ڏڪار سٽيل ٿر ايمرجنسي امداد جو منتظر

تقريبن هڪ مهينو اڳ ٿر جي علائقي کي ڏڪار سٽيل قرار ڏنو ويو هو پر هيستائين ڪا به ايمرجنسي امداد نه پهچائي وئي آهي. ٿر جا لاڳاپيل ادارا صرف زبان خرچ ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ٿر اندر کاڌي جي شين کان علاوه صحت وارين سهولتن جي تمام گهڻي ضرورت آهي پر اتي 16 لک ماڻهن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونهي. هونئن ته ٿر جي سڄي آبادي جياپي جي جنگ وڙهي رهي آهي پر خاص طور تي اتان جون عورتون، ٻارڙا ۽ جانور وڌيڪ سخت زندگي گذاري رهيا آهن. صحافين سان ڳالهائيندي اتان جي ماڻهن چيو ته اسان جا فصل سڙي رهيا آهن کوهه سڪي ويا آهن ۽ اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي نه ئي جانورن جي چاري جي لاءِ ڪو گاهه آهي. هنن چيو ته اسان جا ڪيترائي رشتيدار ڳوٺاڻا علائقا ڇڏي هليا ويا آهن پر اسان امداد جي انتظار ۾ ويٺا آهيون. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته موجوده صورتحال ۾ وائرل انفيڪشنز خراب پاڻي سبب ٿيندڙ بيماريون ۽ غذائي کوٽ جهڙا مسئلا وڌي رهيا آهن جنهن سبب صرف هن سال 460 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن. ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته امداد ۾ ملندڙ ڪڻڪ مان اسان جا مسئلا حل نه ٿيندا، حڪومت کي صوبائي سطح تي قدم کڻندي ٿر اندر پاڻي جي سهولت کي به پورو ڪرڻ گهرجي. ٿر اندر ڪم ڪندڙ هڪ اين جي او جي سي اي او ڊاڪٽر الهنواز سمون چيو ته اسان کي ڊپ آهي ته ٿر جي موجوده صورتحال (87-1985 ۽ 2000-1999) واري صورتحال وانگر ٿي سگهي ٿي جڏهن هزارين ٿرين کي پاڻي جي کوٽ سبب مختلف بيمارين ڦٽي پوڻ سبب پنهنجا گهر ڇڏي وڃڻو پيو هو. ڏڪار هڪ اهڙي صورتحال آهي جيڪا وري وري واپس ايندي رهي ٿي. ان کي حل ڪرڻ لاءِ ڊگهي عرصي وارا پلان جوڙڻ جي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *