جيئن ئي منهنجي ھاف فراءِ ٿيڻ جي خبر عام جام ٿي وئي. تيئن ئي سڄي سنڌ ۾ سوِل سوسائٽي، لبرل، ترقي پسند، قوم پرست، وڪيل، ڳائڻا، شاعر، مذهب پرست، اين جي اوز جا ورڪر يعني سڀ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ڪارونجهر جي ھاف فراءِ ٿيڻ تي دانهون، ڪوڪون ۽ آهون ڀَرِڻ لڳا. سڀ ايس. آءِ. يو. ٽي ۾ اچي گڏ ٿيا. پهريان سوِل سوسائٽيءَ جا وڏا نالا اچي پهتا، جن پنهنجون دانشوراڻيون ۽ فِڪر انگيز تقريرون ڪيون. هنن جذباتي ٿي مدلل انداز ۾ لفظن جي ڳٺ جوڙ سان ايتريون ته اثر انداز تقريرون ڪيون جو ماڻهو دَنگ رهجي ويا. هنن ان ايس ايڇ او کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڪارونجهر جي ڪنھن به عضوي کي ڪا تڪليف پهتي ته اسان ايس ايڇ او جي گهر جو گهيراءُ ڪنداسين. جيڪڏهن اسان جو هي مسئلو ترتُ حل نه ڪيو ويو ته اسان هن تحريڪ کي سڄي سنڌ ۾ ڦهلائي ڇڏينداسين!
جڏهن سول سوسائٽيءَ جا ماڻھو تقريرون ڪري رهيا هئا ان وقت ڪارونجهر ڪُنبي رهيو هو. ڇو جو سول سوسائٽي جي دانشورن جون تقريرون ايس ايڇ او کي اُڪسائي رهيون هيون ۽ ڪارونجهر جي آڏو ايس ايڇ او ريوالور هٿ ۾ کڻي فل فراءِ ڪرڻ لاءِ واجھائي رهيو هو. هڪ پاسي سول سوسائٽي وارا جوش، جذبي ۽ ولولي سان تقريرون ڪري رهيا هئا ٻئي پاسي ڪارونجهر ڏَڪي رهيو هو. سول سوسائٽي کانپوءِ لبرل به اچي نروار ٿيا. هنن به دانهون شروع ڪيون ته ڪارونجهر اڪيلو نه آهي. ان سان اسان به ٻارين ٻچين گڏ آهيون. هنن ظلم ڪيو آهي ھيءَ سراسر زيادتي آهي. جنس جي بنياد تي توهان ڪارونجهر کي ھاف فراءِ ڪيو آهي. اسان ٿا چئون برابري ۽ سراسري هجي. جنس، قوم، مذهب ۽ ذات پات جي بنياد تي ڪوبه فرق نه هجي. اسان اها پرزور گهر ٿا ڪريون ته ان ايس ايڇ او کي تعليم ڏني وڃي ته جيئن اهو جنس جي بنياد تي فرق ڪري سگهي ۽ ڪنهن کي به جنس جي بنياد تي ھاف فراءِ نه ڪري سگهي.
ڪارونجهر لبرل کي ڏسي سفا خاموش ٿي ويو. ڇو جو ايس ايڇ او تمام وڏو طاقتور هو. هو پاڻ کي جنس، قوم ۽ مذهب کان به مٿانهون سمجهي رهيو هو. ايس ايڇ او ريوالور کي صاف ڪري ڪارونجهر جي دِل جو نشانو وٺي رهيو هو.
ڪارونجهر جي ڀَرِ ۾ اچي ترقي پسندن به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. اسان ٿا چئون صرف ۽ صرف ترقي ٿئي، هينئن لاقانونيت، اقربا پروري، جهالت، دقيانوسي سوچ، ماوراءِ قتل، وھم پرستي، توهم پرستي ۽ مارا ماري نه هجي. هيئنن ڪنھن کي ھاف فراءِ نه ڪيو وڃي…! آخر ۾ ترقي پسند لڏو سفا جذباتي ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو گهٽ ۾ گهٽ ٻين جي نه ئي صحيح، پر اسان جي ته ترقي ٿئي. هي به نسورو ناحق آھي ته ترقيءَ ۽ نواڻ جي نالي تي توهان ڪارونجهر جهڙي جوڌي کي ھاف فراءِ ڪيو آهي. هي ناحق آهي ۽ اسان سڀ ترقي پسند ڪارونجهر جي پاسي بيٺل آهيون، پر اسان جي به ته ترقي ٿئي نه..!
ڪارونجهر ساڳيو ئي سڪرات ۾ آهي ڇاڪاڻ ته ايس ايڇ او پريان ريوالور جي ٽريگر تي هٿ رکيو بيٺو آهي. ايس ايڇ او ترقي پسندن کي به ڪونه ٿو ليکي ۾ آڻي.
ڪارونجهر ايس. آءِ. يو. ٽي جي بستري تي ھاف فراءِ ٿي ليٽيو پيو آهي… هن جي ڪنن تي زوردار آوازَ ٻڌڻ ۾ آيا..!
آيا… آيا… آيا… آيا… ڪير آيا…؟ نه کپي نه کپي… نه کپي نه کپي…؟ ڪير نه کپي…؟ ايس ايڇ او نه کپي…! ڪارونجهر اسان جو قومي سورمو آهي..! هي جنهن به ظلم ڪيو آهي اسان انهن سان اکيون اکين ۾ ملائي پلاند ڪنداسين! ڪارونجهر سان اسان جو ناتو ۽ واسطو ازل کان آهي! ڪارونجهر اسان جو اهو اڏول ساٿي آهي جيڪو سيني تي گوليون سهي سگهي ٿو… هي ظلم آ، قهر آ، انياءُ آ… جو هن کي ڄنگھ ۾ گوليون هنيون ويون آهن. اها ايس ايڇ او جي حرامپائي آهي جنهن جو اسان ضرور پلاند ڪنداسين…! اي..! ڪارونجهر..! قسم آهي تنھنجي آدڳجاد کان به اڳ موجود ارڏائيءَ جو ته اسان ضرور تنھنجو پله ڪنداسون…!
هي دوست جيئن ئي ڪارونجهر کان پڇي موٽيا ته پويان ايس ايڇ او نه ڪئي هم نه ڪئي تم ريوالور وڃي ڪارونجهر جي مٿي تي رکيائين…!
پر ڪارونجهر جو بچاءُ ٿي ويو جو پريان ڪارن ڪانون جي ڪان ڪان شروع ٿي وئي…! ڪارا ڪوٽ پاتل، هٿن ۾ وڏا فائل ۽ ڦر ڦر ڳالهائيندڙن جو جَٿو اچي ڪارونجهر جي ڀرسان بيٺو. اسان ڪارونجهر جي هر قسم جي قانوني مدد ڪنداسين ۽ ايس ايڇ او کي ضرور ڪاٺ ۾ وجهنداسين. اڃان ايڏي به لاقانونيت، اونداه ۽ انڌوڪار نه ٿي آهي جو ايئن بنا ڪنهن تفتيش ۽ جاچ پڙتال جي ڪنهن کي به ھاف فراءِ ڪري ڇڏجي!
ڪانون جي ڪان ڪان کانپوءِ وري راڳي اچي نڪتا! او منهنجو کٽي آيو خير سان هو جمالو…! جنهن جون اکيون ٻَرن مشالا… هو جمالو..! ڪارونجهر پنهنجي نِماڻي نيڻن سان اکيون ٽِمڪائي فنڪارن جي فن کي اکين سان ڏسي ڪنن سان ٻڌي رهيو هو. راڳي به پنهنجو وارو ڳائي وڄائي وٺي رمندا رهيا..! مٿان ايس ايڇ او وري ريوالور تاڻي اچي ڪارونجهر جي ڪالر کي پڪڙي بيٺو. ايس ايڇ او وري هڪ ٻئي ٽولي کي ڏسي ڪارونجهر جي ڪالَرَ مان هٿ ڪڍي کِسڪي ويو! هي ٽولو عظيم شاعرن جو هو. جنهن ۾ سينئر عظيم شاعر، جونيئر عظيم شاعر ۽ نوان آڙيڪاپ اڀرندڙ عظيم شاعرن جي سٿ تي مشتمل هو. سڀني دونهيندار انقلابي، مزاحمتي ۽ رزميه شاعريءَ جا طويل نظم پڙهيا…! مذمتن جا ٺهراءَ ۽ مزاحمتن جا وَچن ورجائيندا ايس ايڇ او تي بيشمار جا نعرا هڻائيندا ڪارونجهر کان موڪلائي هليا ويا.
شاعرن کانپوءِ تڪڙ ۾ ئي ماڻهن جو وڏو هجوم پهتو، جن پنهنجي هڪڙي مخصوص انداز ۾ اچي اهو فرمان جاري ڪيو ته ڪارونجهر اسان جو غازي آهي! جنهن کي قطعي به شهيد ٿيڻ نه ڏينداسين. هن اسان جي غازي کي ھاف فراءِ ڪيو ويو آهي. هي ايس ايڇ او مُلحد، ڪافر ۽ يهودي آهي. اسان اها گهر ڪيون ٿا ته اهو ايس ايڇ او اسان کي ڏنو وڃي ته جيئن اسان ان کي سنگسار ڪري سگهون. ان جون ڄنگهون ٻانھون ڀڃي باھ ڏئي ڪافرن وانگر ان کي ساڙيون. ايئن هنن ماڻهنِ به ڀليون تقريرون ڪري پاڻ ملهايو.
هي وڏو هجوم جيئن ئي ويو ته ايس ايڇ او ريوالور ڪارونجهر جي لونڌڙي تي رکيو، پر مٿان وري سوٽيڊ بوٽيڊ صاف سٿرن ڪپڙن ۾ ملبوس ورڪر به ماڪڙ وانگر مينهن واچ ڪري لٿا، جن سيليس سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هو ڪارونجهر جو علاج ڪرائيندا…! هي اعلان ڪري، ڪارونجهر کان ڊيٽا ڪليڪٽ ڪرڻ لڳا ته توهان کي گوليون ڪيتريون ۽ ڪٿان کان لڳيون آهن. توهان جي ڄنگهه جو جيڪڏهن فريڪچر گهڻو ٿيو آهي ته ان جو اوترو ازالو به الاهي ٿيندو. توھان جو اين آءِ سي ڪارڊ ٺهيل آهي ته توهان کي بايو ميٽرڪ به ڏيڻي پوندي. ڪارونجهر کي اٿلائي پٿلائي سڄي ڊيٽا ورتن.
هاڻي ايس ايڇ او به صفا تنگ ٿي ويو ۽ ڪارونجهر کي فل فراءِ ڪرڻ جو سوچي رهيو هو ته مٿان وري ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به اچي پهتا. هي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو وڏين وڏين ويگو گاڏين ۾ آيا ۽ سِڌا ايس. آءِ. يو. ٽي ۾ هليا ويا. هنن ڪابه جَک ڪانه هنئين، سِڌو وڃي ايس ايڇ او سان مليا ۽ چُپِ چَپاٽِ ۾ ڊِيل ڪري هليا ويا. هنن جي وڃڻ کانپوءِ ايس ايڇ او ۾ تمام گهڻو اعتماد وڌي ويو. ايس ايڇ او نيٺ بنا ڪنهن به هٻڪ ۽ رنڊڪ جي ڪارونجهر کي فُل فِراءِ ڪري ڇڏيو…! فُل فِراءِ مان هڪ سُٺي ڀاڄيءَ جو بندوبست ڪيو ويو…! بعد ۾ ڪارونجهر کان جيڪي به پڇڻ آيا انهن ۾ ڀاڄي ونڊي ورهائي وئي…!