ڳائڻي ميشا شفيع جو علي ظفر تي جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام
ملڪ جي مشهور ڳائڻي ميشا شفيع اداڪار ۽ ڳائڻي علي ظفر تي جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي ڏنل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هوءَ ٻن ڌيئرن جي ماءُ آهي هن سان اهو ظلم ان مهل نه ٿيو جڏهن هوءَ انڊسٽري ۾ نئين آئي هئي، پر اهو تڏهن ٿيو جڏهن هن هڪ ڪامياب ڳائڻي طور پاڻ مڃرائي ورتو هو. ميشا شفيع پنهنجي پيغام ۾ اهو به چيو آهي ته پنهنجي حادثي بابت آواز کڻڻ سان مان معاشري ۾ موجود خاموشي کي ڀڃڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته علي ظفر هڪ کان وڌيڪ دفعا مون کي هراسان ڪيو آهي، جنهن جو مون کي گهڻو صدمو پهتو آهي ۽ هاڻي مان خاموش نه رهنديس. ميشا شفيع چيو ته پهريون دفعو هن قسم جي واقعي کانپوءِ هن پنهنجي مڙس کي ٻڌايو هو جنهن کانپوءِ ٻئي دفعي پنهنجي هڪ ساٿي دوست کي ٻڌايو. هن چيو ته جيڪڏهن توهان حق تي آهيو ته توهان لاءِ آواز اٿارڻ مشڪل نه هئڻ گهرجي. اڄڪلهه اسان پنهنجن ٻارن کي به ان قسم جي تربيت ڏيئي رهيا آهيون ته اهي به ڪنهن جي غلط ڇهاءُ تي اسان کي اطلاع ڏين ته اهڙي حالت ۾ اسان کي به ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته کيس پنهنجي آسپاس جي ماڻهن کان مدد مليل آهي ان ڪري هوءَ اڳيان آئي آهي پر هن وقت به مون کي اهو فيصلو تمام ڏکيو لڳي رهيو آهي هن قسم جي الزامن کان ڪجهه دير بعد علي ظفر به ٽوئيٽر تي هڪ بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته هو بيگناهه آهي ۽ هو ميشا شفيع کي ڪورٽ ۾ وٺي ويندو. ان کان علاوه هن چيو ته هو به مي ٽو موومينٽ جو حامي آهي ۽ ڄاڻي ٿو ته اها ڇا جي باري ۾ آهي. هن چيو ته هو سڀني الزامن جي ترديد ڪري ٿو ۽ هو هن معاملي کي ڪورٽ ۾ کڻي ويندو.

