ايڊيٽوريلخاصنئون

غزه اسرائيل جنگ عالمي امن کي خطرو

فلسطين جي آزاديءَ جي جنگ جيڪا ڪيترن سالن کان جاري آهي ۽ هن وقت غزه اسرائيل جنگ جي ڪري وچ اوڀر جي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ ان جي پکيڙ وڌي رهي آهي. 7 آڪٽوبر 2023 کان شروع ٿيل انساني الميو ڪٿي به بس نه ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف اسرائيل جنگ کي لبنان ۽ يمن تائين پکيڙي ڇڏيو آهي. انساني تاريخ ۾ جنگين جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو پئي رهيو آهي، پر موجوده جنگ ۾ روايتي هٿيارن کان وٺي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ٿي رهي آهي. هڪ طرح اها سائبر وار پڻ آهي. اسرائيل حماس جنگ 7 آڪٽوبر کان اسرائيل تي حملي کان شروع ٿي آهي. هيستائين 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو جن ۾ ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن، پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي چڪا آهن. غزه جي ان جنگ ۾ عام شهري ماريا ويا آهن، انهيءَ ڏينهن کان وٺي جڏهن حماس جي حملي کانپوءِ خطي ۾ هڪ مڪمل جنگ ڇڙيل آهي. انهيءَ جنگ کي هڪ سال پورو ٿيڻ جي ويجهو آهي. شروع کان وٺي هيستائين اسرائيل تي حزب الله، يمن جي باغين ۽ حماس حملا ڪيا آهن، پر اسرائيل به لاڳيتو ويڙهه جي حالت ۾ آهي. فلسطينين جي آزاد وطن جو سوال وچ اوڀر ۾ جنگين کي جنم ڏيندو رهيو  آهي. عالمي طاقتون، عرب رياستون ۽ ايران جيڪڏهن چاهين ته مني صديءَ کان دربدر فلسطينين کي انهن جي زمين تي پنهنجو وطن ٺهي ملي سگهي ٿو، پر لڳي ٿو ته رياستن ۽ حڪومتن جا پنهنجا مفاد آهن، جنهن جي ڪري فلسطين جو مسئلو حل نٿو ٿئي، جيستائين فلسطينين کي پنهنجو وطن نٿو ملي تيستائين خطي ۾ حالتون بهتر نه ٿينديون. اهو سڀ عالمي طاقتون سمجهن ٿيون ۽ پاڙيسري رياستون به، پر لڳي ائين ٿو ته انهن سڀني ڄڻ امن جي جاءِ تي جنگ کي ترجيح ڏني آهي. موجوده جنگ جيڪا حماس شروع ڪئي آهي انهيءَ ويڙهه جي سلسلي ۾ اسرائيل جو جواب حيران ڪندڙ آهي. اسرائيل جنگ کي روايتي هٿيارن کي استعمال ڪندي جنگ کي سائبر وار ۾ تبديل ڪري چڪو آهي. حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه کي ايران جي سر زمين تي تڏهن نشانو بڻايو ويو، جڏهن اهو نئين ايراني صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو. تازو لبنان ۾ حزب الله جي طاقتور اڳواڻ حسن نصرالله کي ساٿي ڪمانڊرن ۽ سندس ڌيءَ سميت شهيد ڪيو ويو آهي. جنگي ماهرن مطابق هڪ نظريو اهو به آهي ته اسرائيل حزب الله کي 7 آڪٽوبر جي حماس حملي جي تقريبن هڪ سال  پوري ٿيڻ تي حزب الله ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ دشمني جي تناظر ۾ هڪ تباهه ڪن پيغام اماڻيو آهي. ان دوران ايئن به ٿيو جو لبنان ۾ هزارن جي تعداد ۾ پيجرز ۽ واڪي ٽاڪيز ڦاٽي پيا جنهن ۾ هزارين ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ 37 ماڻهن پنهنجي قيمتي جان وڃائي ويٺا. سال 2024 ۾ پيجرز ۽ واڪي ٽاڪيز ڊوائيسز حملو هيستائين ٿيل جنگين ۾ پنهنجي نوعيت جو الڳ واقعو آهي. جديد ٽيڪنالاجي جيئن آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ٻيون ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز هن جنگ ۾ استعمال ٿي رهيون آهن. جنگ جيڪا علائقي ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي. غزه، اسرائيل، لبنان، ايران ۽ يمن انهيءَ جنگ ۾ ويڙهجي ويا آهن. انساني ارتقا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جنگيون مسئلن جون حل ڪونه آهن. گذريل صديءَ ۾ دنيا پهرين ۽ ٻي عالمگير جنگ ڀوڳي چڪي آهي ۽ انهيءَ دوران جاپان جا ٻه شهر ائٽمي حملي جو شڪار ٿي چڪا آهن. عالمي طاقتون ۽ وچ اوڀر جا ملڪ ان خيال جا حامي آهن ته غزه ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگ بندي ٿئي. قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ انهيءَ سلسلي ۾ مذاڪرات پڻ ٿيا آهن، جيڪي اڳتي نه وڌي سگهيا آهن. تازو آمريڪا جنگ ۾ شامل سڀني ڌرين سان صلاح ڪندي، 21 ڏينهن جي جنگ بندي جي ڳالهه ڪئي آهي، پر لڳي ٿو ته اسرائيل جنگ بندي لاءِ تيار ناهي ۽ غزه ۽ اسرائيل جنگ ۾ نئون موڙ اهو آهي ته اسرائيل لبنان تي زميني حملي جي تياري ڪري رهيو آهي. وچ اوڀر جا مسئلا تڏهن  شروع ٿيا آهن جڏهن 1948ع ۾ اسرائيل جو قيام عمل ۾ آيو. جيئن ته سڀ ڄاڻن ٿا ته اسرائيل هڪ يهودي مذهبي رياست آهي، نتيجي ۾ پاڙيسري عرب رياستن ۾ جن جو مذهب اسلام آهي، انهن به پنهنجي عقيدي تي زور ڏنو آهي. اسرائيل جي رياست جي قيام کانپوءِ خطي ۾ جيئن ته وڏي هلچل جو آغاز ٿيو ۽ جنگين جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو پڻ شروع ٿيو، جنهن جو موجوده مثال غزه اسرائيل جنگ آهي جيڪا تيزيءَ سان خطي جي ٻين ملڪن ڏانهن پکڙجي رهي آهي. جيڪڏهن اها جنگ ايران تائين اچي پهتي ته انهيءَ جا اثر اسان جي ملڪ پاڪستان تي پڻ پوندا، انهيءَ ڪري سڀ ساڃاهه وند ماڻهو ۽ سڄي دنيا جي سول سوسائٽي پنهنجي تحريرن، رپورٽن، اخبارن ۽ ٽيليويزن تي انهيءَ جنگ جي مذمت ڪري رهي آهي، جنهن 40 هزار کان مٿي ماڻهن جي جان ورتي آهي. مغربي جمهوريتن ۾ عوام سراپا احتجاج آهي ۽ اسرائيل جي زيادتين جي خلاف مغربي ملڪن ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن. اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ نيٺ ايران کي به پنهنجي چپ کي ٽوڙڻو پيو ۽ هن اسرائيل جي شهر تل ابيب تي 200 بيلسٽڪ ميزائيل اڇلائي جوابي ڪارروائي ڪئي آهي. اها صورتحال سڄي دنيا جي لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي آهي. دنيا ٻن عالمي جنگين جا نتيجا ڀوڳي چڪي آهي، جيڪي سواءِ تباهي ۽ برباديءَ جي ٻيو ڪجهه به نه ڏئي سگهيون. هينئر به اسرائيل ۽ غزه جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ طاقتور ملڪن کي گڏجي اسرائيلي ۽ فلسطيني قيادت کي ڪنهن هڪ نقطي تي اتفاق ڪرڻ لاءِ ڳالهين لاءِ گڏجي ويهارڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ان پراڻي مسئلي کي ڳالهين سان حل ڪري دنيا کي امن جي طرف وٺي وڃجي ۽ دنيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور کي شروع ڪري سگهجي.

اسرائيل ۽ غزه جنگ جي تناظر ۾ ٻه ڳالهيون ضروري آهن ته خطي ۾ عسڪريت پسندي کي ختم ڪيو وڃي ۽ خطي جا سڀئي ملڪ جيئن ته تيل ۽ دولت سان مالا مال آهن انهيءَ ڪري اهي جنگين جا خرچ برداشت ڪري رهيا آهن، پر ٿيڻ ايئن گهرجي ته انهيءَ تيل مان حاصل ٿيل دولت خطي جي ڀلائي لاءِ خرچ ڪئي وڃي. هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته وچ اوڀر ۾ جيڪا ڇڪتاڻ آهي انهيءَ جو حل آزاد فلسطين ۾ آهي. عرب رياستن ۽ اسرائيل سميت دنيا جو اهو فرض آهي ته سڄي دنيا ۾ پکڙيل بي گهر فلسطينين کي پنهنجي وطن ۾ وسايو وڃي. هڪ مستحڪم آزاد فلسطيني رياست ئي وچ اوڀر جي مسئلي جو دائمي حل آهي، ان لاءِ سڀني عرب ملڪن کي ۽ طاقتور ڌرين کي جنهن ۾ آمريڪا شامل آهي گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ دنيا کي ٽين عالمي جنگ جي خطر کان بچائڻ جي طرف قدم کڻڻ گهرجي.

***