شاعرينئون

شاعري

غزل

ديوي ناگراڻي

ھيءَ سنڌ آ سڀاڳي جنھن جي شھاڻي ٻولي

جا ھنج ۾ کڻي پئي مون کي سُڻائي لولي

ڪهڙيون وساري آخر، ڪهڙيون وساريان ڳالهيون

خوشبو خمار جنهن ۾، آهي سا منهنجي ٻولي

سي سنڌ جا اڱڻ ۽ ماڙيون ۽ مٺڙا ماڻهو

وسري نه ٿا سي وسرن جن سان مون کيليِ هولي

جنهن پرانت ۾ نه ٻولي، دامن آ تنهنجو خالي

هر پرانت جي سڃاڻپ، آهي انهيءَ جي ٻولي

ٿي پاڻ ۾ هميشه يڪمشت منهن ته ڏيندا

راهن ۾ مشڪلاتن جي آئي آهي ٽولي

چندن سمان آهي تنهن ۾ هڳاءُ ديوي

مهڪائي ساهه کي ڄڻ، خوشبوءَ جي هيءَ ڇولي

***

شاعرہ: فروغ فرخ ذاد

مترجم: سنجھا چنا

زندگي، شايد

ھڪ ڊگھو رستو آھي، جنھن تان ھر روز ڪا عورت ٽوڪري کنيون، گذرندي آھي.

زندگي، شايد

ھڪ رَسو آھي، جنھن سھاري ڪو شخص وڻ جي ٽاريءَ تي چڙھي ويندو آھي.

زندگي، شايد

ڪو ٻار آھي، جيڪو مدرسي کان گھر ڏانھن موٽيو ھجي

زندگي، شايد

ٻن ڀاڪرين پيلن جي وچ ۾ ٿورڙي وڇوٽيءَ تي سگريٽ جو دکڻ آھي.

يا ڪنھن راھ ويندڙ جو گھبرائجي، رستو پار ڪرڻ،

مسافر جيڪو پنھنجي ٽوپي کڻي، بي معنيٰ مرڪ سان ڪنھن ٻئي راھ ويندڙ کي چئي ڏئي ٿو، “صبح بخير”

زندگي، شايد

اھو قيد ٿيل پل آھي، جنھن ۾ منھنجون نگاھون تنھنجن نيڻن جي ناسي رتن ۾ پنھنجو پاڻ کي برباد ڪري رھيون آھن

۽ انھن منجھ ھڪ احساس آھي،

جنھن کي مان چنڊ جي ادراڪ ۽ ظلمت جي شعور سان گڏ ملائي ڇڏيندس.

***

غزل

ساحر راهو

نه ڄاڻا ڪيرَ هُئي جنهن سان، پلڪ جي آشنائيءَ جو،

جُڙيو تعلق ٽُٽو جادُو، تصور جي خدائيءَ جو.

ڪٿائون ڪئي لِکِيون ڦاڙيون، چِٽِيا ڪي عڪس ٺاهُوڪا،

عُمر ڀر پوکيو سپنو، اکين ۾ نِنڊ پرائيءَ جو.

خوابن ۽ حِجابن جي نه چاهي، رُخ نمائي ڪنهن،

ورق پلِٽيو جبين آڇي، چپن جي پارسائيءَ جو.

الائي ڪنهن جي ڳولا ۾، اڪيلو ناتوان دل جو،

پکي ڀٽڪي اُڃارو مُئو، نه آيو انتُ تائيءَ جو.

هميشه جنگ جي وحشت، ڏئي ٿي درد کي وسعت،

جُدايون جاڳ محرُوميون، نتيجو هر لڙائيءَ جو.

تون سپني ۾ مِلي آهين، نه ٿي چاهي هي سِڪِڻي دل،

ته وِکِري خواب جي خوشبُو، اچي ويلو جدائيءَ جو.

ھوا پوشاڪ بدِلي جيئن، پرارن تان پئي آئي،

اڇُوتي نظم جي خوشبُو، نِرالو سُرُ سُهائيءَ جو.

اُمالڪ ڪهڙي خاموشي، ڀڃي آرسَ اُٿي دل مان،

جشن برباد ٿيو ساحر، صدين جي هيکلائيءَ جو.

***

غزل

بخشل باغي

ٿي وڇوڙا روز سوري عاشقي

دل چَري کي ٿي ڪَڪوري عاشقي

پنهنجي پاڇي سان ڪري ٿي گُفتگو

ماٺ سان ٿي ماٺ اوري عاشقي

هيڪلائي گيت، ٿي ڏُک جو  چئي

چنڊ جو ٿي چَنگُ چوري عاشقي

ڪير ميڙيندو ذَريون منهنجون اچي

تو ڇڏيو مون کي ته ڀوري عاشقي!

عشق جا پيرا کڻي رُلندي رهي،

ٿي رِڻن جي راھ ڏوري عاشقي

چنڊُ جو چمڪڻ سَراسر آ سَراب

پر نِڀاهي آ چڪوري عاشقي.

***

غزل

سيد عزيز احمد “عزيز“ علوي

پاڻ پرچندو اعتبار ڪو ناهي

مون سان ان جو پيار ڪو ناهي

ھاڻي بيزار ٿو رهين سڀ کان

توتي شايد نثار ڪو ناھي

تنهنجي بائڪ پئي چڪر ڏي ٿي

تو سکيو انتظار ڪو ناھي

مند سيارو ۽ سرء اونھارو

تن ۾ موسم بھار ڪو ناهي

سونھن هرجا پئي سڄڻ نظري

پر نزاڪت نکار ڪو ناهي

نيڻ سارا اداس ٿي هر دم

پر اکين ۾ خمار ڪو ناھي

مطلبي روز ٿا پيا ٽڪرن

آدمي قربدار ڪو ناهي

بيوسي ڀل ڏسو هتي منھنجي

دل مٿان اختيار ڪو ناهي

سچ جو ساٿي ٿئي سدا هتڙي

پر “عزير” اڄ تيار ڪو ناهي.

***

غزل

آزاد اظهر جوڻيجو

شوق سمورا ساٿي سنگتي روح جا راڻا وڇڙي ويا

ننڍپڻ، وارا خوشيون ميلا ڏينهن پراڻا وڇڙي ويا

سوچ نه آئي اهڙي هئي ڪا ائين جدائي ٿي ويندي

رستي ويندي گلڙا پٽيندي ٽهڪ اڏاڻا وڇڙي ويا

جهاتي پائي جوڳين وانگي بستي بستي پاڻ گهمي

کلندي کلندي هيل اسان کان ڀوءَ ۽ ڀاڻا وڇڙي ويا

جوڙ جيڏين جو ٽهڪ هوا ۾ رستا سارا خوشبو ٿيا

هاءِ زمانا ڇا ٿي ويو جو مکڻ چاڻا وڇڙي ويا

ڪاڪ رنو ۽ رٺل راڻل رات انڌاري ڳوڙها ڳاڙيا

راھ نهاري تنهن کي ساري مومل ماڻا وڇڙي ويا

سنڌ ۾ توکي ساري ساري اظهر جو هو روح رنو

تون ته الا وئين لوڪ پڌاري ٽلندڙ ٽاڻا وڇڙي ويا.

***

غزل

عبدالله آس هنڱورجو

خطرو تنهنجو کُٽڪو تنهنجو،

اُٿندي ويهندي اُلڪو تنهنجو.

هِن منهنجيءَ دل جي ڌرتي تي،

آ بي دردا قبضو تنهنجو.

نگري نگري ڳوليم توکي،

ڪونه گڏيو ڪٿ چهرو تنهنجو.

روز سزائون ڇو ٿي ڏين تون،

ڏوھ ڪيو ٿم ڪهڙو تنهنجو.

مُرڪڻ تنهنجو ماڻا تنهنجا،

ڪيئن وساريان جلوو تنهنجو.

***