خاصنئون

زهريلو کاڌو کائڻ سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيندڙ ٻارن جي ڦڦي به فوت ٿي وئي

اربع رات ڪوئٽا سان تعلق رکندڙ ڪراچي واسي خاندان جا 5 ٻار هوٽل مان برياني کائڻ بعد فوت ٿي ويا ۽ سندس والدين ۽ هڪ ڦڦي اسپتا ل داخل ٿي هئي. اڄ صبح جو ٻارن جي مڙهن کي انهن جي اباڻي علائقي ۾ موڪليو ويو جتي انهن کي مٽي ءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  ٻئي طرف انهن ٻارن جي ڦڦي به اڄ صبح جو فوت ٿي وئي آهي. جڏهن ته پوليس 18 ڄڻن کي گرفتار ڪري تحقيقات شروع ڪري ورتي آهي. جنهن کان علاوه پوليس جي هڪ ٽيم ڪوئٽا به موڪلي وئي آهي. جيڪا اتي تحقيقات ڪندي.