گڊز ٽرانسپورٽ تان پابندي ھٽائڻ، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رليف ٽائيگر فورس ٺاھڻ جو اعلان

وزير اعظم عمران خان جي صدارت ھيٺ قومي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ صحت واري وفاقي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي ته گڊز ٽرانسپورٽ کولي ويندي ۽ ان جي رواني جاري رھندي. جڏھن ته ڪورونا رليف فنڊ سميت ٽائيگر فورس ٺاھڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان حوالي سان وزير اعظم عمران خان سينيئر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ ڪنھن به صورت ۾ کاڌي پيتي وارين شين جي اڻاٺ نه ٿيڻ گھرجي، اڻھوند ٿي ته افراتفري ٿي سگھي ٿي. ذخيرا اندوزي جي ھرگز اجازت نه ڏينداسين. رليف پئڪيج ھر صورت ۾ شھرين تائين پھچائڻ گھرجي. رليف ٽائيگر فورس جوڙي رھيا آھيون، رجسٽريشن 31 مارچ کان شروع ٿيندي. رليف ٽائيگر فورس ڪورونا سبب متاثر ٿيندڙ حقدارن کي گھر گھر وڃي کاڌي پيتي جو سامان مھيا ڪندي. اسٽيٽ بينڪ ۾ ھڪ اڪائونٽ کوليو ويندو، جنھن ۾ پرڏيھ ۾ رھندڙ پاڪستاني پئسا اماڻيندا. ھن پاڪستانين کي پيغام ڏيندي اپيل ڪئي آھي ته ايندڙ ڏينھن ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ کلندڙ اڪائونٽ ۾ ڊالرز جمع ڪرايو. ڪورونا رليف فنڊ جو جلد اعلان ڪنداسين
