نئون

سنڌ حڪومت ميئر جا پاور استعمال نه پئي ڪري: سعيد غني

سنڌ لوڪل گورنمينٽ جي منسٽر سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جي ميئر جي شڪايت اجائي آهي سنڌ حڪومت ميئر جا پاور استعمال نه پئي ڪري. ميئر جا پاور ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشنز ۾ گراس روٽ ليول تائين ڏنل آهن انهن کي اسان استعمال نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته ميئر کي بي بنياد بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ هن کي ڪورٽ ۾ وڃڻ گهرجي. هن اهي ڳالهيون ڪي ڊي اي جي ڪارڪردگي بابت پريس ڪانفرنس دوران ڪيون. جنهن کان اڳ هن پاران واٽر بورڊ جي ايم ڊي ۽ ڪي بي سي اي جي آفيسرن سان ميٽنگ به ڪئي پريس ڪانفرنس ۾ ميٽنگ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ميٽنگ ۾ ڪي ڊي اي جا خرچ، بجيٽ ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين مسئلن تي غور ڪيو ويو ۽ انهن جي حل بابت به ڳالهايو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ڪي ڊي اي ۾ 3200 ملازم ۽ 1200 ڪانٽريڪٽ وارا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي پگهارن جي مسئلي کي حل ڪرڻ بابت به غور ڪيو ويو آهي ۽ هنن جو مسئلو حل ڪيو ويندو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بنگالين کي شهريت ڏيڻ جي معاملي کي کولي وزيراعظم پينڊورا جو باڪس کولي وڌو آهي. هن چيو ته صرف اهڙا بنگالي، برمي ۽ افغاني شهريت ڏيڻ لائق آهن جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ هتي اچي آباد ٿيا باقي اهڙا افغاني جيڪي افغانستان کان هجرت ڪري آيا ۽ يو اين جي معاهدي مطابق هتي رهيا پيا آهن انهن کي شهريت ڏيڻ هتان جي اصل رهاڪن سان ناانصافي وارو عمل هوندو.