آمريڪي صدر افغانستان ۾ فوج گهٽائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو کي حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته 2020 جي اليڪشن تائين افغانستان اندر آمريڪا جي فوجين کي گهٽايو وڃي. مائيڪ پومپيو اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ملاقات ۾ صحافين سان ڪيو. گذريل هفتي صدر ٽرمپ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جي ملاقات ۾ ٻنهي ڄڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ افغانستان اندر فوج جي تعداد کي گهٽايو وڃي. افغانستان جي شهرين لاءِ پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغاني پنهنجي ملڪ کي واپس سنڀالين.