سنڌ ۾ دڪان شام 5 وڳي کان بند ڪرڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت اڄ کان دڪان شام جو 5 وڳي کان بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ٿيو، جنھن ۾ صحت کاتي واري وزير عذرا پيچوھو، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاھ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر بخاري، گھرو کاتي واري سيڪريٽري عثمان چاچڙ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس جا 10 سيڪڙو ڪيس مقامي منتقلي وارا آھن، اھو ھڪ خطرناڪ عمل آھي، تنھنڪري اسان فيصلو ڪيو آھي ته ريزڪي ۽ ميڊيڪل اسٽورن کي بند ڪرڻ جو وقت 3 ڪلاڪ گھٽ ڪيو وڃي، تنھنڪري ھاڻي دڪان ڇنڇر کان شام 5 وڳي بند ڪيا ويندا. اسان کي مڪمل لاڪ ڊائون بابت سوچڻو پوندو، نه ته ان تي ضابطو آڻي نه سگھنداسين. ماڻھن کي موجوده صورتحال کي سمجھڻو پوندو
