خوشيءَ يا پسند جون شاديون ذاتي نوعيت جا معاملا آھن، انھن تي لکڻ تبصرا ۽ انھن جون خبرون نه ھلڻ کپن، پر جڏھن معاملا زندگيءَ جي معمول کان ھٽيل ھجن ته مجبوريون ٿين ٿيون ته سماجي لقائن جي مثالن تي ٿورو لکجي ۽ رايا رکجن، ڇو ته جڏھن به ڪو معاملو وائرل ٿئي ٿو ته اھو ذاتي نه سماجي معاملو ٿي پوي ٿو، مثال ۽ حوالو بڻجي ٿو. ڀڄي شادي ڪرڻ وارا معاملا ڪيترا سنگين ٿين ٿا، انھن جي ردِ عمل ۾ ڪيترن جون زندگيون ۽ عزتون داءُ تي لڳن ٿيون؟ اھو ڳنڀير سماجي مسئلو آھي، نه ته معمول جي شادين تي ڪير ڇو لکندو؟ اھڙا وچن ٽائين ٽائين فش تڏھن ٿيندا آھن، جڏھن جذباتي عدم توازن وارو عشق فِشڪ ٿي ويندو آھي. عشق فِشڪ تڏھن ٿيندو آھي جڏھن اھو ذميدارين ۾ تبديل ناھي ٿيندو، ھڪ يا ٻنھي طرفان عشق جڏھن ٽائين ٽائين فش ٿيندو آھي ته وري وري ڀٽڪڻ واري روايت وري شروع ٿي ويندي آھي. پسند جي شادي معيارن تي طئي ٿيل شادي ھوندي آھي، ڪنھن ڌر ۾ ساڳيا معيار برقرار نه رھيا ته معاملا گڙ ٻڙ به ٿي پوندا آھن.
ديپڪ ۽ سنيتا جي شادي به ھڪ اھڙو ئي مثال ھو، جيڪا قائم رھي نه سگھي، ٻيا به اھڙا ھزارين سين سامھون آيل آھن، ٿورا ڪيس اھڙا ٿيندا آھن، جن ۾ نارين سان گھريلو ظلمن جي نتيجي ۾ اھي گھر ڇڏي ڪنھن ٻئي هنڌ پناھ وٺنديون آھن يا انھن جي جائز پسند جو خيال نه رکيو ويندو آھي يا انھن تي اھڙي پسند مڙھي ويندي آھي جيڪا انھن جي نه ھوندي آھي، نه ته گھڻائي ۾ اھڙا معاملا حوس جي ھندوري ۾ لڏڻ جي شوق جي پورائي لاءِ ماءُ، پيءُ ۽ مٽن مائٽن جي لڄن جي لتاڙ ھوندا آھن ۽ انھن جو مُحرڪ عشق جي نالي ۾ جنسي حوس جو پورائو ھوندو آھي. ڀڄي شادي ڪرڻ سستي شھرت ماڻڻ به ته شوق به آھي، نه گھڻو سامان، نه اجايو خرچ نه ڪاڄ نه ڀَت نه ئي مھمان. اھڙين شادين جا 80 سيڪڙو آخري نتيجا خطرناڪ سامھون ايندا رھندا آھن، اھڙن معاملن ۾ پوليس کي گمراھ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ويندي آھي، اغوا برائي بُري نيت جا ڪيس وقت گذرڻ سان گڏ ڪوڙا به ثابت ٿيندا آھن، پوليس اھڙا ڪيس داخل نه ڪندي آھي ته ان خلاف جذباتي نوعيت جا احتجاج به ٿيندا آھن.
نياڻي اغوا ٿي پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري جي عنوان سان وڏي ھاءِ گھوڙا ٿيندي آھي. جڏھن ته اھڙن ڪافي معاملن ۾ پوليس درست به ھوندي آھي، ڇو ته پوليس معاملن جي نوعيتن کي سڀ کان پھرين سمجھندڙ ادارو آھي، ڪٿي ته پيءُ ڌيءَ کي پاڻ سان رضا خوشي سان وٺي ويندو آھي يا نياڻي سڳي ڀاءُ جي گھر ۾ پناھ وٺندي آھي. پويان ماءُ يا پيءُ جون اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ٿينديون آھن ته نياڻي کي اغوا ڪيو ويو، منھنجو خيال آھي ته پوليس اھڙن ڪافي معاملن ۾ درست ھوندي آھي ۽ ڌريون گمراھ ڪندڙ ثابت ٿينديون آھن. بري نيت سان ڪنھن نياڻي جي اغوا جي ايف آءِ آر سنگين ترين ڏوھ جي ايف آءِ آر آھي، اھڙا معاملا جڏھن ھن طرح جا ٿي سامھون اچن ٿا ته تعجب ٿئي ٿو. نياڻين کي وڪرو ڪرڻ، انھن جون شاديون ان ڪري نه ڪرائڻ ته ان سان خانداني ملڪيتون ورھائجي وينديون، نياڻين کي سڱ چٽين ۾ ڏيڻ، جوا ۾ ھارائڻ، پيئرن جون ڌيئرن سان زيادتيون، نياڻين کي سندن پسند جو وَر نه ڏيڻ. ان کان علاوه ٻيون به کوڙ ساريون، گھريلو ۽ سماجي زيادتيون ھن معاملي ۾ سنڌي سماج مقدر آھن. انھن مڙني ڳالھين کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي، ان ڪري نياڻين طرفان گھر ڇڏي ڪو تحفظ وارو رستو ڳولڻ جا جواز به نڪرن ٿا، مگر انھيءَ باوجود اڪثر اھڙيون شاديون جذباتي بلا جواز وارا فيصلا به آھن، مجموعي طور تي اھڙيون شاديون 99 سيڪڙو زندگين جو روڳ بڻجن ٿيون، ان جا به سوين مثال سامھون اچي چڪا آھن.