. ان مون کي سندس عمر جي تصحيح ڪرڻ لاءِ چيو ھو، ليڪن مون کي ياد نه رھيو ۽ فائل ۾ درستگي ڪرڻ مون کان وسري وئي.“ سالزمن چيس؛ ”منھنجو خيال آهي ته ھوءَ بيواھ آهي.“

“ليڪن تو ته بيواھ جي عمر ڪا ٻي ٻڌائي ھئي.“ فرينڪل چيس.

”اوھو! مون کان وري گڙٻڙ ٿي وئي.“

”نه ئي ڪنھن بيواھ سان ۽ نه ئي ڪنھن ماسترياڻيءَ سان پرڻجڻ ٿو چاھيان.“ فرينڪل، کولي چيس.

”جيڪڏھن توکي ماسترياڻيءَ سان پرڻجڻ ۾ دلچسپي ناھي ته پوءِ ڪنھن سان آھي؟ ان وٽ پنھنجا ڪٺا ڪيل ھزارين ڊالر ۽ بلڪل نئين اوچي گاڏي آهي. سندس پيءُ به ٻارھن ھزار ڊالر ڏيندو. سندس تعليم تربيت، عمدي طريقي جي ٿيل آهي. اھا توکي ڀلو اولاد ڄڻي نپائي ڏيندي. اڃان توکي ڇا کپي؟ تو لاءِ ته دنيا ئي جنت بڻجي ويندي.“ سالزمن قائل ڪرڻ لاءِ چيس.

”جيڏيون واکاڻيون تون ڪرينس پيو ٿو، انھن ۾ جيڪڏھن سچائي آھي ته ڪڏھوڪو سندس شادي ٿي وڃڻ گھرجي ھا.“ فرينڪل پنھنجو دليل ڏيندي چيس.

”ڇو جو ھوءَ پنھنجي لاءِ عمدي کان عمدو جيون ساٿي ڳولڻ ٿي چاھي.“ سالزمن ورندي ڏنس.

ان جون ڳالھيون ٻڌڻ کانپوءِ فرينڪل کي خيال آيو ته “اگر ٻڌايل ڳالھيون سچيون آھن ته پوءِ کيس ڏسڻ ۾ ڪو هرج ناھي. ساڻس ڳالھائي ٻولھائي ڏسجي.” تنھنڪري طئي اھو ٿيو ته ان سان ملي وٺندو.

ورندي ھفتي، فرينڪل ڪارو ڪوٽ ۽ ٽائي ھڻي، ھن سان درياءَ جي ڪناري ملڻ لاءِ ھليو ويو. ھن ھلڪڙي ڏاڙھي به رکي ھئي. مٿي تي عالمن وارو ڪُلو به پاتل ھئس. اکين تي فيلسوفن واري گول عينڪ به پاتي ھئائين. سندس چھري مان گھٻراھٽ به بکي پئي. کيس ماسترياڻي جيني، مقرر ٿيل ھنڌ تي ملي وئي. صورت، موچاري ھئس ۽ سنھڙي سيپڪڙي ھئي. لباس اسٽائلش ھئس، پر موسم آھر موزون ھئس. ھوءَ وڏي ادا سان ۽ سلجھيل لھجي ۾ ڳالھائي رھي ھئي. ھيءُ سندس طور طريقي کان ڏاڍو متاثر ٿيو. ھن سوچيو، ’سالزمن به ھتي ئي ڪٿي لامارا ڏيندو ھوندو. سندس ھٿ ۾ دوربين ھوندي ۽ اھو ٽڪ ٻڌي کين ڏسندو ھوندو. سندن شاديءَ ۾، پنھنجي ھٿ ھئڻ جو سوچيندو ھوندو.‘ سندس خيال تڏھن ٽٽا، جڏھن ھن جينيءَ کي اھو چوندي ٻڌو ته؛ ”سالزمن به ھڪڙي عجيب مخلوق آهي. ڇا ائين ڪونھي؟“

فرينڪل، ڪنڌ لوڏيو. تڏھن مان سندس ٿورائتو آھيان، جو ھن اسان ٻنھي جي ملاقات جو بندوبست ڪيو.

”اوھو! مون اھا ڳالھ سالزمن جي باري ۾ طنزيه انداز ۾ نه چئي ھئي. ان جو ڪو ٻيو مطلب نه ورتو وڃي. مان به اھو ئي ٿي سمجھان ته اسان جي ملاقات ڪرائي، سالزمن ڏاڍو ڀلو ڪيو.“ جينيءَ ٿڏي تي وضاحت ڪندي چيو.

”بلڪل!“ فرينڪل به ھا ۾ ھا ملايس. ھن محسوس ڪيو ته جيني پنھنجي وس آھر پوري ڪوشش پئي ڪري ته رابطي کي اڳتي وڌائجي. ”سڱُ ڳنڍڻ ۾ تجربي کان علاوه ھمت جي ضرورت به ھوندي آهي. سالزمن اسان جي ملاقات ڪري ثابت ڪيو آهي ته ھو پنھنجي ڪم سان سچو آهي. مون کي سندس پيشي واري رويي کان ڪابه شڪايت ناھي. سندس اھو رويو روايتي به آھي ۽ تعريف جوڳو پڻ. اھا ڳالھ سندس فرض ۾ شامل آهي.“ فرينڪل، ڳالھ کي جاري رکندي چيو؛ ”بھرحال، ھن اھو سٺو قدم کنيو آهي.“

”ھا! مان اگر توکان تنھنجي باري ۾ ذاتي سوال پڇان ته ڪاوڙ ته نه لڳندئي؟“ جينيءَ پڇيس؛ ”مان انھيءَ موضوع تي ڳالھائڻ کان لھرائيندي آھيان، تنھن ھوندي پڇڻ بنا رھي نه سگھندي آھيان. تون سالزمن جي چوڻ تي مون سان ملڻ ڇو ھليو آيو آھين؟ ڇا اھو جوش ھو، جذبو ھو يا جنون ھو؟“

فرينڪل آھستڙي جواب ڏيندي چيس؛ ”مان سدا کان مذھبي قانون جو شاگرد رھيو آھيان. منھنجي نظر ۾ اھا ملاقات به رب جي رضا سان ٿي رھي آھي… مون ٻڌو آهي ته تو ٿورو عرصو پيرس ۾ به گذاريو آهي؟“

”ڇا؟ اھا ڳالھ توکي سالزمن ٻڌائي آهي؟“

”ھائو!“ فرينڪل چيس.

”گھڻو وقت اڳي، اتي وئي ھئس. ھاڻ ته مون کان اھا ڳالھ به وسري وئي آهي.“ جينيءَ ورندي ڏنس؛ ”مان پنھنجي ڀيڻ جي پرڻي تي ھتي آئي ھئس، پوءِ ھتي ئي ترسي پيس…“

”ڇا تون پنھنجي پوري حياتي، مذھب جي لاءِ وقف ڪري چڪو آھين؟ تون ھڪڙو مذھبي عالم آھين ۽ ڇا مڙني احڪامن تي باقاعدي مذھب جي فرمانبرداري ڪندو آھين؟“ جينيءَ سوالن جو سلسلو جاري رکندي پڇيس.

فرينڪل، سندس ڳالھ ٻڌي، ڇرڪيو ته ھوءَ کيس ھڪڙو مذھبي ۽ جيد عالم پئي سمجھي، جڏھن ته حقيقت ۾ ھو ھڪڙو شاگرد آهي. کيس لڳو ته سندس باري ۾ سالزمن، ڪوڙ کان ڪم ورتو آهي. نه ھو مذھبي عالم ھو ۽ نه ئي سخت طبيعت جو ھو. ان ڳالھ کيس ڳڻتيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. ھو ته ھڪڙي عام ماڻھوءَ وانگر ھو. ھو مذھب کي پڙھندو ھو ليڪن دراصل ھڪڙي کليل ذھن جو مالڪ ھو. ھو ھر وزندار دليل کي قبول ڪندو ھو، جڏھن ته جيني کيس ڪٽر مذھبي عالم جي روپ ۾ وٺي رھي ھئي، جيڪو نه ھو. ان ڳالھ سان کيس صدمو پھتو ۽ اھا ڇوڪري کيس اوپري لڳڻ لڳي. سالزمن کيس، سندس آڏو فرشتا صفت ڪري پيش ڪيو ھو. ھن پنھنجي پريشانيءَ تي ڪنٽرول ڪندي چيو؛ ”مان ڪو وڏي رتبي وارو مذھبي عالم ناھيان. مون رب ڏانھن ان لاءِ موٽ نه کاڌي آهي ته ڪو مان رب سان بي انتھا محبت ٿو ڪيان، پر ان ڪري اوڏانھن لڙي آيس جو مان ساڻس نفرت ڪندو ھئس ۽ انھن جذبن ۽ احساسن ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ خدا جو انڪار ڪرڻ لاءِ مذھب جو مطالعو شروع ڪيم ته جيئن رد نه ڪري سگھڻ جھڙا ثبوت پيش ڪري سگھان، جيڪي مذھبي حوالي سان بيان ڪيا ويا ھجن.“

سندس، ان اعتراف تي جينيءَ چيس؛ ”پنھنجي پنجٽيھن سالن جي عمر ۾ مون اھڙي ڳالھ پھريون دفعو ٻڌي آهي! اھو ته مذھبي تعليم حاصل ڪرڻ جو، بلڪل نرالو سبب آهي.“

اھا ڳالھ ٻڌي ته سندس عمر پنجٽيھ سال آهي، فرينڪل جا اوسان ئي خطا ٿي ويا. کيس محسوس ٿيو ته سندس سمورا ارادا ڀور ڀور ٿي ويا ھئا. کيس سالزمن تي ڏاڍي چڙ آئي ته ھڪ ته ھن فرينڪل جون وصفون، غلط ٻڌايون ھيون ۽ ٻيو ته جينيءَ جي موٽ کائيندڙ عمر ٻڌائڻ ۾ پڻ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ھئائين. سندس آڏو اگر انھيءَ اپرانڌ سالزمن اچي ھا ته اُڦٽ ماريس ھا. ھيءُ بڙ بڙ ڪندو، اتان موٽي آيو. مٿس وڏي مايوسيءَ جي ڪيفيت ڇانئجي وئي ۽ ھو ڪيترا ڏھاڙا انھيءَ حال ۾ ورتل رھيو. سوچيندو رھيو ۽ کيس ان ڳالھ جو اندازو ٿي ويو ته کيس پنھنجي حقيقي خواھشن جي ڄاڻ ئي ناھي. ھن پنھنجون توقعات، حقيقت جي ابتڙ قائم ڪيون ھيون ۽ کيس اھا ڳالھ سمجھ ۾ ئي نه پئي آئي ته حقيقت ۾ ھو چاھي ڇا ٿو؟ سندس مقصد، اڻ چٽا ھئا. عملي زندگيءَ جي باري ۾ ھن، غلط تصور جوڙيا ھئا. ھاڻ سندس ذھن ۾ اھو ارادو پيدا ٿيو ته ٻين جي آسري کان سواءِ پنھنجي لاءِ رشتو، پاڻ ڳوليندو. پاڻ محبت جي شادي ڪندو. جيئن ته سندس وقت ھميشه پڙھائيءَ ۾ کپي ويندو ھو ۽ دنياوي معاملن ۾ دلچسپي، نه ھئڻ جي برابر ھئس، جنھن ڪري ٻين سان انفرادي توڙي اجتماعي ربط جوڙي نه سگھيو ھو. ربط ۽ منجھس گھاٽائپ ته جڙندا ئي ھڪٻئي سان ميل جول رکڻ سان آھن. تنھنڪري ھن سماجي گڏجاڻين ۾ وڌ کان وڌ، حصو وٺڻ شروع ڪيو. موسيقيءَ جي محفلن، دعوتن ۽ ڊانس پارٽين ۾ وڃڻ لڳو. ھو ھر معاملي ۾ سيکڙاٽ ۽ اَلَڙ ھو. موقعن جي حساب سان ھنر جي گھٽتائي ھئڻ ڪري، جوڳي موٽ نه مليس.

ٿورن ھفتن پڄاڻان، سندس دروازو وري کڙڪيو. سالزمن ھو. دل ۾ آيس ته کڻي ۽ اڇلايانس، پر پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ويو. سالزمن پڇيس؛ “اڃان تائين جينيءَ جي باري ۾ ڪابه راءِ نه ڏني اٿئي!”

موٽ ۾، فرينڪل الٽو کانئس سوال پڇيو؛ “تو جينيءَ جي باري ۾ ڪوڙ ڇو ھنيو ھو؟”

سالزمن، لڄي ٿيڻ لڳو. ڳالھ ٺاھيندي چيائينس؛ “پڻس اھو ٻڌايو ھو، جنھن تي مون به کڻي يقين ڪيو.”

“تو ته چيو ھو ته تو سندس ڄم سرٽيفڪيٽ پاڻ ڏٺو آهي” فرينڪل چيس.

“اھا غلط فھمي ٿي ھئي، اھا ڪا ٻي عورت ھئي.” سالزمن ورندي ڏنس.

“ان کان وڌيڪ خراب ڳالھ اھا آھي ته تو کيس منھنجي تعليم ۽ رتبي جي باري ۾ به غلط ٻڌايو.” فرينڪل چيس؛ “منھنجي خوبين کي وڌائي پيش ڪيئي، ڄڻ مان ڪو وڏين وصفن جو مالڪ ھجان. جينيءَ جي نظر ۾ مان وڏو عالم ۽ فرشتا صفت انسان ھئس، جيڪو سراسر غلط ھو. ھوءَ مون کي ڊاڪٽر سڏي رھي ھئي، جيڪو مان آھيان ئي ڪو نه.”

“مون ته کيس فقط اھو چيو ھو ته تون ھڪڙو مذھبي شخص آھين. مان سمجھان ٿو ته اھا منھنجي ڪمزوري آهي، ليڪن ٻئي کي چپ ڪرائڻ لاءِ ايترو ته ڪبو آهي.” سالزمن وراڻيس.

“مون کي ڪنوار جي گھرج ناھي. مون کي منھنجي حال تي ڇڏي ڏي. مان ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنھنجي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان. مون کي پرڻي جو کپُ ته آھي، پر منھنجو مقصد ھاڻ ڦري ويو آهي. ھاڻ مان شادي ڪندس ته پنھنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪندس. اھا ووڙ مان پاڻ ڪندس ۽ محبت خاطر شادي ڪندس.”

“مون وٽ اھڙيون ٻانھون به آھن جيڪي سچي محبت جي ڳولا ۾ ڍومائون پيون کائين، جن کي مون ضرورت رشتا واري جادوئي گندڙي ۾ وجھي، وساري ڇڏيو آهي.” سالزمن ٻڌايس.

“مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي. مون چيو نه ته مون کي ھاڻ ان جي گھرج ناھي. مھرباني ڪري، تون ھليو وڃ.”

سالزمن، اھا ڳالھ ٻڌي اٿي بيٺو ۽ پنھنجن ڪلھن تي لڙڪندڙ ٿيلھي مان ھٿوراڙيون ڏئي ڪا شيءِ ڳولڻ لڳو. نيٺ ٽي بند ٿيل لفافا، جن ۾ ڇوڪرين جون تصويرون ھيون، ڪڍي ميز تي رکيائين ۽ چيائينس؛ “اِھي، اُھي عورتون آھن، جيڪي محبت جون ڳولائو آھن. انھن کي ڏسي، توکي جيڪا پسند پوي، مون کي ٻڌائجانءِ! محبت، سڄي زندگي گڏ گذارڻ سان حاصل ٿيندي آهي. اگر تنھنجو مقصد صرف محبت آھي ته اھو تيستائين پورو نه ٿيندو جيستائين ان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ، ان متعلق سمورا ضروري قدم کنيا نه وڃن. تنھن کانپوءِ جيڪڏھن شادي ڪئي وڃي ته اھا ڪامياب رھندي آهي. توکي تنھنجي محبت ۽ مقصدُ، انھن تصويرن ۾ نظر ايندو. جڏھن فيصلو ڪري وٺين ته مون کي ٻڌائجانءِ!” اھو چئي، ھو ھليو ويو.

فرينڪل، سندس ڳالھين تي ڌيان ئي نه ڏنو. تصويرن وارا لفافا، ميز تي ئي پيا رھيا. مارچ چڙھي آيو. ھو پنھنجي ڪمن ڪارين ۾ ٻيھر مشغول ٿي ويو. ڪڏھن ڪڏھن چانھ پيئندي، انھن بند پيل لفافن ڏانھن ڌيان ويندو ھئس. ھڪ ڏھاڙي غمزده حالت ۾ دريءَ مان ٻاھر جو ديدار ڪري رھيو ھو ته سندس ڌيان وري ميز تي رکيل لفافن ڏانھن ھليو ويس. دل ۾ آيس ته ڏسان ته آخر ڪھڙيون مايون آھن، جيڪي سالمن وٽ وڻندڙ به آھن ۽ محبت جي خواھش به زوران زور اٿن.

ميز جي آڏو اچي اڌ ڪلاڪ ان مونجھاري ۾ بيھي رھيو ته لفافا کوليان يا نه. نيٺ، ھڪڙو لفافو کڻي ورتائين ۽ کوليائين ته منجھانئس ڇھ تصويرون نڪري آيون. ھرھڪ ۾ سونھن ھئي. سندن عمريون جوانيءَ جا ليڪا لتاڙي چڪيون ھيون. جيتوڻيڪ ھو پنھنجن چھرن تي ٺھندڙ مُرڪ رکندڙ ھيون. ليڪن اھي مرڪون، کوکليون پئي لڳيون. سندن اصلي شخصيت نمايان نه پئي ٿي. منجھن ڪنوارپ، ڳوٺاڻائپ ۽ چريائپ ظاھر پئي ٿي. مڙني منجھان، سڙيل مڇين واري ڌپ محسوس ٿي رھي ھئس. اھي تصويرون، موٽائي لفافي ۾ وڌائين. ٻيو لفافو کوليائين ته ان مان به ڇھ تصويرون نڪتيون. منجھانئن ھڪڙي تصوير، سندس دل کي ڌڪ ھنيو. مڄاڻالائي ڇا ٿيو جو ھن ان تصوير کي ڏسي روئڻ شروع ڪيو.

ان مائيءَ جو چھرو ڏسي، فرينڪل سڄو گم ٿي ويو. ائين ڇو ٿيو، ان جي کيس به خبر نه پئي. ان تصوير واري مائيءَ ۾ جوانيءَ جي جھلڪ نظر اچي رھي ھئي. سندس عمر، اڃان ايتري وڏي نه ھئي. اھا ڏاڍي ستايل لڳي رھي ھئي. بيوسي ۽ ويچارپ، سندس ويران اکين مان ٽمي رھي ھئي. سندس نيڻن مان نياپو اھو پئي مليو، ڄڻ مدد لاءِ واجھائيندي ھجي. ائين لڳس ڄڻ ان مائيءَ جو چھرو ڏٺل وائٺل ھجي ۽ ھن کيس ڪٿي ڏٺو ھجي ۽ کيس ياد نه ھجي. ھوءَ ھڪڙي ڏاڍي سھڻي مائي نه ھئي ليڪن منجھس ڇڪ ھئي. ان تصوير ۾ جنھن شيءِ کيس گھڻو متاثر ڪيو سا ھئي پڇتاءَ جي ڪيفيت جيڪا ناريءَ جي نيڻَ- نِھارَ مان بَکي پئي. ائين پئي لڳو ڄڻ ھن اھو فوٽو، بي دليو ڪڍرايو ھجي. لاچارپ، لڪائڻ جي باوجود به، سندس نيڻن مان جھاتيون پائي رھي ھئي. انھيءَ تصوير کي، فرينڪل ورائي ورائي ڏٺو. سندس چھري جي ھر حصي تي غور ڪيائين. سندس اکيون چنجھيون ٿي ويون ۽ ذھن مائوف ٿي ويو. کيس ان عورت مان ڊپ محسوس ٿيڻ لڳو، جيڪو پڇاڙيءَ ۾ جوش ۽ جذبي ۾ مَٽجي ويو. سندس ذھن ۾ ھڪدم ھيءُ خيال آيو ته ھيءَ ئي مائي آهي جيڪا کيس راحت ۽ محبت ڏئي سگھندي. ھو ان ڳالھ تي به حيران ھو ته سالزمن ھن تصوير کي جادوئي گندڙي ۾ ڇا لاءِ اڇلي ڇڏيو ھو، ڇو جو سندس خيال ۾ اھي مايون اھڙيون ھونديون ھيون جن جو پرڻو ممڪن ئي نه ٿي سگھي. معاملو ڇا به ھو، پر ھاڻ ھيءَ سندس لاءِ اھم ٿي وئي ھئي. ھن، کيس ڪنھن به حالت ۾، حاصل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڳنڍِ ٻڌي ڇڏيو.

فرينڪل، ھاڻي سالزمن سان تڪڙ ۾ رابطو ڪرڻ لاءِ گھريو پئي، ليڪن وٽس سندس فون نمبر نه ھو. ھن ٽيليفون ڊائريڪٽري کنئي، مگر سندس گھر يا آفيس جو نمبر ھٿ نه آيس. کيس ياد آيو ته ساڻس رابطو ته خط پٽ ذريعي ئي ٿيو ھو. ھن اخبار جي ڪٽنگ ڳولي لڌي، جنھن ۾ سندس اَتو پتو لکيل ھو. ھيءُ تڪڙ ۾ اٿيو ۽ ان ئي پتي تي پھچي ويو. اھو گھر، سالزمن جو سڀ ڪجھ ھو؛ آفيس به ته رھائش به. ھن دروازو کڙڪايو. ھڪڙي مائيءَ، کنگھندي کُڙڪندي اچي دروازو کوليو. لڳو پئي ڄڻ ھوءَ دم جي مريضِ ھجي.

“ڇا ھيءُ سالزمن جو گھر آ؟” فرينڪل پڇيس.

“ھا!” مائيءَ ورندي ڏنس.

فرينڪل کي ٻيھر ائين لڳو ڄڻ ھن، انھيءَ مائيءَ کي اڳي ڪٿي ڏٺو ھجي، مگر ڪٿي؟ ياد نه آيس. “ڇا سالزمن، گھر ۾ آھي؟” فرينڪل پڇيس.

“نه!” ورندي مليس.

“ھڪڙو اھم معاملو آهي، جيڪو مان ستت حل ڪرڻ ٿو چاھيان. ڇا تون اھو ٻڌائي سگھين ٿي ھينئر ھو ڪٿي ھوندو؟” فرينڪل چيس.

“ھوا ۾!” مائيءَ جواب ڏنس؛ “سندس ڪا آفيس ڪانھي.”

فرينڪل، مائيءَ جي پٺيان، ڪمري ۾ اک- وتائي ڏٺو ته سڀ شيون ٽڙيون پکڙيون پيون ھيون. کيس ڪو جادوئي گندڙو نظر نه آيو. ھن سوچيو؛ ’شايد اھو به سالزمن جو تصوراتي عمل ھجي.‘

“مان سالزمن سان تڪڙو ملڻ ٿو چاھيان. وڏو اھم ڪم آهي.” فرينڪل، ڳالھ تي زور ڏيندي، چيس.

“ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته ھو ڪٿي آهي؟ ھر گھڙيءَ، ماڳ ۽ مَتِ مَٽبا رھندا اٿس. تون گھر وڃ. ھو پاڻ توسان اچي رابطو ڪندو. تنھنجو نالو ڇا آھي؟”

“کيس ٻڌائجانءِ؛ فرينڪل آيو ھو.”

مائيءَ ٻُڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيس.

فرينڪل، گھر موٽي آيو. گھر پھتو ته ڏسي حيران ٿي ويو جو سالزمن کانئس اڳي اتي حاضر ھو. فرينڪل، کيس پنھنجي ڪمري ۾ وٺي آيو. کيس چانھ ڏنائين ۽ گڏوگڏ بسڪوٽ به رکيائينس. ھن تصويرن وارو لفافو، سالزمن کي موٽائي ڏيندي چيو؛ “منجھانئن ھڪڙيءَ مائيءَ کي پسند ڪيو اٿم. ھن، اھا تصوير کيس ڏيکاري، جيڪا ڏسندي سالزمن پھرين ته ڏاڍو حيران ٿيو ۽ پوءِ ڊڄي ويو. سندس واتان، ڏک ۽ تڪليف جي ڪري، آھ ئي نڪتي.”

“معاف ڪجانءِ! مان ساڻس تنھنجي شادي ڪرائي نٿو سگھان.” سالزمن چيس؛ “اھا تصوير، غلطيءَ سان انھيءَ لفافي ۾ ھلي وئي ھوندي.” ھو اھا تصوير، کيسي ۾ رکي، جلديءَ ۾ اٿي ھليو ويو. فرينڪل جڏھن اھو ڏٺو ته مٿس سڪتو طاري ٿي ويو. کيس جڏھن سالزمن جي ھليو وڃڻ جو احساس ٿيو ته ھيءُ به ڪڍ ڀڳس ۽ ڪاريڊور ۾ وڃي پڳس.

“مون کي اھا تصوير موٽائي ڏي!” فرينڪل چيس.

“نه!” سالزمن جي اکين ۾ درد ھو.

“مون کي ٻڌاءِ! ھيءَ مائي ڪير آهي” فرينڪل پڇيس.

“مون کي معاف ڪر! مان اھو ٻڌائي به نٿو سگھان.” سالزمن اھو چئي وڃڻ لڳو ته فرينڪل سندس ڪوٽ جو ڪالر جھلي بيھي رھيو.

“پليز… پليز.. مون کي ڇڏ!…” سالزمن ايلازو ٿيس.

“توکي ٻڌائڻو پوندو ته ھيءَ مائي ڪير آهي؟ مون لاءِ اھو ڄاڻڻ اھم آهي.” فرينڪل زور ڀريس.

“اھا، تولاءِ ناھي. اھو جوڙو غير موزون رھندو. اھا ھڪڙي بد تھذيب ۽ ٽانءِ ۾ ڀريل مائي آهي. جھانگيلڻ، ڄٽي ۽ وِڻواند آهي. مال پرست آهي. ان لاءِ غريب ھجڻ وڏو گناھ آهي، جنھن کي ڪنھن به طريقي سان نندڻ، برو نه سمجھندي آهي. اھا ھڪڙي جيد عالم جي زال نٿي ٿي سگھي.”

“وِڻواند ۽ جھانگيلڻ مان تنھنجي ڇا مراد آهي؟” فرينڪل پڇيس.

“اھا، ھڪڙو جانور آهي. ھڪڙي ڪتي وانگر آهي. اھا مون لاءِ مري چڪي آهي. سندس ڪي به اخلاقي حدون ناھن.” سالزمن تفصيل ۾ ٻڌايس.

“خدا جو واسطو اٿئي. مون کي صحيح صحيح ٻڌاءِ ته اھا ماجرا ڪيئن آهي؟” فرينڪل، بيچينيءَ واري حالت ۾ چيس.

“مان، ان جي ملاقات توسان نٿو ڪرائي سگھان. ان ۾ توکي ڇا نظر آيو آهي جو ڇتو ٿي پيو آهين… ڇو ٿو سمورا ليڪا لتاڙڻ چاھين؟” سالزمن نھڪار ۾ چيس.

“آخرڪار تون ان مائيءَ جي باري ۾ ايترو حساس ڇو ٿي ويو آھين؟ مون تنھنجي ڪھڙي ڏکندڙ رڳ تي لت رکي آهي… اصل ڳالھ ٻڌائي؟!” فرينڪل زور ڀريندي چيس.

“ڇو؟… ڇو جو… ڇو جو اھا منھنجي ڌيءَ سٽيلا آھي. کيس، مون گھران لوڌي ڪڍي ڇڏيو آهي. اھا ھڪڙي دوزخڻ آهي.” سالزمن ورندي ڏنس.

اھو ٻڌي، فرينڪل ھڪو ٻڪو ٿي ويو. اتان کيس سڻس پئي ته ڇوڪريءَ جي تصوير کيس ڏٺل ڇو پئي لڳي. ھوءَ مھانڊن ۾ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جھڙي ھئي. انھيءَ دريافت کي، ھن دل تي ورتو. ھو ڏک ۾ ڀرجي، سمھي پيو. خواب ۾ به ساڳي ماجرا سندس مغز تي ڇانيل رھي. پنھنجي مٿي کي گھڻائي لوڏا ڌوڏا ڏنائين ته اھا شعور مان گم ٿئي، ليڪن بيسود. آخرڪار پڪو ارادو ڪيائين ته انھيءَ مائيءَ سان ملندس ضرور.

ورندي ڏھاڙي تي ھو ڪيڏانهن ويو پئي جو کيس سالزمن ھڪڙي ھوٽل تي مڇي کائيندي نظر آيو. حالت ڏاڍي بڇڙي ھئس. چھري تي ڏک جا ڪڪر ڇانيل ھئس. ٿڪل ٿڪل پئي نظر آيو. فرينڪل اڳيان اچي پھتس ته کيس ائين ڏٺائين ڄڻ سڃاڻندو ئي نه ھجيس.

“سالزمن! منھنجي من ۾ محبت ڪَرُ کنيو آهي. مون کي انھيءَ مائيءَ سان محبت ٿي وئي آهي. ائين ٿو لڳي ته مان ان کان بغير نٿو رھي سگھان.” فرينڪل، وڏي جوشيلي لھجي ۾ چيس.

“ھڪڙي تصوير کي ڏسي، ڪنھن کي ڪنھن سان ڪيئن ٿي محبت ٿي سگھي؟” سالزمن رُکي لھجي ۾ پڇيس. “جيڪڏھن توکي ان عورت سان محبت ٿي وئي آهي ته مون کي سئو سيڪڙو يقين آهي ته تون دنيا جي ھر شخص سان محبت ڪري سگھين ٿو. مون وٽ ڪجھ ٻيون به تصويرون آھن. منھنجي راءِ آهي ته اھي به ڏسي وٺ ۽ براھ مھرباني ھن سان ملڻ جي ھوڏ ڇڏ!”

“مان فقط سٽيلا سان ئي پرڻجڻ ٿو چاھيان.” فرينڪل، فيصلو ٻڌايس.

“ڊاڪٽر! چريو نه ٿيءُ! ساڻس نه مل! ھوءَ تنھنجي قابل ناھي.” سالزمن چيس. ھو ڳڻتيءَ ۾ موڙھل لڳي رھيو ھو.

“مون کي ان سان ئي ملڻو آهي ۽ تون مون کي ساڻس ملاءِ!” فرينڪل ھوڏ تي بيٺو رھيو.

سالزمن، ھن جي ھوڏ ڏسي، کاڄ کائڻ بند ڪيو ۽ سوچڻ لڳو. جنھن تي فرينڪل کي تسلي ٿي ته ھاڻ سندس درخواست قبول ٿي آهي.

فرينڪل کي ھڪڙي خط جي ذريعي اطلاع مليو ته سٽيلا، ساڻس ڇنڇر جي رات اٺين وڳي ڌاري، فلاڻي ھال ۾ دروازي وٽ بيٺل ملندي. ھيءُ ھن بھار جي موسم جي رات، پنھنجي ھٿ ۾ گلاب جو گلدستو جھليو، پنھنجي بھترين لباس ۾، مقرر ٿيل ھنڌ تي وڃي پھتو. اتي کيس اھا عورت اڇي رنگ جي ننڍي اسڪرٽ ۽ ڳاڙھي رنگ جي جوتن ۾ ملبوس (جيڪا طوائف جي لباس جي سڃاڻپ آهي)، سگريٽ پيئندي نظر آئي. فرينڪل ڏٺس ۽ ڄاڻي ورتائين ته سندس اکيون ھوبھو سندس پيءُ سالزمن وانگر ۽ مھانڊو ماءُ تي ويل ھو. ھوءَ شبيھ ۾ ٻنھي جھڙي ھئي. فرينڪل ڪجھ سوچيو ۽ گلاب جو گلدستو کيس پيش ڪري ڇڏيائين.

ھوڏانھن سالزمن ھڪڙي ڪنڊ ۾، ڀت سان ٽيڪجي، لڪ ڇپ ۾ ان عورت لاءِ، جيڪا سندس چواڻي مري چڪي ھئي، بخشش ۽ رحمت جون دعائون گھري رھيو ھو.

(پروفيسر غلام محي الدين (ڪيناڊا) واري جي اردو ترجمي تان کنيل)

***