نئون

نيب پاران مشرف خلاف انڪوائري جو حڪم

نيب اڳوڻي جنرل ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان پرويز مشرف خلاف اختيارن جي غلط استعمال تي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. هن قسم جو فيصلو نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ميٽنگ ۾ نيب جي چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ڪيو ويو. اها هڪ دلچسپ حقيقت آهي ته نيب جو ادارو پرويز مشرف ئي ٺهرايو هو. جنهن تي مخالفن پاران الزام به هنيا ويندا رهيا آهن ته هن اداري کي مشرف پنهنجن مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ استعمال ڪيو. اهو ئي الزام بعد ۾ ايندڙ حڪومتن تي به ايندو رهيو آهي. هن وقت نيب ملڪ اندر وڏين شخصيتن خلاف تحقيقات ڪري رهيو آهي تڏهن به ان خلاف آواز اٿندا رهندا آهن. نيب پاران گذريل ڪجهه عرصي کان ملڪ جي مختلف سياستدانن خلاف ڪيس هلائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻي نيب جي نظرن ۾ مشرف جا کنيل ڪجهه اهڙا قدم به اچي ويا آهن جنهن تي انڪوائري ٿيڻي آهي. نيب پاران چيو ويو آهي ته پرويز مشرف تي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جا الزام آهن.