2007 جي وڳوڙن ۾ لينڊ روينيو جو 80 سيڪڙو رڪارڊ سڙڻ جو انڪشاف

سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي روينيو اينڊ رليف منسٽر مخدوم محبوب زمان قانوندانن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سنڌ اندر 2007 ۾ بينظير ڀٽو جي قتل بعد ٿيندڙ وڳوڙن دوران لينڊ روينيو جو 80 سيڪڙو رڪارڊ سڙي ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر لينڊ جي رڪارڊ کي جون 2018 تائين ڊجيٽل ڪرڻو هو پر فنڊن جي گهٽتائي سبب اهو عمل پورو ٿي نه سگهيو آهي. جڏهن ته هن وقت تائين 10 هزار صفحن کي ڪيميائي ۽ ڊجيٽل بنيادن تي محفوظ بڻايو ويو آهي، جنهن لاءِ حيدرآباد ۽ سکر اندر جوڙيل ليبارٽرين ۾ اهو ڪم ڪيو پيو وڃي جتي جاگرافيائي معلومات سسٽم يونٽ کي بورڊ آف روينيو ۾ ٺاهيو ويو هو جيئن رياست جي زمين تي قبضي جي جاچ لاءِ ديهه ۽ تعلقي جي سطح تي نقشن کي ڊجيٽلائيز ڪري سگهجي. مڙني ضلعن ۽ تعلقن جا نقشا تيار ڪيا ويا آهن. جنهن سان گڏ مائڪرو فلم جي رڪارڊ ڪيپنگ ڪرڻ لاءِ هر ضلعي ۾ 6 ڊجيٽل اسڪيننگ يونٽ تيار ڪيا ويا آهن. رجسٽر ڊيڊز کي اسڪين ڪيو ويو آهي ۽ ڊيٽا سينٽرن ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، جنهن سان رجسٽر ڊيڊز جي جاچ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته هن سڄي عمل لاءِ 486 ملين رپين جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جنهن جو ڪم جون 2019 تائين مڪمل ٿي ويندو ۽ 20 سيڪڙو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *