جرمني ۾ هائيڊروجن سان هلڻ واري ريل تيار
جرمني ۾ دنيا جي سڀ کان پهرين هائيڊروجن سان هلندڙ ريل گاڏي تيار ڪئي وئي آهي. هن وقت اهڙين ٻن ٽرينن جو ڪمرشل بنيادن تي آغاز ڪيو ويو آهي. هي ٽرينون 300 ميلن جو سفر طئي ڪري سگهنديون. هائيڊروجن سان هلندڙ هي ريلون عام طريقي تي ئي ڪم ڪنديون انهن کي هائيڊروجن سان هلائڻ جو مقصد صرف ماحول دوست بنائڻ آهي. هائيڊريل نالي هن ريل ۾ هائيڊروجن سان بجلي پيدا ڪئي ويندي جنهن بجلي سان ان ريل کي هلائبو. هائيڊريل ۾ هائيڊروجن سان ڀريل هڪ ٽينڪ 300 مسافرن سان گڏ 500 ميلن جو سفر ڪري سگهندي. هن ريل کي ٺاهيندڙ ڪمپني پاران ماحول دوست ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نئين ٽرين جي اضافي کي هڪ سٺو اضافو قرار ڏنو ويو آهي. هن ڪمپني جي سي اي او چيو آهي ته هن وقت ٻه ٽرينون تيار ڪيون ويون آهن ۽ 2021 تائين اهڙيون 14 ٻيون ٽرينون تيار ڪري انهن کي به ڊيزل سان هلندڙ ٽرينن جي جاءِ تي استعمال ڪيو ويندو.