آمريڪا جي موجوده حڪمت عملي جي هڪ اهم نقطي ۾ عرب ملڪن کي اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن قائم ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ شامل آهي ترڪي، مصر، اردن ۽ متحده عرب امارات اڳ ۾ ئي اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي نظرون سعودي عرب تي آهن. سعودي عرب جيڪو اسلامي دنيا ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو آمريڪي دٻاءُ هيٺ اچي رهيو آهي ته هو اسرائيل کي تسليم ڪري خاص ڪري موجوده حالتن ۾ جڏهن اسرائيل- حماس جنگ جاري آهي.
سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان ان سلسلي ۾ آمريڪي دٻاءُ جو جواب ڏيندي چيو هو ته “مون تي ايترو زور نه وجهو جو منهنجا ماڻهو ئي مون کي قتل ڪن.” هن بيان مان واضح ٿئي ٿو ته سعودي حڪومت کي پنهنجي اندروني عوامي راءِ ۽ اسلامي دنيا جي جذبات جو به لحاظ رکڻو پوي ٿو سعودي عوام ۽ عالم اسلام ۾ اسرائيل خلاف مضبوط جذبات موجود آهن ۽ ڪنهن به فيصلي کي انهن جذبن کان الڳ ڪرڻ ممڪن ناهي.
جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪري ٿو ته پاڪستان تي به عالمي برادري، خاص ڪري آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي طرفان دٻاءُ وڌي سگهي ٿو ته هو پڻ اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا قائم ڪري. پاڪستان جي تاريخي حيثيت ۽ اسلامي دنيا ۾ ان جي هڪ اهم حيثيت کي نظر ۾ رکندي، اهو فيصلو پاڪستان لاءِ تمام پيچيده ٿي سگهي ٿو.
پاڪستان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا اڃان تائين قائم ناهن ۽ ان جي عوامي راءِ پڻ اسرائيل مخالف رهي آهي. پاڪستان جي حڪومت کي ان سلسلي ۾ تمام سوچ ويچار ڪرڻي پوندي ته ڇا اهڙو ڪو فيصلو ملڪ جي اندروني ۽ خارجي حالتن کي نظر ۾ رکندي صحيح آهي يا نه جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪري ٿو ته اهو پاڪستان تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، پر اها فيصلي جي لاءِ پاڪستان جي سياسي قيادت کي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهڻو پوندو.
سعودي عرب تي آمريڪي دٻاءُ هڪ اهم عنصر بڻجي چڪو آهي ته هو اسرائيل کي تسليم ڪري جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪري ٿو ته اهو باقي اسلامي ملڪن لاءِ به نئين حڪمت عملي جو آغاز ٿي سگهي ٿو خاص ڪري پاڪستان لاءِ. تازو اسرائيل مان اشارا مليا آهن ته جيڪڏهن ڪو پاڪستان اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪري سگهي ٿو ته اهو فيصلو عمران خان جي حڪومت ۾ ئي ممڪن آهي.
عمران خان ۽ اسرائيل سان لاڳاپا: اسرائيلي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته عمران خان جي وسيع عوامي مقبوليت کيس اهڙا حساس ۽ اهم فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ڏي ٿي، جيڪي پاڪستاني عوام جي اڪثريت قبول ڪري سگهي ٿي. عمران خان پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ مقبول سياسي شخصيت آهي ۽ هن جا فيصلا عوام تي اثر انداز ٿين ٿا جيڪڏهن اسرائيل سان تعلقات قائم ڪرڻ جو ڪو امڪان آهي ته اهو صرف عمران خان جهڙي ليڊر سان ممڪن ٿي سگهي ٿو جيڪو پنهنجي مقبوليت کي استعمال ڪندي حساس مسئلن تي قدم کڻي سگهي ٿو.
تازو آمريڪا ۾ عمران خان جي حق ۾ هڪ قرارداد پڻ پاس ڪئي وئي، جيڪا آمريڪي سياسي حلقن ۾ سندس اهميت کي ظاهر ڪري ٿي آمريڪا انهن پارٽين ۽ ليڊرن کي ترجيح ڏئي ٿو، جيڪي پنهنجي عوامي مقبوليت سبب سخت ۽ حساس فيصلا ڪرائڻ جي صلاحيت رکندا آهن. آمريڪا جي ڪوشش هميشه اها رهي آهي ته اسرائيل کي اسلامي ملڪن کان تسليم ڪرايو وڃي ۽ عمران خان کي هن سلسلي ۾ هڪ مناسب شخصيت سمجهيو وڃي ٿو.
پر عمران خان پاڻ پاڪستان جي اندر سياسي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل آهي. موجوده حالتن ۾ سندس حڪمت عملي ۽ سياسي حيثيت ۾ واضح ڦير ڦار ٿي چڪي آهي. خان جي خلاف ڪيترائي ڪيس ۽ رڪاوٽون آهن جيڪي هن کي حڪومت جي اهم فيصلا سازي کان پري رکڻ چاهين ٿيون جيڪڏهن عمران خان پنهنجي سياسي بحران مان نڪري ٿو ته شايد هو پاڪستان ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت قدم کڻي سگهي ٿو، پر موجوده حالتن ۾ اهو فيصلو ڏکيو لڳي ٿو جيڪڏهن پاڪستان اسرائيل سان سفارتي تعلقات قائم ڪري ٿو ته ان جا ملڪ جي اندروني ۽ خارجي حالتن تي اهم اثر ٿي سگهن ٿا.
فلسطين تي ٿيندڙ ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي هڪ اهڙو الميو آهي جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي معصوم فلسطيني شهرين جو قتل عام ۽ ظلم ناقابلِ برداشت آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته عرب ملڪ جيڪي فلسطين جي تحفظ لاءِ مضبوط ڪردار ادا ڪري سگهيا ٿي، انهي ۾ ناڪام ويا آهن هن خطي ۾ ٿيندڙ انسانيت سوز ڪارروائيون ۽ جنگي قانونن جي خلاف ورزيون عالمي لاڳاپن لاءِ به ڳڻتي جو سبب آهن.
جيڪڏهن تاريخي پسمنظر ڏسجي ته هن علائقي ۾ نه رڳو فلسطينين ۽ يهودين سان ظلم ٿيو آهي، پر مختلف دورن ۾ مسلمان ۽ يهودي ٻئي ئي ظلم جو شڪار رهيا آهن.
1948ع ۾ اسرائيل جي قيام کان اڳ جڏهن برطانيا فلسطين تي حڪمراني ڪري رهيو هو تڏهن برطانيه سان عربن خاص طور تي حجاز جا شريف آف مڪه پڻ معاهدا ڪيا. شريف آف مڪه خلافت عثمانيه خلاف بغاوت ۾ برطانيه جي مدد ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ خلافت زوال پذير ٿي ۽ يهودين جي لاءِ فلسطين ۾ آباد ٿيڻ جا دروازا کلي ويا. انهي سموري عمل ۾ عربن جو سياسي مفاد ئي وڌيڪ اهم رهيو انهي دور ۾ هندستان جي مسلمانن ۾ به فرقي واري سياست هئي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ برطانيا جي حامي هئي ان دور ۾ جڏهن اسرائيل جو قيام هڪ امڪان بڻجي چڪو هو، تڏهن ڪنهن به مسلم ملڪ طرفان ڪو اثرائتو رد عمل نه آيو اڄ جي صورتحال ۾ به عرب ملڪن ۾ فلسطين لاءِ گڏيل طور تي مضبوط موقف اپنائڻ ۽ مسئلو حل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي ڏٺي وئي، فلسطين ۽ اسرائيل جو مسئلو مسلسل جنگ ۽ قتل عام سان حل نه ٿيندو معصوم شهرين کي مارڻ ۽ مقابلو ڪرڻ سان سواءِ انساني المين جي ڪجهه حاصل نه ٿيندو عرب ملڪن جي عدم يڪجهتي ۽ فلسطين کي تحفظ ڏيڻ ۾ سندن ناڪامي خطي جي مظلوم شهرين جي تڪليفن ۾ اضافو ڪيو آهي. جيڪڏهن عرب ملڪن وٽ واقعي فيصلو ڪندڙ قابليت هجي ها ته اهي گڏجي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن ها، پر بدقسمتي سان، تاريخ ۾ هميشه ائين نه ٿيو. مسئلي جو حقيقي حل جنگ يا تشدد ۾ نه، پر ڳالهين ۽ سياسي سفارتڪاريءَ ۾ آهي مسلمان ملڪن کي گڏجي اسرائيل سان ڳالهين جي ميز تي ويهڻ گهرجي ته جيئن هڪ مستقل حل نڪري سگهي. اسرائيل جي قيام کان وٺي اڄ تائين هر جنگ هر اڻبڻت رڳو خونريزي ۽ تڪرار کي وڌايو آهي، پر ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
نتيجو اهو آهي ته جيڪڏهن تاريخ مان سبق سکڻ ضروري آهي ته اهو آهي ته مذهبي سياسي ۽ معاشي مفادن کان مٿانهون ٿي گڏيل طور تي فلسطين جي مظلوم عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ هڪ اهڙو حل ڳولڻو پوندو جيڪو ٻنهي قومن فلسطينين ۽ اسرائيلين لاءِ قابلِ قبول هجي.
پاڪستان جي حڪومت ۽ مختلف سياسي حلقن عوام اندر فلسطين-اسرائيل مسئلي تي پروپيگنڊا ڪئي آهي، جنهن جو مقصد عوامي جذبات کي ڀڙڪائڻ ۽ مسئلي کي هڪ طرفو طور پيش ڪرڻ آهي. اڪثر ڪري مسئلي کي جذباتي ۽ مذهبي بنيادن تي اجاگر ڪيو وڃي ٿو، پر تاريخي حقيقتون ڪافي مختلف آهن تاريخ واضح آهي ته فلسطين ۽ اسرائيل جي صورتحال ۾ صرف هڪ پارٽي ذميوار نه آهي ۽ ڪيترن ئي مسلمان اڳواڻن ۽ ملڪن جي غلطيون پڻ مسئلي کي اڄ تائين مسئلي کي وڌائي رهيون آهن.
پاڪستان سميت دنيا جا ڪجھ ملڪ ۽ حڪومتون ڪوششون ڪن ٿيون ته عوامي راءِ کي هڪ مخصوص رخ ۾ موڙين پر تاريخي حقيقتون واضح آهن ته فلسطين جو مسئلو هڪ پيچيده تڪرار آهي جنهن ۾ مختلف ڌرين جا مفاد ۽ غلط فيصلا شامل آهن. تاريخ مان سکي سگهجي ٿو ته مسلسل جنگ ۽ مذهبي جذبات کي ڀڙڪائڻ مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ خراب ڪري ٿو.
تاريخي نقطي نظر ۽ موجوده صورت حال ۾ مان ذاتي طور سمجهان ٿو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو عمل صحيح سمت ۾ قدم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ان سان خطي ۾ استحڪام ۽ مضبوطي اچي سگهي ٿي، جنگ جا امڪان گهٽجي سگهن ٿا ۽ دهشتگردي ۾ پڻ ڪمي ٿي سگهي ٿي. ڏهاڪن کان جاري فلسطين- اسرائيل تڪرار هڪ سنگين مسئلو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسلامي ملڪن پاران اسرائيل کي تسليم ڪيو وڃي ٿو ته شايد هي مسئلو حل ٿي سگهي.