بلاگ

پگهاردار طبقي تي زبردستي مڙهيل ٽئڪس جي رڪارڊ اوڳاڙي!!

اسان جي ماڻهن جو ھڪ اھڙو مائينڊ سيٽ جڙي ويو آھي ته 5 سيڪڙو اشرافيه ئي اسان جي والي وارث آهي. ملڪ به انهن جو آهي، پاور انهن وٽ آهي، پئسو انهن وٽ آهي، وسيلن جا مالڪ به اهي ئي آهن، قدرتي وسيلا ورھائڻ ۽ کپائڻ جا اختيار به انهن وٽ آهن. ملڪ جي عوام جو فيصلو هڪ پاسي، پر اشرافيه جو فيصلو ان جي مخالفت ۾ ٻئي پاسي آهي. 5 سيڪڙو اشرافيه جي من ماني ڪري، عوام هر روز نئين عذاب مان گذري ٿو، پر “ڪڇان ته ڪافر” واري ڪار سبب هو ماٺ ڪريو ويٺا آهن ۽ اشرافيه سمجھي ٿي ته اسان عوام کي چريو بڻائي مٿن ھميشه لاءِ حڪمراني ڪندا رهنداسين، پر اها سندن ڀل آهي. عوام ظلم صحيح نيٺ بيدار ٿي اٿندو جيئن بنگلاديش ۽ ڏکڻ ڪوريا جو عوام اٿيو. حقيقت ۾ طاقت جو سرچشمو عوام آھي، عوام سمجھي پيو ته حڪمران اسان جي مستقبل سان کيڏي رهيا آهن. عوام جي ٽئڪس تي پلجندڙ حڪمران زبردستي عوام مٿان ٽئڪس مڙهي خوشيءَ جو اظهار ڪندي نظر اچن ٿا.

ملازم جي پگھار ھڪ اجرت آھي، ڪا پيداوار ناھي. اجرت تي ٽئڪس ڪنھن به ملڪ ۾ ناھي، پر اسان وٽ انڌير نگري آهي جو 50 هزار کان مٿي پگهار کڻندڙ ملازمن کان زبردستي ٽئڪس اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي. ان تي هڪ قصو ياد پيو اچي ته هڪ بادشاھه قوم کي آزمائڻ خاطر وڏي مهانگائي ڪئي، پر ماڻهو احتجاج لاءِ نه اٿيا هن ماڻهن جي پُل تان گذرڻ تي ٽيڪس لاڳو ڪيو، پر ماڻهو نه جاڳيا، آخرڪار هن صبح شام هر گذرندڙ کي هڪ هڪ پادر هڻڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي ڏينهن ماڻهو گڏ ٿيا ته بادشاھه کي خوشي ٿي ته نيٺ منهنجي رعايا جاڳي آھي. سو محل مان نڪري هنن سان مخاطب ٿيو ۽ سندن مطالبو پڇيائين. تنهن تي قوم نياز مندي سان عرض ڪيو ته بادشاهه سلامت اوهان مهانگائي ڪئي اسان چپ رهياسين، اوهان پل تي ٽئڪس هنيو اسان چپ نه چوريا، اوهان پادر ھڻڻ جو پروانو جاري ڪيو تڏهن به اسان ناراض نه ٿياسين، پر بادشاھه سلامت اسان کي صبح جو سوير ڪم تي وڃڻو پوندو آهي ۽ شام جو جلدي گهر واپسي ڪرڻي پوندي آهي. اوهان جا ملازم گهٽ آهن ان ڪري وڏو وقت ذيان ٿيندو آهي اسان پريشان ٿيندا آهيون مهرباني ڪري موچڙا هڻڻ وارن جو تعداد وڌايو وڃي جيئن مهل سان ڪم ۽ ڪم کان گهر جلد پهچي سگهون اهو ئي اسان جو مطالبو آهي. اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويهي رهيو.

اهو ساڳيو ئي حال اسان جي قوم جو آھي جيئن وڻي تيئن مالڪ ڪن، پر مجال آهي جو اسان ڪڇون، جنهن سبب اشرافيه اسان کي لتاڙيندي رهي ٿي. سرڪاري ملازم جنهن جو انڪم ٽيڪس ڪٽجي ٿو انھي تي 500 رپيا پروفيشنل ٽئڪس ھر سال مئي جي مھيني جي پگھار مان ٽريزري ڪٽي سنڌ سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪندي آهي، پر ايف بي آر مطابق ملڪ جا 5 سيڪڙو امير ترين ماڻهو جن جي ملڪيت ٽرلينس ۾ آهي ٽئڪس ادا نه پيا ڪن، پر جيڪي 50 ھزار کان مٿي پگهار کڻندڙ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ٽئڪس سان گڏ ڊسمبر مھيني ۾ 2 ھزار رپيا پروفيشنل ٽئڪس ملازم تائين پگهار پھچڻ کان اڳ ڪٽجي وئي. اهڙو تماشو ڪرڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پاران هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ٽيون وڏو شعبو بڻجي ويو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي دستاويز موجب سال 24-2023 دوران پگهاردار طبقي کان 368 ارب ٽيڪس اوڳاڙيو ويو ۽ پگهاردار طبقي 23-2022 جي ڀيٽ ۾ 103 ارب 74 ڪروڙ وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو. دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ سال دوران پگهاردار طبقي کان ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 39.3 سيڪڙو واڌارو ٿيو، ڪنٽريڪٽس، بئنڪ وياج ۽ سيڪيورٽيز ٽيڪس ادائگي ٽاپ نمبر تي آهن. دستاويز موجب، ڪنٽريڪٽس وٽان 496 ارب ٽيڪس گڏ ٿيو ۽ ان شعبي ۾ 106 ارب کان وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، بئنڪن جي وياج ۽ سيڪيورٽيز جي مد ۾ 489 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو ويو. بئنڪن ۽ سيڪيورٽيز جي مد ۾ ٽيڪس ۾ ساليانو بنياد تي 52.8 سيڪڙو واڌارو ٿيو، منافعي جي ورڇ تي 70 سيڪڙو واڌ سان 145 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو. ان کانسواءِ بجلي جي بلن تي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 30 سيڪڙو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ 124 ارب رپيا حاصل ڪيا ويا. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ملڪيت جي خريداري تي 104 ارب، وڪرو تي 95 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ٿيو، ٽيلي فون بلز تي ٽيڪس وصولي ۾ 14.3 سيڪڙو واڌ سان اٽڪل 100 ارب جمع ٿيا، برآمدي شعبي 27.2 سيڪڙو واڌ سان رڳو 94 ارب ٽيڪس ادا ڪيو. ٻين ٽيڪس شعبن ۾ ٽيڪنيڪلي فيس، ڪيش ڪڍرائڻ، ڪميشن، رٽيلرز شامل آهن. افسوس ان ڳالهه تي آهي ته سياستدانن بيوروڪريٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پگهارن ۽ مراعتن تي ڪوبه ٽئڪس ناهي. جيڪڏهن 5 سيڪڙو اشرافيه ٽيڪس فري آهي ته پوءِ ننڍن ملازمن تي زبردستي ٽئڪس مڙهڻ ڪٿان جو انصاف آهي.

سپريم ڪورٽ کي فوري طور سوئوموٽو ايڪشن وٺي ملازمن کي ٽئڪس کان آجو قرار ڏنو وڃي ۽ ڪٽيل پگهارون واپس ڪرايون وڃن. ڇو ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي، دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جو بار، ملازمن جي پڙهندڙ ٻارن جون فيون ۽ ٻين خرچن جو مٿس ايترو بار آهي جو هو پنهنجي پگهار مان گذر سفر نه ڪري سگهي ۽ نه ئي گهر جو چرخو هلائي سگهي ٿو. ان جي باوجود سرڪار پاران هر ڏکئي وقت ۾ پگهارن جي ڪٽوتي به ملازمن کان ڪئي وڃي ٿي، جيڪو سراسر ظلم آهي. ان ڪري حڪومت کي ملازمن مٿان ٽئڪس جو بوجهه هٽائي سندن پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي ته جيئن کيس ڏنل ذميواري احسن طريقي سان نڀائي سگهي.